تذڪره لباب الالباب: هي تذڪرو سنڌ ۾ پيدا ٿيل فارسي ادب جو هڪ اوائلي ۽ نادر نمونو آهي. سلطنت هند جي شروعاتي دور ۾ اتر سنڌ ۽ ملتان تي ناصر الدين قباچه (602/1205ع-625هه/1228ع) نالي هڪ علم دوست حاڪم راڄ ڪندو هو. قباچه ۽ سندس وزير توڙي امير، فارسي علم ۽ ادب جا وڏا مربي هئا. هنن جي درٻار ۾ وڏا وڏا شاعر ۽ اهل قلم پليا ۽ نپنا. ان دور ۾ نه صرف سنڌ جو، پر مجموعي طور تي فارسي زبان ۾ شاعرن جو پهريون تذڪرو ”لباب الالباب“ نالي سان تيار ٿيو. هن تذڪري جو مؤلف سديدالدين محمد عوفي، بخارا ۾ ڄائو ۽ اتي ئي تعليم ورتائين. پاڻ پنهنجو نالو هن ريت ٻڌايو اٿس: ”محمد بن محمد عوفي“. سندس لقب تي علمي دنيا ۾ ڪافي اختلاف ڏسجي ٿو، کيس سديد الدين، نور الدين ۽ جمال الدين جي ن سان به سڏيو ويو آهي، پر سندس صحيح لقب ”سديدالدين“ آهي. لقبن جي هن اختلاف سبب محقق هڪ بجاءِ متعدد ’عوفي‘ پيدا ڪري وڌا آهن. عوفي عملي دنيا ۾ قدم رکندي ڏاڍا ڏک ڏٺا ۽ ڪيترن ئي شهرن جو روزگار جي سانگي سير سفر ڪيائين. هن سن 617هه/1220ع تائين خراسان ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتان پوءِ مغل انتشار ۽ برباديءَ سبب ساڳئي سال ۾ سنڌ پهتو. ان وقت سنڌ جو حاڪم ناصر الدين قباچه هو، جنهن جو مرڪز ’اچ شريف‘ هو. سنڌ پهچي عوفي قباچه جي درٻار سان لاڳاپجي ويو. خدا جي ياد سان گڏ هن پاڻ کي اچ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مشغول رکيو. قباچه جي زوال بعد 625هه/1228ع عوفي التمش جي درٻار ۾ شامل ٿي ويو، جتي سن 645هه ۾ وفات ڪيائين. سندس هيٺين ڪتابن جو احوال ملي ٿو: 1. تذڪره لباب الالباب 2. الفرج بعد الشدة، فارسي ترجمو، انتساب قباچه (تصنيف قاضي ابي الحسن بن علي التنوخي، وفات 384هه/994ع).3. جوامع الحڪايات، چار جلد (قباچه جي فرمائش تي لکجڻ شروع ٿيو، جو پوءِ 628هه ڌاري پورو ٿيو).4. مدايح السلطان (قصيدا، گم ٿيل) لباب الالباب سن 618هه/1221ع ۾ اچ ۾ قباچه جي دربار ۾ تيار ٿيو ۽ مؤلف پنهنجي هن مثالي تذڪري جو انتساب، وزير عين الملڪ فخر الدين الحسيني اشعريءَ جي نالي ڪيو. هن ڪتاب کان اڳ فارسي زبان ۾ شاعرن جو ڪو به تذڪرو تيار نه ٿيو هو.يعني دنيا ۾ پهريون تذڪرو سنڌ ۾ لکيو ويو.جيتوڻيڪ ابتدا کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن تذڪري جي قدامت تي بحث جاري آهي، تاهم عالمن ۽ نقادن مشهور عالم ۽ مؤرخ مير غلام علي بلگرامي آزاد (ٻارهين صدي هجري) جي هن راءِ سان پورو اتفاق ڏيکاريو آهي، ته پوءِ سڀ تذڪره نويس ادبي خيال کان عوفيءَ جو اولاد آهن. ان ڏس ۾ وڌيڪ مطالعي ۽ بحث مباحثي لاءِ ڊاڪٽر علي رضا تقوي جو ڪتاب ”تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان“ ڏسڻ گهرجي. عوفيءَ جو هي تذڪرو ٻن جلدن ۾ تحرير ٿيل آهي، جن ۾ ٻارنهن باب آهن. ياد رهي ته آخري باب، سنڌ جي ادبي دربار متعلق مواد فراهم ڪري ٿو. ڪجهه عالمن ۽ محققن جو رايو آهي ته عوفيءَ کان هي تذڪرو تيار ڪندي ڪيئي غلطيون سرزد ٿيون آهن، تاهم لباب الالباب سوانحي، ادبي، شعري ۽ تمدني تاريخ جو اهو لازوال حوالاجاتي ڪتاب آهي، جنهن جو ڪيترن ئي ملڪن ۽ شهرن تي ڪم ڪندي، حوالو وٺڻ ناگريز ٿي پيو آهي. حقيقت ۾ عوفي جيڪڏهن ان دور ۾ هن موضوع تي قلم نه کڻي ها ته پوءِ پڪ سان وچ ايشيا، ايران، خراسان ۽ هند-سنڌ جي اوائلي علمي تاريخ جا ڪيئي گوشا اڄ گم هجن ها. هي تذڪرو پوءِ جي عالمن لاءِ جن ان موضوع تي قلم کنيو، هڪ مشعل راهه بنيو آهي. عوفيءَ جو هي تذڪرو جيتوڻيڪ سنڌ ۾ تيار ٿيو، ليڪن سنڌي عالمن اڄ ڏينهن تائين،ا ن کي هتي جي ادبي تاريخ ۾ مناسب اهميت ته ٺهيو، پر ان جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو آهي. هونءَ ته اسان وٽ ادبي اتهاس ۾ عوفي ابتدا کان نظرانداز پئي ٿيو آهي، تاهم موجوده دور ۾ پهريائين ڊاڪٽر سدا رنگاڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا فارسي گو شاعر، انگريزي“ ۽ پوءِ مسٽر محمد حسين پنهور ڪتاب ”سنڌ جي واقعاتي لغت، ص 42-251، انگريزي“ خاص طرح سان ان ڏس ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي. تعجب آهي ته پنهور صاحب، ان دور ۾ سنڌ کان ٻاهر جي ٿيل تصنيف تاليف کي ته پنهنجي ڪتاب ۾ خاص جڳهه ڏني آهي، تاهم لباب الالباب کانئس بلڪل وسري ويو ٿو ڏسجي. هن تذڪري جو پهريون جلد لنڊن ۽ ليڊن مان، پروفيسر برائون سال 1903ع ۾ شايع ڪيو. ساڳي عالم مرزا محمد قزوينيءَ سان گڏجي لباب جو ٻيو جلد سال 1906ع ۾ پڌرو ڪيو. ڪتاب جو ٻيون ۽ گڏيل ايڊيشن، اضافي تعليقات سان، مرحوم سعيد نفسي، سال 1945ع ۾، تهران مان نروار ڪيو آهي. ان کانسواءِ ويجهڙائي ۾ هن تذڪري جا ٻئي جلد ايران مان ڇپجي چڪا آهن. ايران مان شايع ٿيندڙ هي تذڪرو ٻن نمونن ۾ شايع ٿيو آهي. هڪ ايڊيشن ۾ تذڪري جا ٻئي جلد هڪ ٻئي ۾، جڏهن ته ٻئي ايڊيشن ۾ ٻئي جلد الڳ الڳ شايع ڪيا ويا آهن.