تدفين

تدفين: فوت ٿي ويل جسم کي مذهبي طور طريقن بعد ڪفنائڻ ۽ زمين ۾ دفن ڪرڻ کي ”تدفين“ جو عمل چئبو آهي. سنڌو ماٿريءَ جي رهاڪن جي دفنائڻ ڪفنائڻ جي طور طريقي جي باري ۾، موهن جي دڙي کان وڌيڪ هڙاپا ۾ شاهديون مليون آهن. هڙپا مان لڌل اهي آثار سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جي آخري دؤر سان تعلق رکن ٿا. خيال آهي ته انهن مان ڪن جو تعلق ان دور سان آهي، جڏهن عيسوي سن کان 1300 سال اڳ موهن جي دڙي جو زوال ۽ ان ۾ تبديلي اچي چڪي هئي. موهن جي دڙي مان اڃا ڪوبه باقاعدي قبرستان نه لڌو آهي، البت جدا جدا هنڌن تان انساني هڏن جا پڃرا لڌا آهن، جن لاءِ ائين چئي نه ٿو سگهجي ته اهي دفن ڪيا ويا هئا. هڙپا ۾ ڪيترا قبرستان مليا آهن، جن مان هڪ قبرستان کي ماهرن آر- 37 چيو آهي، اُن قبرستان ۽ هڙاپا جي ڪوٽ واريءَ ڀت جي وچ ۾ هڪ ٻيو قبرستان لڌو ويو آهي، جنهن کي مدفن ايڇ (2) چيو ويو آهي. هنن مقبرن مان جيڪي باقيات لڌيون آهن، تن مان پتو پوي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ ۾ دفنائڻ جا ٽي طريقا رائج هئا، (1) مڪمل تدفين، (2) جزوي تدفين، ۽ (3) رک جي تدفين. مڪمل تدفين جو مطلب آهي ته سمورو لاش دفن ڪيو وڃي. ان حالت ۾ لاش سان گڏ مٽيءَ جا ٿانو، مڻڪا، سپ جا چمچا، عاج جون چار پنج چوڙيون ۽ ٻيا ڪي ننڍا وڏا ٿانو، آخرت جي توشي طور پوريا ويندا هئا. جزوي تدفين جو مطلب آهي ته لاش کي کليو ڇڏي ڏجي، ته جيئن ماڪوڙيون ۽ ڳجهون اُن جو ماس کائي وڃن ۽ بچيل هڏين کي دفنائي ڇڏجي. موهن جي دڙي ۾ اهڙو مثال ايڇ آر ايراضيءَ جي هڪ گهر مان لڌل هڪ هڏن جي پڃري جي ڪجهه هڏين مان ملي ٿو. خاڪستري مدفن (رک جي تدفين) ۾ لاشن کي ساڙي، انهن جي رک ڪنهن ٿانو ۾ رکي، دفن ڪيا ويندا هئا، اها رک ويڪري منهن وارن اهڙن ٿانون ۾ رکي ويندي هئي، جيڪي گهر ۾ ڪم ايندڙ ٿانون کان جدا قسم جا هوندا هئا. انهن ۾ تمام ٿوريون انساني هڏڙيون موجود آهن. رک ۾ هڏين جي موجودگي ايتري اهم نه سمجهي ويندي هئي، ڇو ته تدفين جي هن طريقي جو مقصد رک دفن ڪرڻ ئي هو.


لفظ تدفينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو