
تبريزي شمس الدين
تبريزي، شمس الدين: شمس الدين تبريزيءَ بن علي بن ملڪ داد تبريزي هڪ باڪمال درويش ۽ خدا جو برگزيده شخص ٿي گذريو آهي، سندس ولادت جي تاريخ جي خبر نہ آهي. چيو وڃي ٿو تہ شمس تبريز، گهمندي گهمندي جڏهن 642ھہ /1244ع ۾ روم جي شھر قونيه پهتو. اتي کيس هڪ عالم مولانا جلال الدين رومي مليو. شمس تبريزيءَ، روميءَ جي علم کي مدِ نظر رکندي کيس درويشانه طبيعت ڏي مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر روميءَ علمي بلنديءَ جي ڪري هن ڏي ڪو توجھہ نہ ڏنو، شمس تبريز هڪ ڏينهن پنھنجي ڪرامت ڏيکارڻ ۽ مولانا رومي مان وڏائي ۽ تڪبر ختم ڪرڻ لاءِ مولانا روم وٽ آيو ۽ علمي خزاني سان ڀريل صندوق کڻي وڃي درياھہ ۾ اڇلايائين. اهو لقاءُ ڏسي مولانا روميءَ دانهن ڪري چيو، ”افسوس منهنجي سڄي محنت تباھہ ڪري ڇڏيئي“. اهو ٻڌندي ئي شمس تبريزيءَ درياھہ مان صندوق واپس ڪڍي مولانا روميءَ کي ڏني، مولانا رومي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ ڇو تہ درياھہ ۾ اڇلائڻ ۽ ڪڍڻ بعد صندوق ذري بہ آلي نہ هئي، مولانا روميءَ کي حقيقت جو اعتراف ٿيو ۽ ان واقعي بعد هو حضرت شمس تبريزيءَ جو معتقد ٿي ويو ۽ سندس قدمن تي ڪري پيو، ان تي شمس تبريزيءَ کيس پنھنجي سيني سان لاتو. حضرت شمس الدين بن علي بن ملڪ داد تبريزي جي شخصيت درويشان هئي ۽ فنا في ﷲ ۽ بقا بالله جون منزلون طئي ڪري چڪو هو. ظاهري طرح تمام گهڻو ضعيف ۽ نحيف شخص هو، پر سندس بيان ۾ ڪشش ۽ شخصيت ۾ جاذبيت هئي، وقت جا حاڪم، عالم ۽ درويش هن سان ملاقات بيتاب رهندا هئا، مولانا روميءَ جي زندگيءَ ۾ شمس تبريزي عالمانه رويي سان گڏوگڏ درويشاڻيءَ کي بہ شامل ڪري ڇڏيو، پر اها ڳالھہ ڪن ماڻهن کان برداشت نہ ٿي ۽ اهي شمس تبريزيءَ لاءِ مصيبت بڻجي ويا ۽ هن بزرگ هستيءَ کي طرحين طرحين جون تڪليفون ڏيڻ لڳا. جن ۾ مولانا روميءَ جو پٽ بہ شامل هو. نيٺ اچي تڪليفون ڏسي شمس تبريزي قونيه ڇڏي هليو ويو. اها بہ روايت آهي تہ حضرت شمس تبريزي ۽ مولانا رومي جون گڏجاڻيون جن شر پسندن کي ناگوار لڳيون هيون، تن حضرت شمس تبريزي کي اغوا ڪرڻ بعد ۾ شھيد ڪري ڇڏيو. ان واقعي کان پوءِ مولانا روميءَ کي ڪڏهن بہ سک نہ آيو ۽ هميشہ ڏکارو ۽ غمگين رهندو هو. حضرت شمس تبريز اعليٰ درجي جو شاعر پڻ هو. سندس ڪلام ”ڪليات شمس تبريزي“ جي نالي منشي نول ڪشور پريس بمبئيءَ مان 1867ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا ٻہ ڇاپا بعد ۾ بہ شايع ٿيا. ڪجهہ سال اڳ سندس ڪليات ايران مان پڻ شايع ٿي آهي. سندس ڪليات ۾ تقريباً اسي هزار شعر موجود آهن. جن مان پنجاھہ سيڪڙو حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام جي شان ۾ منقبتون ۽ قصيدا آهن ۽ باقي پنجاھہ سيڪڙو ڪلام ناصحانه، رمزن ۽ فنا في ﷲ ۽ بقا بالله جي عنوانن تي مشتمل آهي.