تحية المسجد: مسجد ۾ داخل ٿيڻ بعد ٻہ رڪعتون نفل نماز ادا ڪرڻ کي ’تحية المسجد‘ چئبو آهي. حضرت ابوهريرهرضه کان روايت آهي، تہ رسول اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو آهي تہ: ”جيڪو شخص مسجد ۾ داخل ٿئي تہ ان کي ويهڻ کان اڳ ٻہ رڪعتون نفل پڙهڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪو شخص اهڙي وقت ۾ مسجد ۾ داخل ٿئي، جنهن وقت نماز مڪروه هجي تہ کيس ’تحية المسجد‘ ادا نہ ڪري، بلڪہ هو تسبيح و تقديس ۾ لڳي وڃي.“ هن نماز جو مطلب آهي تہ ماڻهن ۾ عبادت جو ذوق و شوق پيدا ٿئي ۽ اهي صدق ۽ اخلاص سان گڏ نماز طرف مائل ٿين.