
IIIتحوتمش
تحوتمشIII- ( 1490- 1436 ق . م ) :تحوتمش مصر جو فرعون هو ، جيڪو ڏهن سالن جي عمر ۾ مصر جو فرعون بڻيو هو ۽ پوءِ ايندڙ ويهن سالن تائين بي اختيار بادشاھہ رهيو . سندس چالاڪ ۽ لالچي ماٽيجي ماءُ راڻي هات شيپ هن بدران پاڻ کي بادشاھہ سڏائڻ لڳي ، پر پٽ کي شريڪ بادشاھه چوائڻ ۽ تير اندازي ۽ گهوڙي سواري جهڙن بادشاهي فنن جي سکيا وٺڻ جي اجازت ڏنائين . ان بعد جلد کيس لشڪر ۾ موڪلي ، پاڻ کان پري ڪيائين ۽ پاڻ فرعون جا سمورا اختيار هلائڻ لڳي . هات شيپ جي موت بعد ئي تحوتمش فرعون جا اختيار هلايا ، ان وقت تائين هو بادشاهي اختيار هلائڻ لائق ٿي چڪو هو . هن فوجي سکيا ۽ ٻين فنن مان مڪمل فائدو وٺندي ، هڪ وسيع مصري سلطنت قائم ڪئي . هو هڪ قابل منتظم ، ملڪي مدبر ، تعميراتي ڪمن ۽ فنن جو سرپرست بڻيو ۽ کيس مصر جو عظيم ترين فرعون سمجهيو وڃي ٿو . جڏهن تحوتمش کي اقتدار مليو ، ان وقت مصر پنھنجي تاريخ جي ڏکئي دور مان گذري رهيو هو . تحوتمش جي ڏاڏي تحوتمش-I پنھنجي حڪومت ۾ شام کي مفتوح بنائي ، اتي مصري اقتدار قائم ڪري ڇڏيو هو ، پر هات شيپ جي حڪومت ۾ پوري ڌيان نہ ڏيڻ ڪري مصري اثر رسوخ گهٽجي ويو هو . مخالف متحد ٿي ويا هئا ۽ خطرو پيدا ٿي چڪو هو تہ ڪٿي اهي ان علائقي تي قبضو نہ ڪري وٺن . تحوتمش پاڻ حڪمت عملي جوڙي ۽ ڪمانڊر انچيف جي حيثيت ۾ پنهنجون فوجون هڪ اهڙي رستي سان وٺي ويو ، جنهن ڏانهن ڪنهن جو وهم گمان بہ نہ هو . اوچتو حملو ڪري کين ميگيڊو وٽ شڪست تائين ان فتح ۾ ذري گهٽ سڄو شام مصري اقتدار جي هٿ هيٺ اچي ويو . تحوتمش جي حڪومت جا پويان ڏينهن مصري تاريخ جي سڀ کان شاندار دور جي شروعات سمجهيا وڃن ٿا . ان دور ۾ نہ رڳو امن امان قائم هو ، پر خوشحالي بہ هئي . مصري فن تعميرات عروج تي هو . تحوتمش کان پوءِ سندس پٽ آمن ٽوپ-II تخت تي ويٺو ۽ ان کانپوءِ سندس پوٽو تحوتمشIV حاڪم ٿيو . مصر جي ترقي ۽ شان شوڪت جو جيڪو دور تحوتمش جي آخري سالن ۾ قائم ٿيو ، اهو هنن ٻنهي شهنشاهن جي دور ۾ بہ قائم رهيو . پر سندس پڙ پوٽي ٽوپ-III ۽ سندس پٽ اخناتن جي ڏينهن ۾ مصر جو زوال شروع ٿيو . اخناتن هڪ سڌارڪ شهنشاھہ هو ، جنهن هڪ نئون مذهب متعارف ڪرايو ، جنهن جو بنياد سج کي واحد ديوتا مڃڻ ۽ ان جي عبادت ڪرڻ هو . هن پنھنجي گاديءَ جو هنڌ ڦيرائي اخناتن ( هاڻي تل ايل امرنا ) ۾ رکيو ، فن تان پابنديون نرم ڪري ڇڏيائين ، پر ماڻهن اهي تبديليون قبول نہ ڪيون ، جنهنڪري سندس سلطنت ، آهستي آهستي ڪمزور ٿيندي وئي . اخناتن جي پٽ توتان خامن کي ورثي ۾ اهڙو مصر مليو ، جيڪو اڃا شاهوڪار هو ، پر مختصر ٿي چڪو هو ۽ ان کي ٻيهر ڪڏهن بہ ماضيءَ وارو شان شوڪت نصيب نہ ٿيو .