تتر
ڪارڙو تتر
تتر Gray Partridge / Francolinus pondicerianus: هي جهنگ جو پکي آهي، جيڪو سنڌ ۾ عام جام ٿئي ٿو. هي پنهنجو آکيرو جھنگ ۾ ڪنهن ٻُٿ ۾ پٽ تي واريءَ ۾ ٿورا ڪک رکي ٺاهي آنا لاهيندو آهي. آنا ڦوڙڻ سان ٻچا نڪرندا آهن، جي ماديءَ سان گڏ پيا ڊوڙندا ۽ چوڳو ڪندا آهن. اُڏوهي ۽ ننڍا جيت تترن جو خاص کاڌو آهي. ماڻهو ننڍا ٻچا هٿ ڪري پاليندا آهن. کين پڃري ۾ بند ڪري رکندا آهن جتي داڻو ۽ چوڳو ڏيندا رهندا آهن ۽ سيڪر (سينڍ) تي ٻولڻ سيکاريندا آهن. ٻولي سکڻ بعد هن کي جھنگ ۾ وٺي وڃي دام سان ٻين تترن جو شڪار ڪبو آهي. مالڪ سان اهڙو هري ويندو آهي، جو پڃري مان ٻاهر ڪڍڻ تي به جھنگ ڏي ڀڄي نه ويندو آهي. تتر ٻن قسمن جو ٿئي، هڪ ”ڪارڙو تتر“ ۽ ٻيو ” ڀورو تتر“. 33 سينٽي ميٽر قد بت واري هن پکيءَ ۾ نر ۽ ماد لڳ ڀڳ هڪجهڙا ٿين ٿا. سرمائي ناسي ڀورو ۽ اخروٽي رنگ جي پٺي ۽ پرن تي ناسي رنگ جي کرڙي ڪجهه وڌيڪ ٿئي ٿي. پيٽ ۽ ڇاتيءَ جو رنگ ڪجهه حلقو هوندو اٿس. ڳچيءَ وارو حصو ڪاري ليڪ سان ميرانجهڙو هيڊو هلڪو ٿئس ٿو. چهنب ڪاري ۽ پير ڳاڙها ٿينس ٿا. سٺو ٻوليندڙ پکي آهي. ٻوليندو آهي ته ان کي ”ڪِيڙو ڪيڙو“ چوندا آهن. هن تتر جي نر جي ٻوليءَ کي ’ٽهڪو‘ چئبو اهي ۽ مادي جا ساڻس سر جهلائيندي آهي ان کي ’کيتو‘ چئبو آهي. پنهنجي قدرتي ماحول ۾ ڪٽنب سوڌو ٽولين ۾ هلندو آهي. پنهجي رنگ سبب پٿريلي ۽ ٻُوڙن سان ڀريل ماحول ۾ چڱيءَ طرح لڪي وڃي ٿو.سڄي هندستان ۾ سري لنڪا تائين موجود آهي. خشڪ کليل ميدانن ۽ ڇڊن ٻيلن ۾ رهي ٿو. تتر ڊوڙ جو سٺو ھوندو آهي، انڪري خطري مهل اڏامڻ بدران ڊوڙ کي ترجيح ڏيندو آهي ۽ پوءِ پرتي وڃي ڀڙڪو ڏيئي اڏامي پري وڃي لهندو ۽ غائب ٿي ويندو آهي يا وري خطري وقت ٻوڙن ۾ لڪي ويندو آهي پر جيڪڏهن خطرو سڌو ٻوڙن طرف اچي ته پوءِ ولر جي صورت ۾ ڀڙڪو ڏيئي اڏرندو ۽ زمين سان هيٺاهين اڏام اڏامندو پري هليو ويندو آهي. هي پکي وارياسي ميدانن يا واريءَ جي ڦٽل دڙن تي، جنگهلي ماحول جيئن ديوي،، ٻير، ڪرڙ، سرن جي ٻوڙن ۾ يا سنڌ جي ٻيلن ۾ رهي ٿو. تتر جو هي قسم ماڻهو سان جلد هري ويندو آهي ان ڪري عام طرح پاليو به ويندو آهي ۽ هنن کي پاڻ ۾ ويڙهائيندا به آهن. ڪارڙو تترBlack Francolin Partridge:ھي خوبصورت تتر بنيادي طرح ڪارو آھي پر ان تي اڇا ۽ اخروٽي ھيڊا چِٽ ٿين ٿا. ڳچيءَ ۾ تيز اکروٽي ناسي پٽو ھوندو اٿس. پاسڙن تي کنڀن کي ھيڊيون ڌاريون، چھنب ۽ ٽنگون ڳاڙھيون ۽ سِسي مڪمل ڪاري ٿئيس ٿي. ڪاري سِسيءَ تي اک ھيٺان ۽ ڪنن مٿان پاپڙيءَ تي سفيد کنڀ اٿس. مادي به لڳ ڀڳ ساڳي ھوندي آھي پر سِسي ڪاري ڪونه ٿيندي اٿس ۽ نه وري اڇي پاپڙي اٿس. ڪنڌ تي ناسي پٽو اڌورو ھوندو آھيس. ماديءَ جي ڳچي اڇي ٿئي ٿي. ڪارڙي تتر جي ماديءَ کي ’ڪَٻي‘ يا ’ڪٻوهڙي ‘ سڏيندا آهن. ڪاري تتر جي ٻولي ”ڪَر... ڪَر... ڪِي ... ڪَي ... ڪِي“ ٿئي ٿي جنھن کي سنڌي ماڻھو ”خضر پير ... خضر پير ..“ ســان تشبــيھه ڏيــندا آھــن. اڪثر اڪيلو، جوڙيءَ ۾ يا ننڍڙي گروھه ۾ رھندو آھي. گھاٽن ٻُوڙن ۾ آرام ڪندو آھي. ڊپ جي صورت ۾ ڊوڙي ڀڄي ويندو آھي يا تيزيءَ سان ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويندو آھي. صبح جو سوير يا شام جو سرگرم نظر ايندو آھي. لَڳ جي مند ۾ ڏينھن جو ڪنھن به وقت ڪنھن وڻ يا ٿُـڙ تان ٻوليندو آھي. پوکن ۾، ٻِج دار کيتن ۾، وڏي گاھه ، واھن ، ندين جي وھڪرن، ميدان، ۽ ٽڪرين ۾ ملندو آھي. 1200 ميٽرن جي اوچائيءَ تائين رھي ٿو.