تحقيقي مرڪز، ڀٽ شاھہ (شاھہ لطيف ايڪسيلنس سينٽر): سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي فڪري ۽ شاعرانه عظمت کي اجاگر ڪرڻ ۽ بين الاقوامي سطح تي ڀرپور انداز سان روشناس ڪرائڻ لاءِ 1995ع ۾ تڏهوڪيءَ وزيراعظم پاڪستان، محترمہ بينظير ڀٽو هن جو افتتاح ڪيو. جنھن ”سينٽر آف ايڪسيلينس شاھہ عبداللطيف ڀٽائي“ جي نالي سان هڪ جامع پروگرام شروع ڪرڻ جو حڪم ڪيو. انھيءَ رٿا کي گورنر سنڌ جي نگراني هيٺ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي سربراهيءَ ۾ شروع ڪيو ويو. هن جامع رٿا ۾ شاھہ لطيف جي روضي کي سھڻو بنائڻ، سنڌ جي ثقافتي روين کي فروغ ڏيڻ ۽ شاھہ لطيف جي فڪر ۽ پيغام کي سمجهڻ ۽ ان کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تائين پھچائڻ لاءِ لطيفي مطالعي جو تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ شامل آهن. انھيءَ بنياد تي 9 آڪٽوبر 1995ع تي عبدالغفار سومري (تڏهوڪي ڪمشنر حيدرآباد)، تشڪيل ڏنل ناميارن عالمن ۽ دانشورن جي ڪميٽي جي ميٽنگ ڪوٺائي ۽ ”شاھہ عبدالطيف ڀٽائي تحقيقي مرڪز“ جو بنياد وڌو. جيستائين ان تحقيقي مرڪز لاءِ ڀٽ شاھہ تي ڪو مڪمل بندوبست ٿئي، ان وقت تائين اداري جي عارضي آفيس ڪمشنر جي لئبريريءَ ۾ قائم ڪري، هن علمي، فڪري ۽ تحقيقي ڪم جو آغاز ڪيو. تحقيقي مرڪز جا مقصد هيٺيان رکيا ويا. تحقيقي مرڪز جا مقصد: الف: هن اداري جو بنيادي مقصد شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي شروع کان وٺي هن وقت تائين سنڌ اندر يا سنڌ کان ٻاهر سنڌي، انگريزي، اردو، فارسي، جرمن، فرينچ، عربي يا جن بہ ٻين ٻولين ۾ تحقيقي يا ترجمي وارو مواد شايع ٿيو آهي، ان کي تحقيقي مرڪز لاءِ مرحليوار حاصل ڪرڻ. ب: لطيف سائين جي ڪلام جا قلمي نسخا يا انھن جا عڪس حاصل ڪرڻ. ج: شاھہ سائينءَ جي ڪلام جا بمبئي ڇاپي کان وٺي، سنڌي ادبي سوسائٽي يا ٻين ادارن جيڪي بہ ليٿو ۾ رسالا شايع ڪيا آهن، انھن کي حاصل ڪرڻ. د: نئين سنڌي صورتخطي ۾ وقتاً بوقتاً شايع ٿيندڙ شاھہ لطيف جي رسالن کي حاصل ڪرڻ آهن. م: شاھہ لطيف جي ڪلام جا ترجمو ٿيل رسالا يا ان جو ڪو بہ حصو جيڪو ٻين ٻولين ۾ شايع ٿيو آهي، اهي حاصل ڪرڻ. و: شاھہ لطيف جي ڪلام جا شرح سان شايع ٿيل جھڙوڪ: ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شرح ڪيل رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا شرح سان شايع ٿيل رسالي جا مختلف جلد ۽ ٻيا حاصل ڪرڻ. ز: لطيف دنيا جو مهان شاعر آهي، صوفي فڪر ۾ هن جو مقام نهايت مٿانهون ۽ اعليٰ آهي، ان لاءِ اهو بہ ضروري آهي تہ تحقيقي مرڪز لاءِ صوفي فڪر جي مڙني نظرين ۽ فلسفن متعلق ڪتابن کي حاصل ڪري، تحقيقي مرڪز جي زينت بنائجي، جيئن اهو ڪتابي مواد محققن کي تحقيق جي سلسلي ۾ ڀرپور مدد ڏئي سگهي. ح: لطيف جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو اڻ ميو خزانو آهي، جنھن ۾ ٻوليءَ جا مختلف لھجا، لفظ، انھن جا مترادفات اڪيچار صورت ۾ ملن ٿا. ان لاءِ ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪتابي مواد کي پڻ تحقيقي مرڪز ۾ جاءِ ڏيڻ. ط: لطيف کي سنڌي ثقافت، جاگرافي ۽ تاريخ ۾ پڻ وڏو مقام حاصل آهي، ان لاءِ تحقيقي لحاظ کان ان قسم جي ڪتابي مواد کي تحقيقي مرڪز ۾ آڻڻ. ي: لطيف جي شاعري سنڌ جي اساسي ۽ صوفيانه فڪري شاعريءَ جي تاريخ ۾ گهاڙيٽي ۽ ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان عروج وارو مقام رکندڙ آهي. جتي پاڻ پنھنجي دور ۽ ان کان اڳ جي شاعرن کان متاثر آهن، اتي پنھنجي دور جي يا بعد جي شاعرن جي ڪلام تي سندن فڪري ۽ فني اثر گهرو اثر نظر اچي ٿو. تقابلي مطالعي لاءِ اڳين توڙي پوئين شاعرن جي ڪلام جا بياض تحقيقي مرڪز ۾ گڏ ڪرڻ. ھہ: شاھہ لطيف تي، شاھہ لطيف ثقافتي مرڪز، سنڌ اطلاعات کاتي، شاھہ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ جي مختلف علمي ادبي تنظيمن يا ٻين ادارن جيڪو مواد شايع ڪيو آهي، اهو حاصل ڪرڻ. ل: شاھہ سائينءَ تي ٿيل ريڊيو پروگرامن، ٽي وي پروگرامن يا ساليانه عرس مبارڪ جي رڪارڊنگ کي شروع کان وٺي حاصل ڪرڻ. م: ڀٽ شاھہ تي لطيفي راڳ جي سرواڻ سائين غلام شاھہ (مرحوم) جي راڳ جي مڪمل ريڪارڊنگ سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي، ان کي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ. ن: شاھہ سائينءَ تي هن وقت تائين جن بہ پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي يا ڪري رهيا آهن. انھن پنھنجي ٿيسز لاءِ جيڪي سورس مٽيريل گڏ ڪيا، انھن کي تحقيقي مرڪز لاءِ حاصل ڪرڻ ۽ شاھہ تي لکيل هر لکڻيءَ کي اداري لاءِ حاصل ڪرڻ. س: شاھہ لطيف جي ليکڪن جي ڊائريڪٽري تيار ڪرڻ، جنهن ۾ ليکڪ جو تعارف ۽ هن لطيف تي جو ڪجهہ لکيو آهي، ان جو وچور ڏيڻ. ع: شاھہ سائين جي معروف توڙي غير معروف راڳيلن، ڪلام جي حافظن ۽ تحت اللفظ ڪلام پڙهندڙن جي ڪلام کي رڪارڊ ڪري محفوظ ڪرڻ ۽ ڪلام جي حافظن جي ياداشت تيار ڪرڻ. جڏهن ڪمشنري نظام ختم ٿي رهيو هو، ان وقت هن مرڪز جو انچارج محمد حسين ڪاشف هو، سندس درخواست تي هو چند الماڙين سميت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت ۾ شفٽ ٿي آيو، انچارج کي پگهار ثقافت کاتو ڏيندو هو، بعد ۾ بيماريءَ بعد هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين. تازو 2010ع ۾ شاھہ لطيف جي سالياني عرس تي وزير ثقافت، حڪومت سنڌ محترمہ سسئي پليجو ڀٽ شاھہ ۾ ريسرچ سينٽر (تحقيقي مرڪز) جو سنگ بنياد رکيو، جنهن کان پوءِ اٿارٽيءَ ۾ پيل ڪتابن جون الماڙيون ۽ مواد ان سينٽر کي منتقل ڪيو ويو آهي. هن تحقيقي مرڪز ۾ ”شاھہ لطيف جي سڄاڻي“ عنوان سان محمد حسين ڪاشف صاحب جيڪو ڪم ڪيو هو، ان جو پهريون جلد ميلي جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.