سگمنڊ فرائيڊ
تحليل نفسي: فطرت جي نظام کي هڪ خاص طريقي سان تلاش ڪرڻ جي ڪوشش کي سائنس چيو ويندو آهي. ماهر نفسيات سگمنڊ فرائيڊ اناني نفسيات کي سمجهڻ لاءِ ’تحليل نفسيءَ‘ جو طريقو اپنايو، جيڪو هڪ ٽيڪنيڪ ئي نه بلڪه اصول به آهي، ته علاج جو طريقو به. تحليل نفسيءَ جي مدد سان جسماني ۽ ذهني مرضن جو علاج شروع ٿيو. فرائيڊ جي تجربيگاهه ڊاڪٽر جي هڪ ڪمري جهڙي هئي، ان ۾ سمهڻ جو به انتظام هو ته جيئن مشاهدي هيٺ آيل مريض سمهي به سگهي ۽ خواب به ڏسي سگهي يا هپناٽزم جي مدد سان لاشعوري حالت ۾ به آڻي سگهجي. انسان جي لاشعوري فطرت، خواب ۾ ڪافي حد تائين ظاهر ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته خواب ۾ ان ماڻهوءَ جي دٻيل جذبن کي کليءَ طرح موقعو ملي ويندو آهي. خواب جي حالت ۾ اهو ذهن جي شعوري گرفت کان آزاد ٿي ويندو آهي ۽ جيئن سڀئي ڄاڻن ٿا ته خواب ۾ اهڙا عجيب ۽ غريب خيال ظاهر ٿيندا آهن، جيڪي شعوري حالت ۾ ظاهر نه ٿيندا آهن. خواب ۾ انسان اهڙا ڪم به ڪندو آهي، جيڪي بيداريءَ جي حالت ۾ ممڪن نه هوندا آهن. خواب يا لاشعوري حالت ۾ تجزيو ڪري، ذهن جي گهرائيءَ ۾ لڪل محرڪن جي ڄاڻ پئجي سگهي ٿي. فرائيڊ شعوري حالت ۾ به ڳالهه ڪرڻ، ان جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن مسئلن جي بنيادي سببن کي تلاش ڪرڻ ضروري سمجهيو. فرائيڊ دريافت ڪيو ته انسان ظاهر ۾ ته پنهنجي مسئلن کي سلجهائڻ چاهيندو آهي، پر ان ڳالهه تي اهو غير شعوري احتجاج ڪندو آهي ته متان ڪو سندس ڪچليل جذبن کي ڄاڻي وٺي، ڇاڪاڻ ته اهي خيال يا جذبا اڪثر ”خراب“ ۽ سماج جي مڃيل روايتن جا انڪاري هوندا آهن. انسان انهن کي پوريءَ سگهه سان لڪائيندو آهي ۽ اشاري ملڻ تي انڪار ڪندو آهي. نفسياتي ماهر تي ڪاوڙ ڪندو آهي، يا نيٺ هار کائي، انهن جذبن کي درست قرار ڏيندو آهي. درست قرار ڏيڻ جي عمل ۾ اسان پنهنجن ڪمن ۽ خيالن کي منطقي لباس ۾ پيش ڪندا آهيون. اسان اهو قبول نه ڪندا آهيون ته اسان جو ڪو خيال يا ڪم اسان جي اصولي نظام سان تعلق نه ٿو رکي. مثال طور: ڪو شخص سگريٽ نوشيءَ جي عادت کي ڇڏڻ لاءِ چوندو آهي، پر جڏهن اهو ٻيهر سگريٽ پيئڻ شروع ڪندو آهي ته چوندو آهي ته ان سان سندس دل خوش ٿئي ٿي. ڪڏهن چوندو آهي ته هو ٻين کي ڏسي سگريٽ پيئي ٿو يا اهو ته هڪ ڀيرو پيئڻ سان ڪو نقصان نه ٿيندو. اهڙيءَ طرح اهو ٻيا دليل به ڏيندو رهندو آهي، ڪو شخص جيڪو ٻارن کي تڪڙ ۾ مار موچڙو ڪري ويهندو آهي يا ٻين کي گاريون ڏيندو آهي، اهو ان لاءِ ڪيترن نمونن جا سبب ٻڌائيندو آهي، جيڪڏهن ان کي چيو وڃي ته انهن ڪمن لاءِ هن جو مزاج ئي ذميوار آهي ته هو ان ڳالهه کي ڪڏهن به نه مڃيندو، پر جيڪڏهن سمهڻ دوران هپناٽزم تحت هن جي ذهن جون ڳالهيون معلوم ڪيون وڃن ته پوءِ اهو اصلي ڳالهيون ٻڌائي سگهي ٿو. تجربا ٻڌائين ٿا ته هپناٽزم ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ٻار جيان معصوم ٿي ويندو آهي. ان وقت کيس ٻاروتڻ جون ڳالهيون به ياد اچي وينديون آهن، پر شعوري حالت ۾ اهي وساريل ڳالهيون ياد نه ٿو رکي سگهي. ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته اسان جي گذريل زندگي بيڪار نه ٿي رهي، پر شعور جي پويان لڪل رهي هر وقت سرگرم رهي ٿي. لاشعور جو عمل ان وقت نظر ايندو آهي، جڏهن شعور سرگرم نه هجي، يا ان عمل ۾ ڪا کوٽ پيدا ٿي پوي. خواب هپناٽزم يا چريائپ جي حالت ۾ جڏهن شعور جي گرفت انسان تي ڍري هوندي آهي ته لاشعور انسان جي شعور تي حاوي ٿي ويندو آهي. نتيجي طور انسان جا دٻيل جذبا ۽ خيال سامهون اچي ويندا آهن، تڏهن انساني ورتاءُ بدلجي ويندو آهي. ان صورت ۾ ڪو پاڻ کي وحشي سمجهندو آهي ته ڪو مست ملنگ نظر ايندو آهي، ڪو پاڻ کي پوليس وارو ته ڪو ڊاڪٽر سمجهڻ لڳندو آهي. ڪجهه اهڙيون دوائون به آهن، جن جي اثر سان لاشعوري ذهن آسانيءَ سان سامهون اچي ويندو آهي، شراب به ان ۾ شامل آهي.فرائيڊ هڪ اهڙو طريقو ڳولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ذريعي خواب، دوا يا چريائيءَ جو سهارو حاصل ڪرڻ کان سواءِ لاشعور کي سامهون آندو وڃي. هن شروع ۾ هپناٽزم جي طريقي جو استعمال ڪيو، پر بعد ۾ آزادانه سوچ تي زور ڏنو، جنهن ۾ ماڻهوءَ کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ويندو آهي ته جيڪو ڪجهه به ذهن ۾ آهي، اهو بنا هٻڪ جي بيان ڪري. ان ڳالهه جو به خيال نه رکيو وڃي ته ڇا چوڻ صحيح يا مناسب ٿيندو. انهن بي ترتيب ڳالهين جي مدد سان ماهر نفسيات ان شخص جي لاشعوري ذهن کي ڪم ڪندي ڏسي سگهي ٿو. فرائيڊ محسوس ڪيو ته انسان جي زندگيءَ ۾ ٻاروتڻ جون گذريل ڳالهيون تمام اهم هونديون آهن. ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ، ڀاءُ جي رويي جي وڏي اهميت هوندي آهي. فرائيڊ کي يقين هو ته جنس (Gender) انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان طاقتور پر دٻيل عنصر آهي. هن جو چوڻ هو ته جنسي جذبا ٻاروتڻ ۾ به موجود هوندا آهن، جنهن جي هڪ علامت اها به آهي ته ڇوڪرو ماءُ جي ويجهو هوندو آهي ۽ ڇوڪري پيءُ سان خاص لڳاءُ رکندي آهي. ان لڳاءَ ۾ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ ايندي آهي ته ٻار اُن رڪاوٽ وجهندڙ کان نفرت ڪندو آهي، وڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن ويڙهه ۾ هارائي ويندو آهي ته سندس خواهش دٻجي لاشعور ۾ گهر ڪري ويندي آهي. ٻار جو ڪنهن وڏي ماڻهو لاءِ رويو پيءُ جي تصور ۽ رويي کان متاثر ٿيل هوندو آهي. فرائيڊ تسليم ڪري ٿو ته جنسي رويي کي ڪنهن حد تائين دٻائڻ ضروري آهي، پر ان حد تائين نه جيترو ان دور ۾ يورپي سماج ۾ مروج هو. اهو وڪٽورين دور هو، جنهن ۾ زندگيءَ طرف حوصلو ۽ اميد ته موجود هئي، پر سماج ۾ کلي فضا ۽ ماحول نه هو. پنهنجن جذبن ۽ خيالن سان گڏ پاڻ کي به ضرورت کان وڌيڪ ڍڪڻ، لڪائڻ ۽ روڪي رکڻ جي عادت هئي. جنس کي به دٻايو ويندو هو. (ايشيائي ملڪن ۾ جنسي جذبي کي يورپ کان وڌيڪ دٻايو ويندو هو.) فرائيڊ ٻڌايو ته انسان جي زندگيءَ ۾ جنسي جذبي کي ڪچلڻ سان ڪيترن ئي قسمن جون خرابيون پيدا ٿين ٿيون، جن جي نتيجي ۾ انسان جو صحيح مزاج بنجي نه ٿو سگهي ۽ اهڙن انسانن جي ذريعي سماج جي مناسب ترقي ناممڪن آهي.