تذڪرهء ثابت

تذڪرهء ثابت

تذڪرهء ثابت

تذڪرهء ثابت (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور مرثيہ گو شاعر سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ جي فن ۽ فڪر بابت مختلف اديبن جي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن کي پروفيسر سيد اعجاز علي شاھہ جو مرتب ڪيل آهي. ڪتاب تي نظرثاني زوار عبدالستار درس وڌي آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي سنڌي مرثيہ گو شاعر سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي بابت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مولانا غلام محمد گرامي، ميرزا عباس علي بيگ، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، نظير حيات سيوهاڻي، نصير مرزا، پروفيسر سيد اعجاز علي شاھہ ۽ زوار عبدالستار درس جا مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 146 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي يادگار اڪيدميءَ طرفان 2017ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو