تاڪِي

تاڪِي: در يا دروازي جي ٻن تاڪن يا تختن مان هر هڪ کي تاڪ (طاق) يا ’تاڪي‘ چئبو آهي. سنڌ ۾ هڪڙا در هڪ تاڪي ٿيندا آهن ۽ ٻيا ٻہ تاڪيا ٿيندا آهن. ڪاٺين جي سنهين تاڪين سان جڙيل دروازن کي ’ٻرٽاوان در‘ بہ چئبو آهي، پر اُهي مال جي واڙي يا ننڍڙي مسجد/کروت وغيرہ کي ڏنل ٿيندا آهن. ’تاڪ‘ ۽ ’تاڪي‘ لفظ جي اهميت کي شاھہ لطيف بہ ڳايو آهي:
ڪڏهن ’تاڪيون‘ ڏين، ڪڏهن کلن در دوست جا،
ڪڏهن اچان، اچڻ نہ لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نين،
اهڙا ئي آهين، سڄڻ منهنجا سپرين!
- تاڪي، کوهن يا واٽر ڪورسن جي کاٽيءَ وقت ماپ لاءِ استعمال ٿيندڙ تختيءَ کي بہ چئبو آهي. گيھہ ۽ تيل وجهڻ لاءِ سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي ۾ چم جي دٻي ڪم آندي ويندي آهي، ان کي بہ ’تاڪي‘ چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو