تحريڪ مهدوي: سيد ميران محمد مهدوي ، ڄام نظام الدين سمي جي دؤر ۾ سنڌ ۾ آيو . ( سنہ 906-907ھہ ) ۽ مهدوي تحريڪ جي تبليغ ڪرڻ لڳو . سيد محمد مهدوي جونپوري ، جيسلمير واري رستي کان سنڌ جي قديم شھر نصرپور ۾ پهتو ۽ اتان پوءِ سنڌ جي تختگاھہ ٺٽي ۾ وارد ٿيو . مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو بيان آهي تہ سيد محمد جونپوري ٺٽي ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي سلطان سامٽيه جي خانقاھہ ۾ اچي لٿو هو ۽ ٺٽي ۾ پورا ارڙهن مهينا گذاريائين . ٺٽي جي رهائش واري زماني ۾ ٺٽي شھر ۽ سنڌ جي ٻين جدا جدا هنڌن جا ڪيترا وڏا عالم سندس معتقد ۽ مريد ٿيا . سنڌ ۾ بہ مهدوي جونپوريءَ جي خلاف غل ۽ شور مچي ويو ، وقت جي وڏن عالمن سندس خلاف ڪفر ۽ قتل جون فتوائون ڏنيون . شيخ صدرالدين مفتي ، دريا خان ( ڄام سمي جو وزيراعظم ) سنڌ جو صوفي شاعر قاضي قاضن ، مولوي ميان شاهين مرزا بکري ، شيخ الياس ، پير آسات ، شيخ جهنڊو پاتڻي ، قاضي محمد آچي جعفري ، ميان ابوبڪر بکري ۽ سيد مبارڪ شاھہ سندس مريدن جي حلقي ۾ شامل ٿيا . ٺٽي جي مشھور رضوي ساداتن جو جدامجد سيد محمد يوسف بکري ، سيد مبارڪ شاھہ جو مريد ٿي مهدوي حلقي ۾ داخل ٿيو ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد بہ ان عقيدي تي قائم رهيو . سنڌ جي اڪثر محققن جي قول موجب تہ سيد محمد مهدوي جونپوري سنڌ ۾ رهڻ واري وقت هڪ دفعي جهوڪ ۾ آيو . تنهنڪري انهيءَ مناسبت سان ان تي ” ميران پور “ جو نالو پيو . سنڌ جي عظيم سپوت دولھہ درخان جي دوستن مان سنڌ جي وڏي عالم ۽ اهل ﷲ مخدوم بلال جي خليفي سيد حيدرسنائي ، مهدويءَ جي خلاف قتل جي فتويٰ ڏني هئي . انهيءَ فتويٰ جي ضد ۾ مهدوي جونپوريءَ جي سنڌي مريدن مان شيخ محمد اُچي جعفريءَ دليلن جي ذريعي پنھنجي مرشد مهدويءَ جي حق ۾ ثابتيون پيش ڪيون هيون . سنڌ جي حاڪم ڄام نظام الدين دريا خان جي مشوري تي مهدوي جونپوريءَ کي ٺٽي ۽ سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو هو . نيٺ مهدوي جونپوريءَ مجبور ٿي سنڌ کي ڇڏيو ۽ خراسان جي طرف روانو ٿيو . جتي فرح ۾ وفات ڪيائين . سيد ميران محمد جونپوريءَ جي وفات کانپوءِ بہ ان تحريڪ جو اثر باقي قائم رهيو . هند ۽ سنڌ ۾ وڏا وڏا عالم هن تحريڪ جا مبلغ ۽ مريد ٿي گذريا آهن . شيخ ابوبڪر جتوئي بکري ۽ سندس خليفي شيخ لنگراچ کان ڪلهوڙن مان ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي فيض ورتو هو . بکري تعلقي ڏوڪري ، هٽڙيءَ شھر ۾ آدم شاھہ ڪلهوڙي پنهنجو ” دائرو “ قائم ڪيو هو ۽ ابڙا قوم سندس مريدي اختيار ڪئي هئي . اڪبر اعظم جي سپه سالار عبدالرحيم خانخانان جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو ، تڏهن هن آدم شاھہ ڪلهوڙي ۽ سندس فقراءِ جي لنگر خرچ لاءِ چانڊڪي جو پرڳڻو حوالي ڪيو هو . سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي اها اوائلي تحريڪ درويشاڻي هئي . پر پوءِ اڳتي هلي هنن حيدرآباد دکن جي مهدوين وانگر سياسي رنگ ورتو ۽ نيٺ ڪلهوڙا فقيريءَ مان بدلجي بادشاهيءَ جي مسند تي ويٺا . سنڌي بزرگ ، عالم ۽ درويش ، جن مهدوي عقيدو اختيار ڪيو هو ، تن جو اسان هت مختصر تذڪرو ڪريون ٿا:1 . شيخ صدرالدين مفتي: شيخ صدرالدين ٺٽوي وڏو عالم ، پرهيزگار ۽ بلند پايي جو بزرگ ٿي گذريو آهي . ٺٽي ننگر ۾ هزارين سندس معتقد ۽ شاگرد هئا . سيد ميران محمد جونپوريءَ جو شروع ۾ سخت مخالف هو ، پر پوءِ مهدوي جونپوريءَ سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ سندس سعادتمند مريد بڻيو . شيخ صاحب جي زندگيءَ جو وڌيڪ ڪوبه احوال ڪونه ٿو ملي سگهي . 2 . سيد ڪمال ﷲ: سيد ميران محمد جونپوريءَ جو مريد ۽ پوٽاڻ مان هو . مير علي شير ” قانع “ لکي ٿو تہ جڏهن سيد ڪمال ﷲ ڄائو هو ، تہ سيد صاحب ڏسي پڇيو تہ هن ڇوڪر جو نالو ڇا آهي؟ کيس ٻڌايو ويو تہ هن جو نالو ” لالن “ آهي . ان تي سيد جونپوريءَ فرمايو تہ لالن پالڪيءَ ۾ ويهندو ، يعني پنھنجي دؤر جو وڏو عابد ، زاهد ۽ متبحر عالم ٿيندو ، واقعي ائين ٿيو . مير ڪمال ﷲ منڇر واري علائقي ۾ رهندو هو . سندس پٽ عبدالحليم پڻ ناليرو عالم ٿي گذريو آهي ۽ هو بہ پنھنجي پيءُ وانگر مهدوي طريقي تي ڪاربند هو . 3 . سيد محمد يوسف رضوي: سيد محمد يوسف بن مير محمد جادم بکري پنھنجي دؤر جو وڏو عالم ، اهل ﷲ ۽ صاحبِ ڪمال بزرگ ٿي گذريو آهي . سندس وڏا سنڌ جي قديم شھر بکر جا رضوي سادات هئا . شيخ مبارڪ کان روحاني منزلون طئي ڪيون هئائين ۽ شيخ دانيال ، جيڪو شيخ مبار ڪ جو مرشد هو ، تنهن کان بہ روحاني فيض ۽ تربيت حاصل ڪيائين . بکر مان هجرت ڪري اچي ٺٽي ۾ رهيو ۽ اڪثر اڪيلائي ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي گذاريندو هو ۽ سلطان سامٽيه جي خانقاھہ جي ڀرسان رهندو هو . سيد محمد جونپوري انهيءَ خانقاھہ ۾ اچي لٿو هو . مهدوي عقيدو اختيار ڪيائين . سيد محمد يوسف شعر بہ چوندو هو . سندس مزار مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جي جاءِ آهي . 4 . قاضي قاضن: قاضي قاضن ولد قاضي محمد قاسم سيوهڻ جو مشھور صوفي بزرگ ، عالم ۽ سنڌي زبان جو شاعر ٿي گذريو آهي . هو قاضي ابوالخير بکريءَ جي اولاد مان هو . قاضي قاضن وڏو حافظ ، قاري ، فقيه ، محدث ، مفسر ۽ تصوف جي علمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻيندو هو . سيد محمد مهدوي جو نپوريءَ جو مريد ٿيو . تنهنڪري ظاهري شرع جا عالم مٿس ٽوڪون ڪندا هئا . سنہ 958ھہ/1551ع ۾ وفات ڪيائين . 5 . قاضي شيخ محمد اُچي جعفري: قاضي محمد اُچي پنھنجي وقت جو وڏو عالم ، فاضل ، حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي . هرات مان هجرت ڪري اُچ ۾ آيو . ڄام نظام الدين جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌ جي عالمن مهدوي جونپوريءَ جي خلاف ڪفر جي فتويٰ ڏني هئي ، ان وقت قاضي صاحب سيد مهدوي جونپوريءَ جي تڪفير سان واسطو رکندڙ ، عالمن جي دليلن کي رد ڪيو هو . ڇا لاءِ جو پاڻ خود حقيقت جو ڄاڻو هو ، حال ۽ قال جي مقام کان واقف هو . سيد ميران محمد مهدوي جونپوريءَ جي توجھہ سان بزرگي ۽ ديني برتري سندس خاندان ۾ هميشہ رهي . سيد شڪر ﷲ جي جاءِ تي ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو . مرزا عيسيٰ ترخان جي دؤر ۾ هن فاني جھان مان رحلت ڪيائين . 6 . پير آسات: پير آسات مجذوب ، سالڪ ۽ محبوب واصل ، مخدوم عربي ڌياڻي هالاڻي جو ڀاءُ هو . سيد ميران محمد مهدويءَ جي خدمت ۾ رهي مريديءَ جو شرف حاصل ڪيائين . قديم مشائخن مان هو . سندس مزار مرجع عوام و خاص آهي . 7 . ميان ابوبڪر بکري: ميان ابوبڪر بن مخدوم ابراهيم نقشبندي پنھنجي دؤر جو وڏو عالم هو ۽ درويش صفت بزرگ ٿي گذريو آهي . سيد مهدوي جونپوريءَ جو مريد ٿي فيض حاصل ڪيائين . سندس قبر مڪليءَ تي آهي ۽ عام جي زيارتگاھہ آهي . 8 . شيخ جهنڊو پاتڻي: هي درويش سيد ميران محمد جونپوريءَ جو مريد ۽ عقيدتمند هو . چون ٿا تہ جڏهن مهدوي جونپوري ٺٽو ڇڏي درياھہ رستي وڃي رهيو هو تہ ان وقت ڄام نندي جي اشاري تي ٻيڙي هلاڪت واري هنڌ پهتي ، جتي جهنڊو پاتڻي اچي سهڙيو ، سيد جي مدد ڪيائين ۽ فيضور ٿيو . 9 . دريا خان عرف قبوليو: دريا خان جو اصل نالو قبوليو هو . ڄام نظام الدين جي وزير لکدير جو غلام هو . ڄام نظام الدين خوش ٿي کيس دريا خان جو لقب ڏئي بلند درجي تائين رسايو ۽ آخر ۾ مدرالمهام ۽ امير الامراءُ ٿيو ۽ مبار خان لقب سان سرفراز ٿيو . سيد ميران مهدوي جونپوريءَ جي ٺٽي ۾ اچڻ تي ڄام ، عالمن جي چوڻ تي ساڻس عقيدتمنديءَ سان پيش نہ آيو . مگر دريا خان جي حڪمتِ عمليءَ سان کيس ٺٽي مان نڪرڻ جو حڪم مليو . دريا خان سنہ 927ھہ ۾ شاھہ بيگ ارغون سان وڙهندي سنڌڙي تان سر قربان ڪيو ۽ مڪليءَ جي خاڪ ۾ پيوند ٿيو . 10 . ميان آدم شاھہ ڪلهوڙو: ميان آدم شاھہ ولد ميان کچن شاھہ ، شيخ الياس لنگراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئيءَ جي ذريعي مهدوي عقيدو اختيار ڪيائين ۽ مهدوي جونپوريءَ جو پوئلڳ ٿيو . 11 . شيخ الياس لنگراچ: سيد ميران مهدوي جونپوريءَ جو مريد هو ۽ آدم شاھہ ڪلهوڙي ۽ خانخانان جي ملاقات وقت حاضر هو . 12 . هي ڪمال جو درويش ، سيد محمد جونپوريءَ جو مريد ۽ کانئس فيضياب ٿيو . هن جي مزار مڪليءَ تي آهي . عوام و خاص جي زيارتگاھہ آهي .