تخت ڀئي

تخت ڀئي

تخت ڀئي

تخت ڀَئي: ٻوڌي دور جو هي ماڳ خيبر پختونخوا (سرحد) صوبي جي شھر مردان کان 15 ڪلوميٽر پري آهي. ساڳئي نالي سان جديد ڳوٺ بہ هن ماڳ جي ڀرسان آهي. هي ماڳ هڪ ٽڪريءَ تي آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ وهندڙ چمشمو موجود آهي، هتي ٻڌن جي وهارن جا نشان ۽ وٿون، جن ۾ ٺلھہ، ٺلهن جي چوڌاري ڀڪشوئن جي رهڻ لاءِ ننڍيون ڪوٺڙيون، هڪ وڏو هال ۽ گڏجي ماني کائڻ جو ڪمرو لڌا ويا آهن. ننڍا ڪمرا ننڍن درن سان ۽ گهڻو ڪري اونداها آهن، انهن ڪمرن جي وچ ۾ ويهڻ جو ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي تہ شايد ٿلهي تي ويهي پوڄاري تپسيا ڪندا هئا.هي ماڳ پهرين ق.م جو ڪٿيل آهي، جنهن کي قديم آثارن جي ماهرن چئن دورن ۾ ورهايو آهي، هي ماڳ 2 صدي عيسوي تائين وسندي حالت ۾ رهيو ۽ ڪشان بادشاهن کان سواءِ پارٿين جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيو. هن جو ٻيو دور ان ٺلھہ جي اڏاوت، اسيمبلي هال جي اڏاوت آهي، اهي ٻئي وٿون اڃا بہ موجود آهن، جيڪي ٽين ۽ چوٿين صدي عيسويءَ جون اڏاوتون ڪٿيون ويون آهن، چوٿين ۽ پنجين صدي عيسويءَ ۾ هن هنڌ تي ڪشانن ٻڌ جا ڪافي وهارا ٺهرايا، اهو هتي جي اڏاوتن جو ٽيون دور ليکيو ويو آهي، جڏهن تہ ڇهين ۽ ستين صدي عيسويءَ ۾ هي ماڳ هنَن (Huns) جي حڪمراني هيٺ رهيو، انهن بہ ان قسم جي اڏاوتن ۾ واڌارا آندا. هن ماڳ بابت سڀ کان اول هڪ فرنيچ آفيسر جنرل ڪورٽ 1936ع ۾ لکيو، جڏهن تہ 1864ع ۾ هن ماڳ جي هلڪي کوٽائي ٿي 1920ع ۾ هن ماڳ جي کوٽائي ڪري سياحت لاءِ کوليو ويو. تخت ڀائي جي ڀرپاسي ٻيا کوڙ انهيءَ دور سان واسطو رکندڙ ماڳ مڪان موجود آهن، جن مان ڪن جا نالا رڪارڊ لاءِ ڏجن ٿا، جيئن: شير ڳڙھہ، شيري بهلول، چارسده، لنڊ خوار ۽ ٽڪر خاص شھرت رکن ٿا. هي ماڳ دنيا جي ثقافتي ورثي طور 1980ع کان يونيسڪو جي نگراني ۽ سنڀال هيٺ آهي.


لفظ تخت ڀئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو