
تخت طائوس
تخت طائوس: شاھجھان بادشاھہ جو ٺھرايل، مور جي شڪل جهڙو تخت، جيڪو دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿيندو هو. مغل شھنشاھہ شاهجهان، تخت نشينيءَ کان پوءِ پنھنجي لاءِ هڪ قيمتي تخت تيار ڪرايو، جيڪو ”تخت طائوس“ سڏيو ويو. انھيءَ تخت جي ڊيگهہ تيرهن وال، ويڪر اڍائي وال ۽ اوچائي پنج وال هُئي ۽ سون جي ڇھن پاون تي قائم هو. تخت تائين پھچڻ لاءِ ٽي ننڍا ننڍا ڏاڪا ٺاهيا ويا هئا، جن ۾ ڏوراهين مُلڪن مان آندل هيرا ۽ جواهر جَڙيل هئا. ٻنھي ٻانھين تي، ٻہ خوبصورت مور، چُھنبن ۾ موتين جي لڙهي جهلي، پَرن کي کوليو، ڇانوَ ڪريو بيٺا هوندا هئا. ٻنھي مورن کي ڇاتين تي ڳاڙها ياقوت بہ مڙهيل هئا. تخت جي پٺئين تختي تي قيمتي هيرا جڙيل هُئا، جن جو مُلھه ڪروڙين رپيا هو. تخت جي تياريءَ تي ڪروڙين رپيا خرچ آيو هو. جڏهن نادرشاھہ دهليءَ تي حملو ڪيو ته، اتان جي سموري دولت لُٽڻ سميت، ”تخت طائوس“ کي بہ پاڻ سان گڏ ايران کڻائي ويو.