
تذڪره رياض الشعرا

تذڪره رياض الشعرا مقطوع اليدين جو لکيل
تذڪره رياض الشعرا: رياض الشعرا'>تذڪره رياض الشعرا جو مولف علي قلي واله داغستاني آهي. سندس پورو نالو نواب خان زمان بھادر ظفر جنگ علي قلي خان تخلص واله هو. هي حضور صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جن جي چاچي جي اولاد مان هو. هلاڪو جي دور ۾ هن جي خاندان گروهن جي صورت ۾ حجاز ۽ هند ڏي هجرت ڪئي. علي قلي واله جا وڏا داغستان ڏي وڃي آباد ٿيا، اتي علي قلي جي ڏاڏي کي داغستان جو رئيس مقرر ڪيو ويو. هن جا وڏا صفوي حڪمرانن وٽ وڏن عهدن تي معمور هئا. علي قلي صفر 1124ھہ/1712ع ۾ اصفهان ۾ ڄائو. هن کي هندوستان ۾ ڇنگا (ڇھن آڱرين وارو) چوندا هئا، ڇو تہ هن کي ڇھہ آڱريون هيون. جيئن ئي 1128ھہ/1716ع ۾ هن جي پيءُ نخجوان ۾ وفات ڪئي. هن جي ماءُ هن سميت اصفهان واپس آئي. 1129ھہ/1717ع ۾ پنجن سالن جي عمر ۾ قرآن پڙهي مڪتب ۾ داخل ٿيو. علي قلي ننڍي هوندي کان ئي پنھنجي سؤٽ خديجہ سلطان سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو ۽ هوءَ بہ هن سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي، انهن جي محبت ڪامياب نہ ٿي ۽ ٻئي هڪٻئي کان پري هڪٻئي جي ياد ۾ مري ويا. اهو سڄو واقعو مير شمس الدين فقير دهلوي هڪ مثنوي ”واله و سلطان“ ۾ بيان ڪيو آهي. شمس الدين تيرهن هزار ٻہ سؤ ٽيھہ (13230) بيتن تي مشتمل اها مثنوي 1160ھہ/1747ع ۾ چئي. جيڪا 1971ع ۾ لاهور مان ڇپجي چڪي آهي. علي قلي 1170ھہ/1756ع ۾ وفات ڪئي. هن جو تصنيفون هي آهن. 1. ”ديوان واله“، 2. ”مثنوي مرزا نامہ“، 3. ”رياض الشعرا'>تذڪره رياض الشعرا. رياض الشعرا'>تذڪره رياض الشعرا علي قلي واله داغستاني 1160ھہ/1747ع ۾ شروع ڪيو ۽ 1161ھہ/1748ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ مولف آخر ۾ هڪ رباعي چئي تصنيف جو سال 1161ھہ/1748ع ڄاڻايو آهي. علي قلي سان خديجہ جي ماءُ ايترو تہ سڙندي هئي جو اهڙا حالات پيدا ڪيائين جن سبب علي قلي کي ايران مان سنڌ ۽ هنڌ ۾ اچڻو پيو، سنڌ ۽ هند ۾ رهندي ئي هن ”رياض الشعرا'>تذڪره رياض الشعرا“ لکيو. هي تذڪرو مقدمي سان گڏ 18 حصن تي مشتمل آهي ۽ هن ۾ تقريباً ڏھہ هزار پنج سؤ شاعرن جو ذڪر ۽ شاعري جو نمونو ڏنل آهي. تذڪري ۾ شاعرن جا نالا الف- ب وار ترتيب سان ڏنل آهن. هن تذڪري ۾ سنڌ جي شاعرن جو ذڪر بہ موجود آهي. جن ۾ نمايان ابوالفتح ٺٽوي جو تفصيلي ذڪر آهي. هن تذڪري جا قلي نسخا دنيا جي مشھور لائبررين ۾ موجود آهن. ان کان علاوہ پنجاب يونيورسٽي ۾ ٻہ قلي نسخا، سنڌ ۾ ٽالپرن جي ڪتب خاني ۾ 2 نسخا ۽ ميرزا عباس علي بيگ جي ڪتب خاني ۾ هڪ قلي نسخو موجود آهي. ٽالپرن جي ڪتب خاني ۾ موجود نسخن مان هڪ ناياب نسخو مقطوع اليدين محمد عالم ٺٽوي 1200 ھہ/1805ع ۾ لکيل آهي، مقطوع اليدين محمد عالم جا ٽالپر دور ۾ هٿ سزا طور ڪپيا ويا هئا جنهن کانپوءِ هن سڄي ٻانهن ۾ قلم ٻڌي ڪيترائي ڪتاب لکيا جھڙوڪ رياض الشعرا'>تذڪره رياض الشعرا ڌار ڌار مير غلام علي خان ٽالپر ۽ مير ڪرم علي خان ٽالپر لاءِ، قرآن مجيد، فضائل مرتضوي ۽ ڪتاب تعقيبات وغيرہ وغيرہ آهن. هٿن وڍجڻ کانپوءِ پهرين ”رياض الشعرا'>تذڪره رياض الشعرا“ لکيائين. هي تذڪرو پهريون دفعو هندستان مان 2005ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.