تذڪره مير يعقوب علي خان (ڪتاب ):روهڙي شھر جي ”رضوي“ ساداتن جو پاڙو، قديم زماني کان وٺي ڏاڍو مردم خيز رهيو آهي. هن خاندان مان وقت بہ وقت وڏا عالم، مؤرخ، شاعر، خوشنويس ۽ درويش پيدا ٿيندا رهيا آهن. روهڙي شھر جي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان، رضوي سادات جي هڪ شاخ ”ڪوٽائي سادات“ جو محلو ”ڪوٽ مير يعقوب علي خان“ جي نالي سان آباد آهي. هن اعليٰ ۽ ارفع خاندان مان ”نواب سيد مير يعقوب علي خان رضوي“ سن 1088ھہ/1677ع کان سن 1091ھہ/1680ع تائين، بکر ۾ مغلن جو گورنر ٿي رهيو. مير صاحب، مغل بادشاھہ اورنگزيب جي دور ۾ بکر جي گورنريءَ دوران ”شاھہ آباد“ نالي هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو. هن وقت اهو قلعو زماني جي انقلابن ۽ وقت گذرندي ڊهي زمين دوز ٿي ويو آهي. البت ڪٿي ان جا ڪي آثار باقي نظر اچن ٿا.نواب سيد مير يعقوب علي خان رضويءَ جي اولاد مان سيد يعقوب علي شاھہ (چوٿون) عرف سيد علي مدد شاھہ ولد سيد صادق علي شاھہ (ٽيون) عرف سيد حيدر علي شاھہ ٻارهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ ”تذڪره مير يعقوب علي خان“ جي نالي سان فارسي زبان ۾ پنھنجي خاندان جو هڪ مختصر تذڪرو مرتب ڪيو. هُن انهيءَ تذڪري جو سن 1325ھہ/1907ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو بہ ڪيو. کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي وڏو عبور حاصل هو. پنھنجي نالي سان گڏ اڪثر” بندہ آل عبا“ لکندو هو. پاڻ پنھنجي خانداني قبرستان ”درگاھہ نواب مير دولھہ“ ۾ ابدي آرامي آهي.سيد يعقوب علي شاھہ چوٿين جي ٻيءَ ڪنهن تصنيف ۽ تاليف جو اڃا تائين ڪو بہ پتو پئجي نہ سگهيو آهي. صرف اهو ئي تذڪرو موجود آهي. هيءُ تذڪرو فارسي نثر ۾ لکيل آهي. فل اسڪيپ سائيز جي 25 صفحن تي پکڙيل آهي. جنهن جا اکر تمام ننڍا ۽ ڳُتيل آهن. هن نسخي جي مطالعي مان اهو پتو پوي ٿو تہ هيءُ تذڪرو اڃا بہ وڏو هو، جو پوءِ زماني جي ستم ظريفيءَ جو شڪار ٿي اڻپوري حالت ۾ رهجي ويو. هن تذڪري ۾ ” تذڪره نويسيءَ“ جي اصولن کي آڏو نہ رکيو ويو آهي. مؤلف جي لکڻ جو انداز نهايت عجيب ۽ منجهائيندڙ آهي. هر واقعي کي بيان ڪرڻ کان پوءِ ان کي وري وري دهرايو ويو آهي. نواب سيد مير يعقوب علي خان رضويءَ جو احوال قدري تفصيل سان ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ هن خاندان جي ٻين بزرگن جو احوال مختصر نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن تذڪري ۾، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي اقتدار ۾ اچڻ جي جدوجھد جو بيان بہ ملي ٿو. جيتوڻيڪ هيءُ تذڪرو نهايت مختصر آهي، پر باوجود ان جي تاريخي لحاظ کان، سنڌ جي مغل دور جي اهم ماخذن مان هڪ آهي.هن تذڪري جو اصل قلمي نسخو، سيد جميل حسين”منتظري“، ساڪن روهڙيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.