تَرائِي: هيٺاهين زمين، جتي سِمَ يا برسات جو پاڻي اچي بيهي ۽ جتي سدائين پوسل هجي. درياھہ جي ڀر واري هيٺاهين زمين، جابلو ڀاڱي واري هيٺاهين زمين يا ٿر ۾ هيٺاهين زمين ترائي سڏبي آهي. ترائيءَ ۾ مينهن جو پاڻي جمع ٿيندو آهي، ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ماڻهو توڙي مال اهو پاڻي پيئندا آهن. ٿر ۾ ڪيتريون ترايون مشھور آهن: جھڙوڪ: پڌريو ترائي، راڻاسر جي ترائي (چيلهار)، سنيان سر جي ترائي وغيرہ.