تحريڪ ميانوال: ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي جي هيءَ تحريڪ سنڌ ۾ ’ميان وال تحريڪ‘ جي نالي سان مشھور ٿي. هن تحريڪ جا ٻہ مقصد هئا. هڪ ماڻهن ۾ نفس جي پاڪائي وسيلي اتحاد ۽ تنظيمي صلاحيتون پيدا ڪرڻ ۽ ٻيو قربانيءَ جي سکيا ڏيئي هڪ اهڙو گروھہ پيدا ڪرڻ، جيڪو اقتدار تي قبضو ڪري مغل راڄ جي بالادستيءَ جو خاتمو آڻي. ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي پنھنجي هن نئين تحريڪ جو بنياد بلوچي طرفداري تي رکيو، جنھن ڪري بھاولپور، ملتان، اُچ، ديرا غازي خان، سبي ۽ گنڌا واھہ جا بلوچ قبيلا سندس مريد ٿيندا ويا. ميان آدم شاھہ جا مريد ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا. هڪڙن کي ’فقير‘ سڏيو ويندو هو، جيڪي ڪُل وقتي ڪارڪن هوندا هئا. جن مان هڪڙا تحريڪ بابت پروپئگنڊا، نون ڪارڪنن کي تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ، اڳواڻ جي شخصيت جو تاثر جوڙڻ ۽ تحريڪ جي مقصدن کي عوام تائين پھچائڻ جو ڪم ڪندا هئا. ٻيو گروھہ اهڙن مريدن جو هو، جن جو ڪم زمين خريد ڪرڻ، نوان ڳوٺ ٻڌڻ، تحريڪ لاءِ پئسو مھيا ڪرڻ ۽ جدوجھد دوران مقصد تحت پنھنجون خدمتون پيش ڪرڻ هو. هن گروھہ جي ڪارڪنن جو واسطو سنڌ جي سري، بھاولپور، ديره غازي خان ۽ سبي وغيرہ سان هو ۽ سندن زبان سرائيڪي هئي، ان ڪري زبان جي بنياد تي کين ’سرائي‘ جو لقب مليو. مھدويت جي اصول مطابق هجرت لازمي هئي، ان ڪري سرائڪي زبان ڳالهائيندڙ ڪارڪن پنھنجي مرشد سان وفاداريءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ڏانھن هجرت ڪرڻ لڳا. انھيءَ لڏپلاڻ سبب نون آيل بي گهر ماڻهن جي آبادڪاريءَ لاءِ ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي کي وڌيڪ زمين ۽ پئسي جي ضرورت محسوس ٿي، جنھن ڪري هن ڀر وارن زميندارن جي زمينن تي قبضو ڪري هٿ آيل زميون مريدن ۾ ورهايون. اها شڪايت بکر سرڪار، ملتان جي مغل گورنر کي ڪئي، جنھن ميان جي تحريڪ جي مقبوليت ۽ وڌندڙ طاقت کان ڊڄي کيس مارائي ڇڏيو. ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي جي شھادت بعد سندس پٽن الياس محمد ۽ شاهل محمد سندس تحريڪ کي جاري رکيو. نتيجي ۾ ميان شاهل کي مغل گورنر قتل ڪرائي ڇڏيو، جنھن بعد تحريڪ جي اڳواڻي ميان نصير محمد ڪئي. جنھن لاڙڪاڻي مان لڏي اچي ضلعي دادوءَ جي خيرپور ناٿن شاھہ تعلقي جي ڳاڙهي نالي جاءِ تي نئون ڳوٺ ٻڌايو. جيئن بکر سرڪار جي مرڪز کان پري رهي تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط بنائي ۽ درٻار جي سازشي طبقي کان محفوظ رهي سگهي ۽ ضرورت وقت جابلو علائقي ۾ پناھہ حاصل ڪري سگهي. ميان نصير محمد تحريڪ کي راز ۾ رکڻ واسطي فقيرن ۽ مريدن کي حڪم ڪيو تہ هو سواءِ هڪ ٻئي جي، ٻئي ڪنھن سان نہ کائين ۽ نہ وري ٻين مان شاديون وغيرہ ڪن. اها ساڳي رسم مھدوي طريقي ۾ پڻ رائج هئي. ميان جي انھيءَ حڪم قبيلائي عصبيت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، ان ڪري سنڌي سماج ۾ نسلن جي بنياد تي طبقا ٺھيا ۽ اوچ نيچ جو سوال پيدا ٿيو. اڄ تائين ميان وال طريقي جا ماڻهو ڪن ذاتين جو پاڻي بہ نہ پيئندا آهن. هر تحريڪ کي سڃاڻپ واسطي سندن ڪي خاص نعرا ۽ نشان هوندا آهن، ان ڪري ميان نصير محمد بہ پنھنجي تحريڪ جو نعرو ’ﷲ توهار‘ لفظ سان متعارف ڪرايو. سندس جماعتي روٽ (ماني) ورهائڻ، سماع، سفر تي رواني ٿيڻ، هڪ ٻئي کان موڪلائڻ، هر هلائڻ وقت ۽ فيصلي ڪرڻ بعد ’ﷲ توهار‘ جا نعرا هڻندا آهن. ميان آدم شاھہ ڪلهوڙو ۽ سندس اولاد سھروردي طريقي جا بزرگ هئا. ان ڪري ميان نصير محمد هن عوامي نعري کي قبول ڪيو، پر انھيءَ سان گڏ پنھنجي تحريڪ جي جدا تشخص کي قائم رکندي تحريڪ جي نشان طور پنھنجن فقيرن (ڪارڪنن) کي ڪاري رنگ جي کٿي ڪُلهي تي رکي هلڻ يا پائڻ جو حڪم ڪيو. ڪارو رنگ، عباسي خليفن جي درٻار جو رنگ هو ۽ چادر ڍڪڻ اهل تصوف وارن جي اهم نشاني تصور ڪئي ويندي هئي. ڪلهوڙا مذهبي عقيدي پرست ۽ پير هجڻ سان گڏوگڏ ملڪي سياست ۾ مغل سلطنت کان آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجھد ڪري رهيا هئا. ان ڪري عباسي خليفن ۽ صوفي بزرگن سان نسبت قائم رکندي ڪاري چادر جو رواج وڌو. سھروردي فرقي جي بزرگن وٽ سماع ۽ رقص رائج آهي ۽ ان تي هو وجد ۾ اچي ذڪر ڪندا آهن. ڪلهوڙن جو ميان وال طريقو بہ سھروردي طريقي جي هڪڙي شاخ هئڻ سبب ميان نصير محمد ماڻهن جي نفسياتي مونجهاري کي دفع ڪرڻ ۽ عوامي جدوجھد کي موثر طور تي منظم ڪرڻ لاءِ سرندي جو ساز ٻڌڻ ۽ وڄائڻ جو حڪم ڪيو. سرندي جو ساز مٺو ۽ تاثير رکندڙ آهي، جنھن جي آواز تي راجا راءِ ڏياچ پنھنجو سر وڍايو هو. هي ساز سنڌ، بلوچستان، ڪڇ ۽ راجستان ۾ عام مقبول ساز آهي، ان ڪري ميان وال فقير پنھنجي قيادت جي حڪم موجب اڄ تائين سرندي جي ساز کي پسند ڪندا ۽ وڄائيندا آهن ۽ پنھنجي هر محفل جي شروعات سرندي جي ساز سان ڪندا آهن. محفل جي آخر ۾ ’آزي‘ (عاجزي) پڙهندا آهن. جنھن ۾ ٻہ ماڻهو شامل هوندا آهن. اهي وڏي ۽ سريلي آواز سان پنھنجي قيادت (مرشد) تي اعتماد جو اظھار ڪندا آهن ۽ باقي ويٺل ﷲ توهار اکر کي ورجائي انھن ’آزي‘ پڙهندڙن جي تائيد ڪندا رهندا آهن. ’آزي‘ پڙهڻ کان پوءِ سڄي جماعت جا ماڻهو هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائيندا ۽ هڪ ٻئي جا هٿ چمندا آهن. آزي (عاجزي) پڙهڻ کان اڳ ۾ ڪارڪن شادمانه (خيرات) ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنھن ڪارڪن کان ڪا غلطي ٿي ويندي آهي تہ پوءِ مٿس ڏنڊ وڌو ويندو آهي. انھيءَ ڏنڊ کي ’خوشي‘ چوندا آهن. تحريڪ جي مالي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ واسطي شادمانا (خير) ۽ خوشي (ڏنڊ) مان ٻہ حصا پنھنجي مرڪزي قيادت (مرشد) لاءِ ڪڍيا ويندا آهن ۽ باقي حصا ڪارڪنن (فقيرن) ۾ تقسيم ڪيا ويندا آهن. مھدوي تحريڪ جي اثر هيٺ ميانوال تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهو پنھنجي مرڪز کي ’دائرو‘ چوندا آهن. جتي سڀئي ڪارڪن گڏجي پنھنجي روحاني رهبر کان رهبري حاصل ڪندا آهن. ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي پنھنجي تحريڪ جو آغاز حج جي ڏينھن کان ڪيو. ان ڪري ميان وال طريقي جا ماڻهو حج واري ڏينھن مرد توڙي عورتون، ڪلهوڙن ۽ ميانوال تحريڪ جي شھيدن جي مزارن تي وڃي حاضري ڀريندا، جانورن جون قربانيون ڪندا ۽ ميلا ملاکڙا ڪرائيندا آهن. عورتون خوشيءَ مان سھرا ۽ ڳيچ ڳائي، مرد سرندي جي ساز تي ﷲ توهار جا نعرا هڻي، جهمريون پائي پنھنجي مرشد سان وفاداري ۽ قربانيءَ جو قسم کڻندا آهن. مريد اهڙن ميلن ملاکڙن کي ’ميان جو حج‘ چوندا آهن. اهڙي طرح تزڪيہ نفس جي بنياد تي ميان نصير محمد ڪلهوڙو، سنڌ جي ماڻهن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ ۽ کين سياسي طور تي منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. جنھن ڪري هنن مغل سلطنت جي قانون کي سنڌ اندر بي اثر بنائي ڇڏيو. جنھن ڪري کيس عوام طرفان ’مظھر العجائب‘ جو لقب مليو. ميان نصير محمد جي وصال بعد سندس فرزند، ميان يار محمد ڪلهوڙي تحريڪ جي قيادت ڪئي. جنھن جي دؤر ۾ مغلن پنھنجي شڪست قبول ڪري ساڻس ٺاھہ ڪيو ۽ ميان پنھنجي آزاد ۽ خودمختيار رياست جو بنياد رکيو. اهڙيءَ طرح هن تحريڪ ميان غلام شاھہ جي دور تائين صدين کان پوءِ ملڪي وحدت کي قائم ڪري ورتو. آزي (ميان وال تحريڪ وارن جي دعا): بسم ﷲ ﷲ توهار! چئو ساٿيو! ﷲ توهار!! آزي ڪيون ٿا، ﷲ جي در تي؛ ان جي رسول پاڪ صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم، ۽ پنجتن پاڪ جي صدقي، صدقي سڀني بزرگن، ولين ۽ شھيدن جي، صدقي شھيد ميان آدم شاھہ جي، صدقي ميان شاهل محمد جي، صدقي ميان دين محمد جي، صدقي ميان نصير جي، صدقي مين يار محمد جي، ميان نور محمد، ميان غلام شاھہ، ميان سرفراز، ميان غلام نبي، ميان عبدالنبي شاھہ جي، صدقي شاھہ گودڙئي، شاھہ پنجي، سڀني سڳورن، ولين ۽ شھيدن جي، اچو تہ ساٿيو آزي ڪيون، چئو ﷲ توهار! اچو تہ جهولي ڦھلايون، ڌڻيءَ جي در، مولا! شل خير هجي، هن ڌرتيءَ جو، آباد رهن، هر جنجل کان آزاد رهن، منھنجا مارو، منھنجا ماڻهو، خوشحال رهن! ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت، عظمت جا اهڃاڻ سلامت، مارو مرڪن، چھرا چمڪن، شال! اسان جي پڳ سلامت، دنيا ساري جڳ سلامت، راڄ سلامت ڀاڳ سلامت! پورهيو، پنڌ ۽ ماڳ سلامت، ڌرتيءَ ماءُ! او ڌرتي ماءُ! شل! نہ لڳئي ڪوسو واءُ! اسين ٻچڙا آدم شاھہ جا، اسين فقير ميان نصير جا، تنھنجي جهوليءَ ۾ جهولون، پلجون، نپجون، وڌئون ويجهون! چئو ﷲ توهار! اچو تہ شھيدن جي رت جي، ساک کڻون، اسين اولاد آدم شاھہ جو، وچن ڪريون! چئو ﷲ توهار