تذڪره شعراءِ ٽکڙ

تذڪره شعراءِ ٽکڙ

تذڪره شعراءِ ٽکڙ

تذڪره شعراءِ ٽکڙ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سيد اسدالله شاھہ ”بيخود“ حسيني ٽکڙائيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ٽکڙ جي شاعرن جو ڪلام ۽ سوانح عمريون شامل آهن. ٽکڙ، ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ درياھہ جي ڪپ سان مشھور شھر ۽ بندر رهيو آهي. هن شھر ۾ حسيني سادات ۽ ميمڻن جا علمي گهراڻا آباد آهن، جن جي ڪلام ۽ سوانح کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، ڊاڪٽر سيد اسدالله شاھہ حسيني ٽکڙائيءَ، هي تذڪرو ترتيب ڏنو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان، 1952ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو ديباچو سيد ميران محمد شاھہ لکيو ۽ ان ۾ غلام محمد گرامي جا تاثرات بہ شامل آهن. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو بورڊ طرفان 2005ع ۾ شايع ٿيو. نئين ڇاپي جي قيمت 110 رپيا آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو