تبريزي  شمس الدين

تبريزي شمس الدين

تبريزي شمس الدين

تبريزي، شمس الدين: شمس الدين تبريزيءَ بن علي بن ملڪ داد تبريزي هڪ باڪمال درويش ۽ خدا جو برگزيده شخص ٿي گذريو آهي، سندس ولادت جي تاريخ جي خبر نه آهي. چيو وڃي ٿو ته شمس تبريز، گھمندي گھمندي جڏهن 642هه /1244ع ۾ روم جي شهر قونيه پهتو. اتي کيس هڪ عالم مولانا جلال الدين رومي مليو. شمس تبريزيءَ، روميءَ جي علم کي مدِ نظر رکندي کيس درويشانه طبيعت ڏي مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر روميءَ علمي بلنديءَ جي ڪري هن ڏي ڪو توجهه نه ڏنو، شمس تبريز هڪ ڏينهن پنهنجي ڪرامت ڏيکارڻ ۽ مولانا رومي مان وڏائي ۽ تڪبر ختم ڪرڻ لاءِ مولانا روم وٽ آيو ۽ علمي خزاني سان ڀريل صندوق کڻي وڃي درياهه ۾ اڇلايائين. اهو لقاءُ ڏسي مولانا روميءَ دانهن ڪري چيو، ”افسوس منهنجي سڄي محنت تباهه ڪري ڇڏيئي“. اهو ٻڌندي ئي شمس تبريزيءَ درياهه مان صندوق واپس ڪڍي مولانا روميءَ کي ڏني، مولانا رومي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ ڇو ته درياهه ۾ اڇلائڻ ۽ ڪڍڻ بعد صندوق ذري به آلي نه هئي، مولانا روميءَ کي حقيقت جو اعتراف ٿيو ۽ ان واقعي بعد هو حضرت شمس تبريزيءَ جو معتقد ٿي ويو ۽ سندس قدمن تي ڪري پيو، ان تي شمس تبريزيءَ کيس پنهنجي سيني سان لاتو. حضرت شمس الدين بن علي بن ملڪ داد تبريزي جي شخصيت درويشان هئي ۽ فنا في الله ۽ بقا بالله جون منزلون طئي ڪري چڪو هو. ظاهري طرح تمام گھڻو ضعيف ۽ نحيف شخص هو، پر سندس بيان ۾ ڪشش ۽ شخصيت ۾ جاذبيت هئي، وقت جا حاڪم، عالم ۽ درويش هن سان ملاقات بيتاب رهندا هئا، مولانا روميءَ جي زندگيءَ ۾ شمس تبريزي عالمانه رويي سان گڏوگڏ درويشاڻيءَ کي به شامل ڪري ڇڏيو، پر اها ڳالهه ڪن ماڻهن کان برداشت نه ٿي ۽ اهي شمس تبريزيءَ لاءِ مصيبت بڻجي ويا ۽ هن بزرگ هستيءَ کي طرحين طرحين جون تڪليفون ڏيڻ لڳا. جن ۾ مولانا روميءَ جو پٽ به شامل هو. نيٺ اچي تڪليفون ڏسي شمس تبريزي قونيه ڇڏي هليو ويو. اها به روايت آهي ته حضرت شمس تبريزي ۽ مولانا رومي جون گڏجاڻيون جن شر پسندن کي ناگوار لڳيون هيون، تن حضرت شمس تبريزي کي اغوا ڪرڻ بعد ۾ شهيد ڪري ڇڏيو. ان واقعي کان پوءِ مولانا روميءَ کي ڪڏهن به سک نه آيو ۽ هميشه ڏکارو ۽ غمگين رهندو هو. حضرت شمس تبريز اعليٰ درجي جو شاعر پڻ هو. سندس ڪلام ”ڪليات شمس تبريزي“ جي نالي منشي نول ڪشور پريس بمبئيءَ مان 1867ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا ٻه ڇاپا بعد ۾ به شايع ٿيا. ڪجهه سال اڳ سندس ڪليات ايران مان پڻ شايع ٿي آهي. سندس ڪليات ۾ تقريباً اسي هزار شعر موجود آهن. جن مان پنجاهه سيڪڙو حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي شان ۾ منقبتون ۽ قصيدا آهن ۽ باقي پنجاهه سيڪڙو ڪلام ناصحانه، رمزن ۽ فنا في الله ۽ بقا بالله جي عنوانن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو