ترائيءَوارو تڪيو

ترائيءَوارو تڪيو

ترائيءَوارو تڪيو

ترائيءَوارو تڪيو: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ترائيءَ وارو تڪيو، مدئجي ضلعي شڪارپور ۾ آهي. روايت آهي تہ شاھہ لطيف 1748ع ڌاري مدئجي آيو ۽ تڪيي واري هنڌ تي هڪ مسجد ۽ فقيرن جي رهائش لاءِ اوتاري سان گڏ اوتاري جي اڱڻ ۾ پاڻيءَ جو کوھہ کوٽايو هو. شاھہ لطيف فقيرن سان گڏ اڏاوت جي ڪم ۾ بہ حصو ورتو. سندس هٿن سان ڪيل اڏاوت اڄ بہ موجود آهي. ان کانسواءِ سندس تبرڪات ۾ جبو (چولو)، هڪ عدد ٽوپي (ڪلاھہ)، چاکڙي (ڪاٺ جي جتي)، ٻھارو ۽ ميڻ بتي اڄ بہ ڪماريه خاندان وٽ موجود آهن. ان جو ذڪر پير علي محمد شاھہ راشديءَ پنھنجي ڪتاب ”اهي ڏينھن، اهي شينھن“ ۾ پڻ ڪيو آهي. 1982ع ۾ فقير نور محمد ڪلهوڙي ۽ سندس وڏي فرزند فقير عبدالڪريم ڪلهوڙي مقامي رازي فقير ڪوڙل کان تڪيي واري هنڌ هڪ قٻو تعمير ڪرايو. جنھن جي چوڌاري شاھہ جا ڪيترائي شعر نقش ڪيا. مرحوم نصرت حسين ابڙي شاھہ جي تڪيي تي 1986ع کان 1990ع تائين ”تڪيو ڀٽائي يادگار ڪاميٽي“ ٺاهي ان جي طرفان ميلا بہ لڳرايا. ميلي ۾ شاھہ جا پانڌيئڙا اچي محبت ۽ عقيدت جو اظھار ڪندا هئا. شاھہ سائينءَ جي شاعريءَ تي ادبي محفلون، ملاکڙو ۽ ڪوڏي ڪوڏي رانديون بہ ٿينديون هيون. 12 رجب تي هر سال، تڪيي تي لطيف سائينءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. جنھن ۾ پري پري کان شاھہ جا عقيدتمند ۽ سگهڙ اچي شريڪ ٿيندا آهن. ان کان سواءِ تڪيي تي اڪثر سکائون بہ اينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو