تذڪره خزانہ عامره (ڪتاب ):مير غلام علي آزاد بلگرامي هي تذڪرو 1176ھہ/1762ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ تاليف ڪيو ۽ مقدمي ۾ قطعه تاريخ مان تاليف جو سن ڄاڻايو اٿس. گنجور خرد گوهر تاريخ فشاند”حق داده عجب خزانہ عامره“1176ھہ (1762ع) مير غلام علي آزاد هن تذڪري جي تياري ۾ هيٺين ڪتابن مان استفادو ڪيو. 1. لباب الالباب از محمد عوفي، 2. تذڪره دولتشاھہ از دولتشاھہ سمر قندي، 3. تحفه سامي از سام ميرزا صفوي، 4. خلاصه الاشعار از مير تقي ڪاشف، 5. هفت اقليم از امين احمد رازي، 6. منتخب التواريخ از بدايوني، 7. مجمع الفضلاء از محمد عارف بقائي، 8. تذڪره ميرزا طاهر نصر آباد، 9. مرآت الخيال از شير خان لوڌي، 10. ڪلمات الشعرا از ميان محمد افضل سرخوش، 11. هميشہ بھار از ڪشن چند اخلاص، 12. يدبيضا از مير آزاد، 13. رياض الشعرا از واله داغستاني، 14. مجمع النفائس از سراج الدين علي خان آرزو وغيرہ وغيرہ. پر مير آزاد سڀني کان وڌيڪ مجمع النفائس مان استفادو ڪيو آهي. هي تذڪرو هڪ سئو پنجٽيھہ شاعرن جي احوال تي مشتمل آهي ۽ الف ب وار ترتيب سان شروعات انوري جي ذڪر سان ۽ اختتام يوسف بلگرامي تي ٿئي ٿو. هي تذڪرو پهرين ڪانپور مان 1871ع ۾ ۽ ٻيو دفعو منشي نولڪشور لکنو مان 1882ع ۾ ڇپيو.