تاڙي

تاڙي(Toddy Palm Juice):کجيءَ جو رَسُ يا کير، جيڪو نشيدار هوندو آهي. کجين جي ٿڙ کي ڌڪ هڻڻ سان هڪ پاڻياٺ آهستي آهستي نڪرندي آهي. هي شراب جو ديسي قسم آهي. جنهن کي عربيءَ ۾ ’نبيذالنخل‘ ۽ فارسي ۾ ’طاري‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’تاڙي‘ چوندا آهن. هن جو اثر تمام ٿڌو ۽ دماغ کي ڇيهو رسائيندڙ آهي. کجين جي وڻن جي ٿڙن کي جهير يا ڌڪ هڻڻ سان آهستي آهستي رس ڳڙندو آهي، جو گڏ ڪري گهڻو وقت رکڻ سان نشيدار مادو ٿي پوندو آهي. هي شراب ذائقي ۾ مٺو هوندو آهي ۽ هي حڪمت ۾ ڪم اچي ٿو. سنڌ ۾ تاڙيءَ جي کپت تمام گهٽ آهي، سرڪاري طرح تاڙي ٺاهڻ جي ڪابہ بَٺي نہ آهي ۽ تاڙي نجي کجين جي وڻن مان پاڻيٺ ڪڍي ٺاهي وڃي ٿي، کجين جي وڻن مان پاڻيٺ ڪڍڻ ۽ پيدائش وڪڻڻ جو ٺيڪو مقامي مالڪ ساليانو ڏيندا آهن، ان ڪري تاڙي وڪڻڻ لاءِ مختياري ڏنل ڪجهہ دڪان ڪراچي شھر ۾ آهن، تاڙي کپائڻ جو مقرر اگهہ نہ آهي.


لفظ تاڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


شراب جو قسم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاڙي
شراب جو قسم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون