تذڪره ڪلمات الشعرا
تذڪره ڪلمات الشعرا: تذڪره ڪلمات الشعرا جو مولف مرزا ميان محمد افضل تخلص سرخوش آهي. هن جو ڏاڏو مير لعل بيگ بدخشاني اصل بدخشان جو رهاڪو هو ۽ هن جو پيءُ محمد زاهد شاهي گهراڻي سان منسلڪ هو ۽ عالمگير بادشاهه جي دربار سان پڻ وابسته رهيو. محمد زاهد جا پنج ئي پٽ عالمگير جي دربار سان منسلڪ هئا. ميان محمد سرخوش، محمد زاهد جو ٻيو نمبر پٽ هو. ميان محمد سرخوش 1050هه/1640ع ۾ ڪشمير ۾ پيدا ٿيو ۽ مير معز ”افضل اهل زمانه“ مان سندس ماده تاريخ ڪڍي. ميان سرخوش شاعري ۾ پهرين پنهنجي وڏي ڀاءُ کان ۽ بعد ۾ ميرزا محمد علي کان سکيا ورتائين. ان کان سواءِ منعم حڪاڪ شيرازي ۽ مير معز موسوي فطرت کان پڻ ننڍپڻ ۾ گھڻو ڪجهه پرايو. هن جي شروع کان درويشائي طبيعت هئي. تصوف جي حقيقت کان آگاهه ۽ صوفي هو. هن جي شاگردن مان سڀ کان مشهور بندر ابن داس خوشگو (مولف تذڪره سفينه خوشگوي) هو. ميان سرخوش 76 سالن جي عمر ۾ 1126هه/1714ع تي دهلي ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفن ٿيو. هن جون تصنيفون هي آهن. 1. ديوان سرخوش (ٻه عدد)، 2. ڪليات سرخوش، 3. مثنوي نور علي نور (بقليد مولانا رومي)، 4. ساقي نامو، 5. مثنوي حسن و عشق (سسئي پنهون جي داستان بابت)، 6. مثنوي قضا و قدر، 7. مثنوي تعريف هندوستان، 8. مثنوي جنگ نامه، 9. مثنوي تعريف خسخانه، ان کانسواءِ نثر ۾ 10. رساله رايح (لوايح جامي جي تقليد ۾)، 11. جوش و خروش، 12. مير معز ۽ ناصر علي جي ديوانن جي ترتيب ۽ ديباچا ۽ 13. تذڪره ڪلمات الشعرا.ميان محمد سرخوش هي تذڪرو 1093هه/1681ع ۾ تاليف ڪيو. پر هن مورخن جو چوڻ آهي ته هي تذڪرو 1115هه/1703ع ۾ مڪمل ٿيو. مولف هن تذڪري ۾ جهانگير بادشاهه کان وٺي عالمگير شاهه جي دؤر تائين جي سخنورن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن مان ڪجهه سان مولف جي صحبت پڻ هئي. هن تذڪري ۾ الف ب وار شاعر جو ذڪر ڏنل آهي. تذڪرو مير الٰهي جي ذڪر کان شروع ٿئي ٿو ۽ مير يحييٰ ڪاشي جي ذڪر تي ختم ٿئي ٿو. سڀئي شاعر جهانگير، شاهه جهان ۽ اورنگ زيب عالمگير جي دور (1014هه/1605ع_1119هه/1707ع) جا آهن. هن تذڪري ۾ سنڌ جي خاص ڪري ٺٽي جي شاعرن جو تفصيلي احوال موجود آهي. هن جا قلمي نسخا دنيا جي مشهور لائبررين ۾ موجود آهن. هي تذڪرو 1942ع ۾ لاهور مان ۽ 1951ع ۾ مدراس مان ڇپجي چڪو آهي