
تذڪره مخدومان هالا
تذڪره مخدومان هالا (ڪتاب ):هالن جي نامور مخدومن جو هي تذڪرو مخدوم جميل الزمان جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هالا جي مخدومن (1790 کان 1944ع) جو احوال درج آهي. مخدوم نوح رحمت الله عليه جي فيض، مريديءَ، درگاھہ ۽ خاندان سان وابستہ سڀني بزرگن جي زندگين ۽ ڪرامتن بابت هن ڪتاب ۾ مفصل روشني وڌل آهي. ان کان سواءِ مخدوم صاحبن جي لکيل نسخن، واقعن ۽ شعر و سخن جو بيان ۽ 74 ناياب تصويرون بہ هن ڪتاب ۾ موجود آهن. هي تذڪرو مصنف ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. پهرين حصي ۾ خاندان جي پس منظر سان گڏوگڏ حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليه جو احوال پڻ ڏنل آهي، ان کانسواءِ حضرت ابوبڪر صديقرضي الله عنه، حــضــرت ابــوالقاسم رضي الله عنه، حضــرت عثــمان غــني رضي الله عنه، حضــرت ابو عبدالرحمان قاسم رضي الله عنه ۽ شيخ الشيوخ شھاب الدين سھروردي جو احوال پڻ موجود آهي. حصي ٻئي ۾ مخدوم امين محمد ثالث رحمت الله عليه، مخدوم زمان سرڪاررحمت الله عليه ، مخدوم محمد ظھير الدين رحمت الله عليه ۽ مخدوم غلام محمد عرف گل سائين جو مڪمل احوال ۽ ڪلام جو نمونو ڏنل آهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين بزرگن جو احوال پڻ موجود آهي. تذڪري ۾ ٻن حصن کانسواءِ حاشيا، ضميما ۽ شجرا پڻ وڏي محنت سان ترتيب ڏنل آهن، آخر ۾ مددي ڪتابن جي فهرست سان گڏوگڏ انڊيڪس بہ ڏنل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي. پڪي جلد ، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 610 صفحا آهن ۽ قيمت 250 رپيا آهي. هي ڪتاب طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا طرفان 2001ع ۾ شايع ٿيو.