تاريخ تحفة الڪرام

تاريخ تحفة الڪرام

تحفة الڪرام جلد سوم

تحفة الڪرام- جلد سوم ( ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف مير علي شير ” قانع “ ٺٽوي آهي ، جنهن 1181ھہ/ 1767ع ۾ هيءُ ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ تصنيف ڪيو . مير علي شير هيءُ ڪتاب ٽن جلدن ۾ لکيو آهي ، جنهن جو آخري ٽيون جلد سنڌ بابت آهي . سنڌ جي تاريخ لاءِ هيءُ ڪتاب ’اينسائيڪلوپيڊيا ‘ جو ڪم ڏئي ٿو . تاريخ ، جي هن ڪتاب ۾ مشھور ماڻهن ، شهرن ۽ ڳوٺن ، قومن ۽ ذاتين جو مفصل بيان ملي ٿو . پهريان ٻہ جلد هندستان ۽ اسلامي دنيا جي تاريخ تي آهن . هيءُ ڪتاب ، مير صاحب 1180 ھہ ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي . معصوميءَ ۾ تہ فقط ترخاني ۽ ارغوني دؤر جا مشاهير آيل آهن ، پر هن ڪتاب ۾ ڪلهوڙن جي زماني تائين مشاهيرن کي آندو ويو آهي . ڪلهوڙن جي تاريخ بابت بہ هي هڪ مستند ڪتاب آهي ، ڇاڪاڻ تہ مصنف انهيءَ ئي دور جو ماڻهو آهي . هن ڪتاب جا ٽيئي جلد ، مطبع ناصري ، دهليءَ ، ۾ ڇپجي چڪا هئا ، پر بلڪل نامڪمل هئا . مرزا قليچ بيگ مرحوم ترتيب جي ٿوريءَ ڦيرگهير سان ” قديم سنڌ “ نالي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ، جيڪو 1925ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان ۾ برطانوي عھد تائين جو اضافو پنھنجي طرفان ڪيائين . ڪتاب جا مختلف قلمي نسخا ملن ٿا ، پر مصنف جو پنھنجي هٿ اکرين لکيل نسخو ، پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي ، ۽ برٽش ميوزيم ۾ بہ مصنف جي هٿ اکرين ٻہ نسخا آهن . ڪتاب جي ٽئين جلد جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ، سنڌي ادبي بورڊ تيار ڪرايو . آخري جُلد سنڌ بابت آهي ، جنهن جا پڻ ٽي ڀاڱا آهن: ( 1) سنڌ جي تاريخ ( ميان سرفراز تائين) ، ( 2) سنڌ جي شهرن ۽ اتي جي مشاهيرن جو احوال ، ( 3) ننگر ٺٽو ، تاريخ ۽ مشاهير . ڪتاب جا سنڌي ، اردو توڙي فارسي ايڊيشن ظاهر ٿي چڪا هئا ، پر سنڌي ادبي بورڊ ، بين الاقوامي معيار تي مبني جديد تنقيدي ايڊيشن آڻڻ لاءِ ، اوائل ۾ هيءُ ڪم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي مرحوم کي سونپيو ؛ افسوس جو ڊاڪٽرصاحب ، زندگيءَ جي بيوفائيءَ جي ڪري هيءُ ڪم پورو نہ ڪري سگهيو . ان کان پوءِ پير حسام الدين شاھہ راشديءَ ، تحفة الڪرام جي ايڊيٽنگ شروع ڪئي ، پر پاڻ ان جو صرف پهريون ڀاڱو تيار ڪري سگهيو . جنهن جي محنت قابل ديد آهي ، هن ايڊيشن جي خوبين ۾ هيٺيان تفصيل لازوال محنت ۽ تحقيق جا مثال آهن: سومرن ۽ سمن تي نئون مواد سهيڙڻ ، سنڌ جي مغليه فتح تي سمورو مواد يڪجا ڪرڻ ، شاھہ بيگ ارغون جي مرڻ جو سال 930ھہ/ 1523ع) ڄاڻائڻ ، ٺٽي جي مغليه صوبيدارن جي مڪمل فهرست ڏيڻ ، ڪلهوڙن جي تاريخ بابت ادبي مواد ذريعي تصديق ڪرڻ ، نسب نامن ۽ ڪتبن ذريعي حاڪمن جي تاريخن جي ڳولا ڪرڻ ۽ عرب گورنرن جي مڪمل فهرست آخر ۾ ڏيڻ ، جيڪا وڌيڪ جامع آهي ، ڪتاب ۾ شامل آهن . ڪتاب جي آخر ۾ 124 تصويرن جو سيٽ بہ ڏنو ويو آهي . جڏهن هن ايڊيشن ۽ سنڌي ڇاپي کي ڀيٽجي ٿو ، تڏهن اڳ واري ڪتاب جي ناقص ۽ اڻ پوري هجڻ جي خبر پوي ٿي . تحفة الڪرام ( جلد ٽيون) جو مطبع ناصري ڪانپور مان 1885ع ۾ شايع ٿيو هو . واڌارن سڌارن کان پوءِ سال 1957ع ۾ هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو . ۽ هڪ سال ۾ 1181ھہ/ 1767ع ۾ ختم ڪري ، پوءِ بہ انهيءَ ۾ اضافو ڪندو رهيو ، ۽ اهو سلسلو 1188ھہ/ 1774ع تائين جاري رهيو . سنڌ جي مشاهيرن ، علمائن ، بزرگن ، خطاطن ، ۽ مصنفن خواه شاعرن جي سلسلي ۾ ’تاريخ معصومي ‘ کان پوءِ ٻيو هي تذڪرو


هن صفحي کي شيئر ڪريو