تحرير جو فن: نفيس قلم ۽ اعليٰ قسم جي خوش نويسي کي خطاتي يا تحريرجو فن چون ٿا. دنيا جي تخليق ٿيڻ کان ئي انسان پنهنجي جذبات ۽ خيالات جي اظهار لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا. سڀ کان پهرين انسان اشارن سان جذبات جواظهار ڪيو، ٻي مرحلي پر جانورن جون ٻوليون ٻولي پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪٿي، ان کانپوءِ پنهنجي سمجهہ لاءِ ۽ ڪجھ مخصوص نشان مقرر ڪيا. انسان جي پهرين تحرير تمام سادي هئي. شروع ۾ تصويرن جي ذريعي ڪجھ تصور مخصوص ڪيا ويا، پوءِ تصوير کي نالو ڏنو ويو ۽ پيغام پهچائڻ لاءِ تصويري خاڪا ايجاد ٿيا. تحرير (خوشخطي يا ڪتابت)، شاعري، مصوري، موسيقي. فنون لطيفہ جي زمري پر اچن ٿا. ٻوليءَ کانپوءِ انسان جي سڀ کان وڏي ايجاد تحرير جو فن آهي. جنهن تي اسان جي تهذيب جو دارومدار آهي. تحرير جي فن کانسواءِ اسان ڪنهن بہ تهذيب جو تصور ٿي نٿا ڪري سگهون. اگر انسان تحرير جو فن ايجاد نہ ڪري ها تہ ان جي زندگي اڄ وحشين وانگر هجي ها. هن فن جا سڀ کان پهرين دجلا ۽ فرات جي وادي ۾ آثار مليا. گوجو نيفيون ۽ مصرين بہ هن فن کي جلد سکي ورتو، پر اوليت پوءِ بہ عراق کي حاصل آهي. هي انقلابي ايجاد اڄ کان تقريباً ساڍا پنج هزار سال قبل مسيح سومير جي شهر ارڪ جي هڪ عبادتگاھ ۾ ٿي. جيڪو عراق جو ان وقت سڀ کان ترقي يافتہ خوشحال شهر هو ڪجه موؤرخن رسم الخط جي ابتدا حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان 15 هزار سال پهرين ڄاڻائي آهي. مخصوص خيالن کي واضح اشارن ۾ بيان ڪرڻ جو نالو تحرير جو فن آهي. هن جي ابتدا مٽي جي ٿانون تي خاخنن جي دٻاءُ جي نشانن لڳائڻ سان ٿي. ان جو مقصد ٿانون جي سجاوٽ يا پهچان هئي تحرير (خطاطي يا خوش خطي) جي فن کي مسلمانن شروع کان ٿي وڏي اوج تي رسايو ۽ هن فن کي مصوري وانگر وڏي عزت ڏنائون. هن فن ۾ خطاطي جا ڪيترائي قسم بيان ڪيا ڪيا ويا آهن. مثلاً هيراتيقي خط، ديمو تيقي خط. هڙپائي خط، موهن جي دڙي جو خط.، پيڪاني خط، لاطيني خط .فونيقي خط، قبطي خط، آرامي خط. پهلوي خط، يوناني خط. لاطيني خط. عبراني خط، مسخد حميري خط، نبطي خط، محقق خط. ريحان خط، ثلث خط. طغرىٰ خط، نسخ خط، توقيع خط، رقا خط. غباري خط، مسلسل خط، شقيہ خط، تعليق خط، شڪستہ خط. شفيعہ خط، مغربي خط، بھار خط ۽ نستعليق خط تمام گهڻو مشھور آھن، انھن سڀني خطن مان هن وقت تمام گهڻو نسخ ۽ خط ۽ نستعليق خط استعمال ٿين ٿا. . خظاطي ۽ مصوري جي فن ۾ شروع کان وٺي ايران دنيا ۾ سڀني کان اڳيان آهي. ايران ۾ تيرهين صدي عيسوي ۾ هڪ نئون خط 'تعلين' جي نالي عام ٿيو ۽ انهيءَ صديءَ ۾ هڪ ٻيو خط ۾ عام ڪيائون، جنهن ۾ خط نسخ ۽ تعليق ٻنھي جون خصوصيتون موجود هيون، جنهن ڪري ان جو نالو ۾”نستعليق“ عام ٿيو. موجوده دور ۾ بہ ايران خطاطي جي فن ۾ سڀ کان اڳيان آهي.
سنڌ جو تحريري فن: تاحال سنڌو لکت ۽ ٻوليءَ بابت ماهرن جي سوچ ۽ راين جي موافقت نہ ٿي سگهي آهي. البت سڀني جو خيال آهي تہ هي جداگانہ لکت آهي ۽ ڪنهن بہ ٻي ٻوليءَ تان ورتل ڪانہ آهي. خاص حوالي سان ٽن ٻولين جو ذڪر ڪن ٿا. 1. ”آريائي“ .. ”منڊا“ ۽ 3. ”دراوڙي“ ٻولين مان ڪا ٻولي هن لکت جو بنياد هوندو. ڪي وري عنصري يا بنيادي دراوڙي (Proto-Draviaden) ڏانهن اشارو ڪن ٿا. جا ڀائين تہ اصل سنڌي ھجي جن مان برصغير جي اڪثر ٻولين ۽ ھتان جا لھجا dialect نڪتا ھجن. ھڪ خيال اھو بہ آھي تہ خود اصلوڪي ٻولي آھي سنڌ جي پنھنجي آڳاٽي لکت رکي ٿي خود لکت جو قسم تہ بي بحث جاري آھي ۽ ھن لاءِ جيڪي محاورا ڪم اچي چڪا آھن يا اچن پيا تن مان ڪي ھي آھن logographic, pictographic, idiographic, logosyllabic, phonetic, idio-Rebus آھن تہ اھا الفابيٽ (alphabetic) نہ آھي. سڀ کان وڌيڪ لکت واريون شيون موھين ۽ ھڙپا جي آثارن جي کوٽائي مان مليون آھن. جن جو تعداد 3750 جي لڳ ڀڳ ٿيندو. وڌيڪ بہ 60 کن اھڙا ماڳ آھن جن تان لکت سان وٿون مليون آھن. لکتن لاءِ ڪم آيل علامتون يا نشان ھڪ اندازي موجب 450 آھن. جن مان 200 علامتون بنيادي آھن. جڏھن تہ باقي واڌارن يا ملاوٽ سان ٺھيل آھن. ھن لکت لاءِ انگ اڀين ليڪن جي صورت ۾ آھن، ماھرن جو چوڻ آھي تہ ھڪ کان ستن تائين ليڪون ملن ٿيون. ان مان ظاھر آھي تہ ھنن وٽ شايد حسابي ڳڻپ بابت 8 جو نظام رائج ھيو. لکتن ۾ ننڍي ۾ ننڍي عبارت ۾ 5 نشانيون آھن ۽ وڏي ۾ وڏي (ھن وقت تائين) ۾ 26 نشانيون آھن. شيون جن تي لکت ملي آھي، سي آھن، مٽي، ٺڪر، عاج، چيرولي، سنڱ، ھڏو، لرزان، سنگ جراحت، ٽامون، ڪنجهو، چاندي، سون. لکت ۾ ڪٽائي، اڪرڻ، ڏاڪڻ، جڙڻ، رڱڻ، گهڙڻ، اٿيل يا اڀاريل چٽ وغيرہ شامل آھن. سنڌو لکت گهڻو ڪري ساڄي پاسي کان شروع ٿئي ٿي. پر ڪٿي ڪٿي، خاص ڪري جتي ھڪ کان وڌيڪ سٽون آھن اتي ھيٺين سٽ کاٻي پاسي کان شروع ٿئي ٿي، جنھن ۾ لکڻ واري لاءِ آساني ھوندي، پر پڙھڻ واري لاءِ نہ. ھن طريقي کي (boustrophedon) چون ٿا. ڏٺو ويو آھي تہ ڪن خطن ۾ ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون لکيون ويون آھن. جيئن عراق جي ميخي خط (cuniform) ۾. ممڪن آھي تہ سنڌو لکت ۾ بہ ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون لکيون ويون ھجن. ٻيو تہ ماھرن سنڌوءَ جي ڪن علامتن، لکتن جي نشانين ۾ ٿورن ٿڪن تفاوتن جي بنياد تي امڪان ظاھر ڪيو آھي تہ اھي نشانيون مختلف علائقائي زمني قسم ٿي سگهن ٿا، بلڪہ ڪن جو رايو آھي تہ شايد لکت جا ٻہ قسم پوءِ اوج واري دور ۾ ڪلاسيڪل شڪل ۾ ڪتب آيا ھجن سنڌو لکت جا ڪجه نمونا ھيٺ ڏجن ٿا.