تذڪرة المراد

تذڪرة المراد

تذڪرة المراد

تذڪرة المراد (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف ٺٽي شھر جو حاجي محمد حسن ”صفائي“ هو، جنهن يارهين صدي ۾ هيءُ تذڪرو لکيو. هن تذڪري ۾ ٺٽي جي مشھور بزرگ ۽ ولي الله، سيد محمد حسين ولد سيد احمد شيرازي، المعروف سيد مراد (متوفي 893ھہ/ 1487ع) جو احوال ۽ سندس ملفوظات شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ان وقت جا تاريخي واقعا، ۽ ان دور جي ٻين بزرگن ۽ مشاهيرن جو بہ ذڪر آهي. ان کانسواءِ ان دور جي سنڌ جي دوريشانه ۽ صوفيانه ماحول جي بہ هن ڪتاب مان خبر پوي ٿي تہ هي ڪتاب ناياب آهي ۽ ان جو هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري وٽ بہ موجود آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو