تذڪره مجمع البلغاء: هن تذڪري جو مؤلف مير علي شير قانع ٺٽوي جو فرزند مير غلام علي ”مائل“ آهي. هي صاحب سن 1181ھہ ۾ پيدا ٿيو. ٺٽي ۾ تعليم ۽ تربيت ٿيس ۽ اتي ئي سال 1251ھہ ۾ وفات ڪيائين. هي صاحب ٽالپوري دور جو، فارسي ۽ اردو زبانن جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ مير ڪرم علي خان جي درٻار سان لاڳاپيل هو. سنڌي ادبي بورڊ، مائل جو فارسي شعر ”ڪليات مائل“ نالي سان 1909ع ۾ ڇپيو آهي. جيتوڻيڪ مير مائل شاعرن جو تذڪرو ”مجمع البلغاء“ نالي سان تيار ڪيو، جڏهن تہ ڪليات جي مرتب حبيب ﷲ رشدي، ان جو ذڪر نہ ڪيو آهي. راشدي صاحب هن تذڪري بابت لکيو آهي تہ: ”مير علي شير جي پٽ ۽ سنڌ جي مشھور شاعر، سنڌ جي شاعرن جو هي تذڪرو سن 1218ھہ/1803ع ۾ مرتب ڪيو. مسٽر ايليٽ جي فائيلن مان معلوم ٿيو تہ تذڪري جا جملي 639 ورق هئا ۽ هر هڪ صفحي تي 12 سٽون هيون. ابتدائي ارغون عھد کان وٺي ٽالپري عھد تائين فارسي گو شاعر، جيڪي سنڌ ۾ ٿي گذري، يا سنڌ سان جن جو ڪنهن نہ ڪنهن طرح سان واسطو رهيو، انهن سڀني جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي. مقالات الشعرا واري سلسلي جو، هي تذڪرو هڪ جامع ۽ مڪمل ڪڙي آهي. افسوس آهي جو ان جو ڪو بہ نسخو دستياب ٿي نہ سگهيو آهي. چند اقتباس ايليٽ جي فائيلن ۾ موجود آهن“.