تذڪره حسيني
تذڪره حسيني: تذڪره حسيني جو مصنف مير حسين دوست تخلص حسيني هو. سندس پيءُ جو نالو مولوي سيد ابوطالب، جيڪو سنڀل ضلع مراد آباد (هندوستان) جو رهاڪو هو. هوش سنڀالڻ کان پوءِ دهلي هليو ويو. جتي هن وڏن وڏن عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرايو. 1173هه/1759ع ۾ دهليءَ مان بريلي هليو ويو. جتي هن ’تشريح نادر‘ (دستور زبان فارسي) لکيو ۽ 1789ع ۾ ’تيمور نامه هاتفي‘ نالي ڪتاب نثر ۾ لکيو. ان کان پوءِ جي احوال بابت ڪا به خبر نه ٿي پوي. مير حسين دوست سنڀلي حسيني ’تذڪره حسيني‘ ۾ اوليائن، اوصيائن، بادشاهن، شاعرن، علمائن ۽ فاضلن جي ذڪر سان گڏوگڏ سندن شعر پڻ شامل ڪيا آهن. هي تذڪرو مولف 1163هه/1749ع ۾ مڪمل ڪيو، جيڪو مولف پاڻ پنهنجي تذڪري ۾ قطعه تاريخ چئي ڄاڻايو آهي. اين نسخه چو بافت زيب التمام تاريخ شدش ”خجسة انجام“ 1163هه (1749ع) تذڪره حسين جهڙي ناياب تذڪري ۾ مير حسين دوست سنڀلي ساڍا پنج سئو کان مٿي اوليائن، اوصيائن، بادشاهن، شاعرن، علمائن ۽ فاضلن جي ذڪر ۽ شاعري کي قلمبند ڪيو آهي. تذڪري جي شروعات امير المومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليه السّلام جي ذڪر سان ۽ يوسفي مولانا طيب حراساني جي ذڪر تي اختتام ڪيو اٿس. ان ۾ سنڌ جي اڪبر بادشاهه، ميرزا جاني بيگ، حيدر ڪلوچ، حزين، سرمد شهيد، سنجر، غروري ٺٽوي،، فيروز شاهه، فرخ سير، ملا مرشد، يڪتا وغيره سان گڏوگڏ انهن شاعرن جو پڻ ذڪر موجود آهي، جيڪي پنهنجن ملڪن مان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. هي ناياب تذڪرو منشي نول ڪشور 1292هه/1875ع ۾ پنهنجي اشاعت گهر ’منشي نول ڪشور لکنو‘ مان شايع ڪرايو، ڊيمي سائيز جي 375 صفحن تي مشتمل هن تذڪري جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.