تاڙو (Indian Cuckoo): هيءُ پکي اڪثر مينھوڳيءَ ۾ ڏسبو آهي. ڪال ڪڻڇيءَ کان سوايو ٿئي ٿو، ان جا پڇ به انھيءَ کان ڊگهو ٿئي ٿو. رنگ جو ڪارسرو آهي، پر ان جا پاسن ۽ پڇ وارا ڪي کنڀ ڪٻر وانگر اڇا ٿين ٿا. مِينھن جي مند ۾ تنواريندو رهندو آهي. تاڙي کي ”سانگ“، ”ٻاٻيھو“ ۽ مينھل يا ”مينھڻ“ به سڏيندا آهن. رات ڏينھن مينھن وسڻ جي لات لنوندو آهي. تاڙي جي تنوار ٻڌي چوندا آهن ته ”تاڙي هاڻ تنواريو آهي، ڄاڻ مينھن آيو.“ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آهي ته سنسڪرت جي ادب ۾ هن پکيءَ جو وڏو وستار آهي ۽ چيل آهي ته اُهو هميشه مِينھن جي ڦڙن تي گذران ڪندو آهي ۽ تر جيتري به گرمي سھي نه سگهندو آهي. هن پکيءَ کي هنديءَ ۾ چانڪ ۽ ’پپيھا‘ چوندا آهن. لطيف سائينءَ تاڙي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي: مُند ٿي مَنڊلَ مَنڊيا، تاڙي ڪِي تَنوارِ، هارِينِ هَرَ سنباهيا، سَرَها ٿيا سنگهار، اَڄ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويس ڪيا.