تذڪره سرو آزاد: سرو آزاد'>تذڪره سرو آزاد جو مصنف مير غلام علي تخلص آزاد آهي. مير غلام علي حسيني اصل بلگرام جو رهاڪو هو ۽ سندس نسب حضرت زيد شھيد بن امام زين العابدين عليہ السلام سان ملي ٿو. مير آزاد 25 صفر 1116ھہ/18 جون 1704ع تي اوڌ صوبي شھر بلگرام ۾ ڄائو. هوش سنڀالڻ کان پوءِ پنجن ناميارن استادن کان تعليم حاصل ڪيائين. ابتدائي تعليم مير طفيل احمد بلگرامي کان وٺڻ بعد مير عبدالجليل بلگرامي (ناني) کان لغت، حديث، سيرتِ نبوي ۽ ادب، مير سيد محمد دائي کان شعر و شاعري، عروض ۽ فصاحت و بلاغت، شيخ محمد حيات سنڌي کان مديني ۾ مذهبي تعليم ۽ شيخ عبدالوهاب طبطاوي کان مڪي ۾ علم حديث پرايائين. پاڻ پنھنجي سوانح ۾ لکي ٿو تہ سڄي عمر ۾ صرف ٽي دفعا بلگرام مان مسافرت ڪيائين. پهريون دفعو شاھجھان آباد (دهلي) ۾ ٻيو دفعو سنڌ ۾ ٽيون دفعو حجاز ڏي حج جي قصد سان ويو. هن نامور اديب، تاريخدان ۽ شاعر 84 سالن جي عمر ۾ سنہ 1200/1785ع ۾ وفات ڪئي، ڪنهن شاعر سندس مادہ تاريخ وفات هنن لفظن مان ڪڍي آهي ”آه غلام علي آزاد“ (1200ھہ).
مير غلام علي آزاد بلگرامي جون تصنيفون هي آهن. 1. ديوانِ آزاد، 2. مثنوي (مير عبدالجليل بلگرامي جي جواب ۾)، 3. مثنوي سراپائي عشق، 4. سندة السعادات في حسن خاتمته السادات، 5. غزالان هند، 6. شجره طيبه، 7. روضة الاوليا، 8. مآثرالڪرام، 9. يدبيضا، 10. سرو آزاد، 11. خزانہ عامره، 12. ضوالدراري، 13. سبحة المرجان في آثار هندوستان ۽ 14. ديوان آزاد (عربي)، تذڪره سرور آزاد مولف 1166ھہ/1752ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ ديپاچي جي آخر ۾ قطعه تاريخ چئي سن ڄاڻايو آهي.
شنو از قمريان غيب تاريخ
”نشاند آزاد سرو سبز تازہ“
1166 ھہ
مير غلام علي آزاد ان کان سواءِ پهرين باب جي آخر ۾ ”تحرير عالي ڪرد آزاد“ مان ۽ ٻئي باب جي آخر ۾ ”ختم او احسن“ مان سن 1166ھہ (1752ع) ڪڍيو آهي. هي تذڪرو ٻن بابن تي مشتمل آهي. پهرين باب مير آزاد فارسي جي هڪ سئو ٽيتاليهن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. جن مان ٽيھہ بلگرام جا رهندڙ (بلگرامي) ۽ باقي هڪ سؤ تيرهن مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ آهن. هن تذڪري ۾ 1000ھہ/1591ع کان 1166ھہ/1752ع تائين جي شاعرن جو ذڪر ۽ ڪلام جو نمونو ڏنل آهي. ٻئي باب ۾ اردو جي اٺن شاعرن جو ذڪر آهي. هي تذڪرو مولوي عبدالحق جي ڪوشش سان لاهور مان 1913ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.