تبسم  عبدالغفار ڀٽي

تبسم عبدالغفار ڀٽي

تبسم عبدالغفار ڀٽي

تبسم، عبدالغفار ڀٽي: سنڌ جو مشھور شاعر عبدالغفار’تبسم‘ ولد قادربخش ڀٽي 20 نومبر 1951ع تي ميرپور ڀٽي، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ ورتائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان 1966ع ۾، بي.ا ي ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾ ۽ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1974ع ۾ نمايان نمبرن ۾ حاصل ڪيائين. هيءُ 1972ع ۾ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، 1974ع ۾ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا سٽوڊنٽس فيڊريشن لاڙڪاڻي جو نائب صدر، ادبي سوسائٽي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن نئين ديري جو باني، ڊراماٽڪ سوسائٽي نئين ديري جو صدر ۽ سرپرست بہ رهيو آهي. هن ڪيترن ئي ٽي. وي ڊرامن ۾ ’هيرو‘ جو رول ادا ڪيو اٿس، ڪيترين ئي علمي، ادبي ۽ راڳ جي محفلن جو ميزبان ٿيو. ٽيليويزن جي ’سنڌ سينگار‘ پروگرام جو 1981ع کان 1983ع تائين ڪمپيئر رهيو. تازو ’ادبيات‘ پروگرام جي بہ ڪمپيئرنگ شروع ڪئي اٿس. هن سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ ۾ هيرو جو ڪردار ۽ فلم ’سھڻا سائين‘ ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيو. 1972ع ۾ ماستري ڪيائين. ڪجهہ وقت فيملي پلاننگ آفيسر رهيو، 1973ع ۾ يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ڪلرڪ ۽ 1975ع ۾ پي. آءِ. اي ۾ آفيسر ٿيو. مارشل لا دور ۾ 1981ع ۾ ملازمت تان لھڻ بعد ٺيڪيداري ڪيائين. 1983ع کان 1987ع تائين نئين ديري ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ۽ 1990ع ۾ ٻيهر پي. آءِ. اي ۾ ملازمت تي بحال ٿيو. پي. آءِ. اي (ڪارگو) آفيس ڪراچيءَ ۾ سيلز پروموشن آفيسر (ڪارگو آفيسر) طور ڪم بہ ڪيائين ۽ ساڳئي عهدي تان رٽائر ڪيائين. تبسم 65-1964ع کان شاعري شروع ڪئي. هن جي شاعري مختلف فنڪارن جھڙوڪ: منظور سخيراڻي، سرمد سنڌي، ثمينه ڪنول، صائمه منظور، تعمير حسين، صادق فقير، شمن ميرالي ۽ ٻين ڳاتي آهي. ان کانسواءِ EMI گرامون فون ڪمپني سندس ڪجهہ غزل ۽ ڪافيون محمد يوسف جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايون، پاڻ ڪافي عرصو روزاني اخبار ”عوامي آواز“ ۾ قطعا لکندو رهيو آهي. هن وقت سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: ’گلن جھڙا ڳل‘ (1976ع)، ’شفق وارا ڇانورا‘ (1982ع)،’زندگي تنھنجا رنگ هزار‘ (1994ع)، ’سوچون صحرا، سراب‘ (1995ع)، ’نيڻن جي آڳر ۾‘، (1996ع)، ’مٽيءَ جا سُر‘ (1999ع)،’تنھا ڪنڌيءَ مسافر‘ (1999ع)، ’اُڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن‘ (2001ع) ۽ ’موسيقي، موسم ۽ تبسم‘ (2003ع). سج آرسي ۾ (2005ع)، پل جهومي جهول ۾ (2006ع).’تبسم‘ جي گيتن جي پهرين سي. ڊي ”موتين مالها“ جي عنوان سان ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ واشنگٽن آمريڪا پاران 1999ع جاري ڪئي وئي ۽ ٻي سي. ڊي ”چانڊوڪين جا مسافر“ جي عنوان سان 2001ع ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ سندس شاعريءَ جون ٻيون بہ ڪافي سي ڊيون آيل آهن، جن ۾ مختلف فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي. عبدالغفار تبسم جي ڪتاب ”موسيقي، موسم ۽ تبسم جي پٺئين ٽائيٽل تي ناليواري شاعر تاج جويي لکيو آهي تہ: پنھنجي عمر ۽ ٽهيءَ ۾ جيڪا غفار مڃتا ماڻي آهي، اها هر ڪنهن کي نصيب نہ ٿي آهي، سندس منهن تي ڪڏهن بہ منافقين جا ماسڪ چڙهيل ناهن رهيا. هو اندر ٻاهر هڪ جهڙو اجرو ۽ شفاف آهي، تيئن سندس شاعري پڻ اجرن ۽ شفاف جذبن جو مجموعو آهي. سُر، سونهن ۽ سچ تبسم جي زندگيءَ جي منشور جا اهم نقطا آهن، جن وٽ الفت جو پنهنجو نيارو اسلوب آهي“.عبدالغفار تبسم 1980ع ۾ شادي ڪئي. کيس 5 پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو