
تحفة النصائح قلمي
تحفة النصائح (قلمي): هي قلمي نسخو سيد شاھہ يوسف حسيني جي تصنيف آهي. هي ڪتاب روزمرھہ جي زندگيءَ جي لاءِ هڪ بھترين وعظ ۽ نصيحت آهي. سڄو ڪتاب منظوم آهي، جنهن ۾ ڪل 45 باب آهن. هي سڄو نظم مصنف پنھنجي فرزند لاءِ لکيو آهي. ڪتاب جي شروعات هن طرح سان ٿئي ٿي:
”حمد بگويم بي عدد مر خالق جن و بشر
ڪرده معلق آسمان هم اختران شمس و قمر“
۽ اختتام هيئن ٿو ٿئي:
”...تمت تمام شده تسخه تحفة النصائح
تحريرم بتاريخ 14 ماھہ صفر 1128ھہ“
65 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو خط نستعليق ۾ تحرير ٿيل آهي، ڪاتب جو نالو تحرير ناهي ٿيل ۽ سن ڪتابت 1128ھہ لکيل آهي، هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.