تحريڪ خلافت

تحريڪ خلافت: پهرين عالمي جنگ کان پوءِ هندستان جي مسلمانن جي هيءَ تحريڪ خلافت عثمانيه ۽ ترڪن جي حمايت ۾، ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف شروع ٿي هئي. عالمي جنگ ۾ ترڪيءَ، جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو هو. وارسا جي ٺاهه کان پوءِ، اتحادين، ترڪيءَ سان ”سيوري“ جي هنڌ تي هڪ ٺاهه ڪيو، جنهن ٺاهه جا شرط تمام سخت هئا. برطانيه ۽ فرانس، ترڪيءَ کي مختلف حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو. ”رولٽ ائڪٽ“ جي ڪري ماڻهن ۾ اڳ ئي اشتعال هو، مٿان وري ”سيوري معاهدي“ ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڏنو. سڄي هندستان ۾ خلافت جي بچاءَ جي هي تحريڪ تمام جلدي پکڙجي وئي. هن تحريڪ ۾ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي، مولانا ظفر علي خان، مولانا ابوالڪلام آزاد، حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري ۽ مولانا حسرت موهانيءَ جهڙا قابل ماڻهو شامل هئا. خلافت تحريڪ مسلمانن کي نه صرف متحد ڪيو، پر منجهن جوش به پيدا ڪيو. ان وقت انڊين نيشنل ڪانگريس، برطانيه جي حڪومت خلاف ”ترڪ موالات“ تحريڪ (تحريڪ عدم تعاون) شروع ڪئي هئي. مسلمان، هندو ۽ ٻيا ڪيترائي گروپ ڪانگريس جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي ويا هئا. تحريڪ خلافت ۽ ترڪ موالات تحريڪ پاڻ ۾ اتحاد ڪيو. مسلمانن قانون ساز ڪائونسلن ۽ سرڪاري نوڪرين جو بائيڪاٽ ڪيو. مسلم يونيورسٽيءَ علي ڳڙهه جي مقابلي ۾ ”جامعه مليه“ جو بنياد رکيو ويو مسلمانن جي وڏي تعداد پاڻ کي گرفتارين لاءِ پيش ڪيو. گهڻن مسلمانن پنهنجون ملڪيتون وڪڻي، افغانستان طرف هجرت ڪئي. مالابار جي موپلن، انگريز حڪومت خلاف بغاوت ڪئي ۽ بهادريءَ سان وڙهندي ڪيترائي ماريا ويا. هندستان ۾ خلافت جي تحريڪ، حڪومت برطانيه جا بنياد لوڏي ڇڏيا، سنڌ به هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هجرت تحريڪ ۾ سنڌ مان رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي ۽ ٻين جي اڳواڻين ۾ قافلا افغانستان ويا. خلافت تحريڪ ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري، مولانا دين محمد وفائي، مولوي عبدالڪريم چشتي، پير تراب علي شاهه راشدي ۽ ٻين تمام ڀرپور حصو ورتو. جميعت الانصار ۾ شامل ٿي، مولانا محمد صادق کڏي واري ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن ترڪن خلاف انگريزن جي فوج ۾ ڀرتيءَ خلاف فتويٰ ڏني ته ترڪن سان لڙڻ ڪُفر جي برابر آهي. مولانا جي هن فتويٰ ۽ ٻين عالمن جي پُٺڀرائيءَ بلوچستان ۾ خاص اثر پيدا ڪيو، جنهنڪري سردار نورالدين مينگل جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن خلاف بغاوت شروع ٿي. ان ڪري بلوچستان ۾ انگريزي لشڪر ۾ ڀرتي روڪجي وئي. نتيجي طور ترڪن جي گهيري هيٺ آيل انگريز جرنل ٽائون شيڊ کي وقت سِر مدد نه ملي ۽ کيس مجبورن ترڪن آڏو جهُڪڻو پيو. جميعت الانصار جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ برٽش سرڪار سخت قسم کنيا. شيخ الهند محمود الحسن ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کي حج تان گرفتار ڪري، مالٽا ۾ قيد رکيو. مولانا محمد صادق کڏي واري کي چئن سالن تائين ڪار وار جيل ۾ رکيو ويو. مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ محمد ابراهيم ۽ مولوي عبدالله لغاري سانگهڙ واري سان گڏ هجرت ڪري افغانستان ويو. جيل مان آزاد ٿيڻ بعد مولانا محمد صادق کڏي وارو آل انڊيا خلافت ڪاميٽي جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1920ع ۾ مولانا کي ڪراچي خلافت ڪانفرنس، مرحبائي ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. هُو خلافت ڪميٽيءَ ۾ ڪڏهن صدر، ڪڏهن نائب صدر ٿي رهيو. اهڙي طرح مولوي محمد معاذ نواب شاهه واري جو به خلافت تحريڪ ۾ ڪافي حصو آهي. مولوي عبدالڪريم چشتي جو به خلافت تحريڪ ۾ اهم حصو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترا ڀيرا جيل ۾ ويو. مولانا دين محمد وفائي جو خلافت تحريڪ ۾ وڏو حصو آهي. جڏهن فيض الڪريم موري واري ترڪيءَ جي خليفي جي خلاف شريف مڪه جي فائدي ۾ هڪ رسالو ’تحقيقته الخلافته‘ لکي، ڪيترن عالمن ۽ پيرن کان صحيحون وٺرايون. ته ان جي رد ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي نظرداريءَ هيٺ مولانا وفائي رسالو ’اظهارالڪرامت‘ لکي تيار ڪيو، جيڪو 7 کان 9 فيبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي ورهايو ويو. مارچ 1920ع کان الوحيد اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ هن خلافت تحريڪ جي حمايت ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. 17 مارچ 1920ع تي سائين جي. ايم. سيد ننڍيءَ ڄمار ۾ سن ۾ خلافت ڪانفرنس سڏائي هئي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي هئي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي خلافت هلچل ۾ حصي وٺڻ تي ٻِن سالن جي سزا ڏني وئي. اهڙي طرح سنڌ جي عالمن خلافت تحريڪ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي ڌار لکڻ جي ضرورت آهي. جڏهن 1924ع ۾ ترڪيءَ جي انقلابي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال پاشا، خلافت عثمانيه کي ئي ختم ڪري ڇڏيو، تڏهن هندستان ۾ خلاف عثمانيه سان همدرديءَ واريون تحريڪون، خلافت تحريڪ سميت ختم ٿي ويون.


لفظ تحريڪ خلافتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو