
تحريما ميٺا
تحريما ميٺا: ڪلاسيڪل رقاصہ تحريما ميٺا، سال 1962ع ۾ لاهور ۾ ڄائي. ستن سالن جي عمر ۾ هن ڪلاسيڪيل رقص سکيو. سندس پهرين استاد سندس ماءُ اندو ميٺا هئي، جنهن شنڪر اڏي نموني جي رقص جي سکيا زهرا ٻائيءَ کان ورتي هئي. ساڳئي وقت هن استاد حافظ خان کان راڳ جي سکيا بہ ورتي. استاد حافظ تلوندي گائيڪ گهراڻي جو وڏو استاد هو. پاڻ لاهور اچي رهيو هو، ڀارتي سنگيت ۾ هن استاد رگهو رائو ۽ شريمتي للتي شاستر يءَ کان سکيا ورتي. بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ هن فائن آرٽس ۾ ايم. اي ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور ۾ داخلا ورتي. ڪاليج کان فارغ ٿي هن پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترن اداڪارن ۽ رقاصن کي فن جي سکيا ڏني. 1992ع ۾ هن ”آجوان بانس پراڊڪشن“ جي نالي هڪ ادارو قائم ڪيو، پر ان کان اڳ 1990ع ۾ کيس ”انٽرنيشنل ڪوريئو گرافرس ورڪ شاپ آف امريڪن ڊانس فيسٽيول“ ۾ شرڪت لاءِ دعوت ملي. هن فل ٽائيم سيکارڻ / پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو. هيءَ پاڪستان ۾ ماڊرن ڊانس جي بنياد وجهندڙ فنڪارن مان هڪ آهي. هن ڪلاسيڪل رقص ۾ 30 کن نيون جدتون آنديون. هن پاڪستان جي سڀني وڏن شهرن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستان کان سواءِ آمريڪا، انگلينڊ، چين، وچ مشرق ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڪستان جي ثقافتي ٽولي سان گڏ شرڪت ڪري رقص ڪيو آهي. هن پاڪستان جي پهرين نيشنل ڊانس فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي. تحريما پاڪستان جي پهرين رقص نگار (Choreographer) آهي، جنهن ڪلاسيڪل رقص کي لکت ۾ آندو آهي. تحريما کي ڀارتيه ناٽيم تي مڪمل دسترس حاصل آهي. هوءَ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.