تذڪره يدِبيضا: سنڌ ۾ مغل شاهي بعد هڪ مقامي قبيلي ’ڪلهوڙن‘ جو راڄ (1700-1782ع) شروع ٿيو. هي دور علمي ۽ ادبي خيال کان سنڌ جي اتهاس ۾ مثالي ٿي گذريو آهي، ابتدائي ڪلهوڙا حاڪم جيتوڻيڪ اندروني طور خود مختيار هئا، ليڪن خارجي سطح تي هنن کي ڪڏهن بہ اطمينان ۽ سک حاصل نہ ٿيو. خودمختيار هوندي بہ ڪجهہ معاملن ۾ کين دهلي درٻار جي تابعداري ڪرڻي پوندي هئي. ميان نور محمد (وفات 1167ھہ/1753ع) جي زماني تائين، هتي جي معاملن لاءِ رپورٽنگ واسطي، شاهي گماشتن ۽ وقائع نويسين جي آمد جو سلسلو جاري رهندو. اهڙن وقائع نويسن مان، بلگرامي ساداتن کي هتي جي تاريخ ۾ مکيہ جڳھہ مليل آهي. ابتدا ۾ بکر ۽ سيوهڻ تي، مير عبدالجليل بلگرامي وقائع نويس مقرر ٿيو. بعد ۾ سندس فرزند سيد محمد کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو 1155ھہ/1742ع تائين سنڌ ۾ ڪم ڪندو رهيو. ڪجهہ عرصي لاءِ سندس پاران مير صاحب جي ڀاڻيجي، مير غلام علي آزاد (1143ھہ/1730ع-1147ھہ/1734ع) نيابت ڪئي. آزاد جو مرڪز سيوهڻ هو، تاهم سندس اچڻ وڃڻ ”خداآباد“ ۾ پڻ جاري رهيو. مير غلام علي آزاد (1116ھہ/1704ع-1200ھہ/1785ع)، هندستان جو هڪ ناميارو عالم ۽ شاعر توڙي تذڪره نويس ٿي گذريو آهي. مير صاحب سنڌ کان واپس ٿيڻ تي بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. سندس اڪثر وقت دکن ۾ گذريو. سندس وفات پڻ اتي ئي ٿي. هن عربي ۽ فارسي ۾ شعر توڙي نثر جا ڪل ويھہ ڪتاب ڇڏيا آهن. جن ۾ ”سرو آزاد“، ”خزانہ عامره“ ۽ ”ماثر الڪرام“ کي خاص اهميت حاصل آهي. مٿين ڪتابن کان علاوہ مير صاحب سيوهڻ ۾ رهندي سن 1140ھہ/1730ع ۾ هڪ تذڪرو ”يدبيضا“ تيار ڪيو، پاڻ هن تذڪري جي تاليف جو پس منظر هن ريت ڄاڻايو اٿس: ”هنن اکرن جو لکندڙ سيد غلام علي بن سيد نوح حسين بلگرامي، اڪثر سوچيندو هو تہ قديم ۽ موجود شاعرن جو ڪو تذڪرو تيار ڪجي، اتفاق سان سن 1143ع ۾ سنڌ جي شھر سيوهڻ پهتس. فرصت ۾ هي پراڻو خيال وري جاڳيو، ليڪن ڪتابن جي اڻاٺ (جيڪي اڪثر بلگرام ۾ آهن) سبب هن خيال کي تقويت نہ پئي ملي. بهرحال همت ڪيم ۽ 1145ھہ/1732ع ۾ ڪم شروع ڪري سال ۾ پورو ڪيم“. آزاد جي هن تذڪري ۾ 532 جديد توڙي قديم شاعرن جو احوال آيل آهي، جن مان چند معروف شاعرن: انوري، خاقاني ۽ سنائي غزنوي جو ذڪر ڪجهہ تفصيل سان ٿيو آهي. ڊاڪٽر علي رضا نقويءَ جو رايو آهي تہ هن تذڪري ۾ اڪثر ڪري پوين ۽ غير معروف شاعرن جو مفصل احوال ملي ٿو. جيتوڻيڪ آزاد جا ٻيا تذڪرا شايع ٿي چڪا آهن، ليڪن ”يدبيضا“ پنھنجي سنڌي نسبت جي ڪري اڃا تائين شايع نہ ٿيو آهي. هند ۽ سنڌ توڙي يورپ ۾ ان جا ڪجهہ نسخا موجود آهن ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مکيہ ڪتبخاني ۾ ”يد بيضا“ جو مائڪرو فلم پڻ موجود آهي.