تبريز

تبريز

تبريز

تبريز: ايران جو هڪ قديم شھر جيڪو تھران کان 628 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اولھہ ۾ واقع آهي. هي علائقو قديم دور ۾ ايشيا ۽ يورپ جي وچ۾ تجارتي مرڪز هو، جديد دؤر ۾ هتي قالين سازي ۽ چمڙي سازيءَ جا تمام وڏا ڪارخانا موجود آهن. تبريز جي يونيورسٽي، تھران يونيورسٽي کان پوءِ ايران جي قديم ترين يونيورسٽيءَ آهي. هتي شديد زلزلن جي باوجود قديم عمارتون موجود آهن، جن ۾ 15 صديءَ جي مسجد ازرق پڻ شامل آهي. تقريباً 1500ع ۾ ايرانين هي شھر ترڪن کان حاصل ڪيو. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ روس هن شھر تي قبضو ڪيو هو. هن وقت هي شھر ايران ۾ موجود آهي. تبريز شھر وڏن وڏن عالمن، فاضلن ۽ شاعر جھڙوڪ: انوري، خاقاني، ظھير فاريابي ۽ شمس تبريزيءَ جي ڪري تمام گهڻو مشھور آهي.


لفظ تبريزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو