تبليغي جماعت جو ڏيک
تبليغي جماعت: ننڍي کنڊ جي مذهبي جماعت، جنهن ۾ ڪوبه سياسي تصور نه آهي. هن جماعت جو بنياد مولانا الياس دهلويءَ 1927ع ۾ رکيو. ان وقت سموري هندستان ۾ شڌي تحريڪ شروع ٿي وئي هئي، جنهن جو مقصد اهو هو ته هندستان جا اهي سڀئي ماڻهو، جن گذريل صديءَ ۾ اسلام قبول ڪيو هو، اهي وري پنهنجي اصل مذهب هندومت ڏانهن اچن. انهيءَ تحريڪ کي روڪڻ لاءِ مولانا الياس تبليغي دؤرا ڪيا ۽ ماڻهن ۾ اسلام جي بُنيادي ارڪانن، ڪلمه توحيد ۽ نماز جي تبليغ ڪرڻ شروع ڪئي. 1944ع ۾ مولانا الياس جي وفات کان پوءِ، سندس اصلي جانشينن هن جماعت کي قائم رکيو ۽ هن وقت تبليغي جماعت ننڍي کنڊ، خاص طور تي پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ وڏي پيماني تي ڪم ڪري رهي آهي. هن جماعت جو مرڪز پنجاب ۾ لاهور جي ’راءِ ونڊ‘ شهر ۾، ’مدرسه العربيه‘ آهي، جتي سموريون جماعتون گڏ ٿينديون آهن ۽ سندن تشڪيل ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ مختلف علائقن ۾ ڪئي ويندي آهي. جماعت جو ساليانو مرڪزي اجتماع به ’راءِ ونڊ‘ ۾، هر سال نومبر جي مهيني ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ هر سال پنجويهه- ٽيهه لک مسلمان شريڪ ٿيندا آهن، جڏهن ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پڻ سندن اجتماع ٿيندا رهندا آهن. تبليغي جماعت جي عالمن ۽ بزرگن موجب، هن ڪم کي سکڻ لاءِ چار مهينا دعوت جو ڪم، بزرگن جي تشڪيل سان، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪرڻ گهرجي. بعد ۾ هر مهيني ٽي ڏينهن، هر سال ۾ چاليهه ڏينهن ۽ ٻئي يا ٽئين سال چار مهينا ۽ پوءِ سڄو سال دعوت جو ڪم ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته هر هفتي جمعي جي رات، ويجهي شهر جي تبليغي مرڪز ۾ گذارڻ سميت، روزانو گهر ۽ مسجد ۾ تعليم (حديثن جي ڪتابن جو مطالعو) ۽ آسپاس ۾ گشت پڻ تبليغي جماعت جا بنيادي اصول آهن.