تذڪره مشاهير ، تعلقہ ڳڙهي ياسين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حاجي عبدالحميد سومري مرزا پوريءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ تعلقي ڳڙهي ياسين جي شاعرن، عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، قلمڪارن، قانوندانن، آفيسرن، زميندارن، ليکڪن، عمارتن، لائبريرين، ملھہ پهلوانن، باغن ۽ واهن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني ويئي آهي. 52 صفحن تي مشتمل سادي ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي. هيءُ ڪتاب 2004ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.