تحفة الفقه ( ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ فقہ جي موضوع تي هڪ مفصل ڪتاب آهي . ڪتاب ستن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ سال 1382ھہ/ 1963ع ۾ اسٽئنڊرڊ پريس ، فريئر روڊ ، سکر مان ليٿو ۾ ڇپايو ويو . ڪاتب جو نالو ” عبدالله سومرو “ لکيل آهي . ڪتاب جو مؤلف مولوي حافظ عبدالحميد صاحب ، مدرسہ دارالهديٰ ، ٺيڙهي ، خيرپورميرس جو سند يافتہ عالم هو . هن صاحب هيءُ ڪتاب پنھنجي استاد مولانا حبيب ﷲ مرحوم ، مهتمم مدرسہ دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جي نگرانيءَ هيٺ تيار ڪيو . ڪتاب حافظ شمس الدين ائنڊ برادرس ، مالڪان مڪتب شمسيه بئراج روڊ ، سکر ، جي طرفان شايع ڪيو ويو . هن ڪتاب جو هڪ مڪمل نسخو ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه اسلامي ثقافت ۽ تقابل اديان جي سيمينار لئبرريءَ ۾ رکيل آهي . تحفة الفقہ جو ديباچو مولانا حبيب ﷲ ، مهتمم ، مدرسہ دارالهديٰ طرفان لکيو ويو آهي . ديباچي ۾ نہ فقط ڪتاب جي تاليف ۽ اشاعت جي ضرورت جو ذڪر ڪيو ويو آهي ، پر ان جو مختصر تجزيو بہ ڏنو ويو آهي . ڪتاب جو هيءُ ستون ڇاپو آهي ، جيڪو حافظ شمس الدين سکر مان سال 1934ع ۾ ڇپايو . ٻيو حصو سال 1945ع ۾ ڇپيو ، جنهن ۾ 80 صفحا هئا ، قيمت ٻہ رپيا اٺ آنا ڄاڻايل آهي