تبسم صوفي

تبسم صوفي

تبسم صوفي

تبسم صوفي: مشھور شاعر صوفي تبسم 4 آگسٽ 1899ع تي امر تسر ۾ جنم ورتو، هن جو اصل نالو غلام مصطفيٰ ولد صوفي غلام رسول هو. هو شاعري ۾ ”تبسم“ تخلص اختيار ڪندو هو. فارسيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ کا پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ تدريس جي شعبي سان وابستہ رهيو. کيس اردو، پنجابي ۽ فارسي زبانن تي عبور حاصل هو. هو گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ صدر شعبه فارسي چيئرمين پاڪستان آرٽس ڪائونسل، نائب صدر اقبال اڪيڊميءَ سان گڏوگڏ رسالي ’ليل و نهار‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس تصنيف ٿيل ڪتابن ۾: (1) انجمن (غزل)، (2) چهوٽي بچون ڪي ليي نظمين (شاعري)، (3) انتخاب ڪلام اقبال (شاعري)، (4) نقش اقبال (نثر)، (5) ٽوٽ بٽوٽ (نظم)، (6) مسلمانون ڪا علم جغرافيہ اور شوق حيات (7) جاھہ و جلال (ڊرامو)، (8) روح غالب (9). دو ناٽڪ (پنجابيءَ ۾)، (10) حڪمت قرآن، (11) ڪليات طغرائي (تدوين)، (12) صد شعر اقبال، (13) دامن دل (1986ع) وغيرہ آهن. هن صحافتي دنيا ۾ خوب پاڻ ملهايو. رسالي ليل و نهار جو 1961ع کان 1963ع تائين ايڊيٽر رهيو. کيس 1963ع ۾ ’حسن ڪارڪردگيءَ‘ جو صدارتي اوارڊ، 1967ع ۾ ستارہ امتياز، حڪومت ايران طرفان نشان فضيلت ۽ ٽوٽ بٽوٽ تي ادبي انعام مليل آهن. 7 فيبروري 1978ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو