تخاري: ’تخاري‘، تخارستان جي رهاڪن جي ٻولي آهي. تخارستان بلخ ۽ بدخشان وچ ۾ موجود سرزمين آهي. عربن ۽ ساسانين جي حڪومت ۾ تخارستان ”امو درياھہ“ کان ”هندوڪش“ جبل جي لڪن تائين وسيع هو. زبان شناسن جي اڪثريت جو خيال آهي تہ تخاري زبان هند يورپي زبانن ۾ شامل آهي ۽ ان جو شمار ايراني زبانن ۾ نٿو ٿئي، پر اسلامي ڪتابن ۾ تخاري زبان کي ايراني زبان ڪوٺيو ويو آهي. البيروني ۽ بشاري مقدسيءَ هن زبان کي بلخي زبان جي قريب شمار ڪيو آهي.