ترائيءَ وارو دڙو: ڳاڙهي واريءَ ۾ ڍڪيل ھي ماڳ ٿاڻي بولا خان تعلقي ۾ آهي. ھتي سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جھڙو ٺڪراٺو ڦٽل گاهه ۽ واريءَ ۾ دٻيل آھي. ھي ماڳ ضلعي ڄام شوري جي تعلقي ٿاڻي بولاخان جي اتر- اولهه ڪنڊ تي آهي. ھي ماڳ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سپر ھاءِ وي تي 51-50 ميل پٿر کان 70 ڪلو ميٽر تي آهي. ھن دڙي جي ڀرسان هڪ قبرستان آهي، جنھن ۾ چوڪنڊي نموني جون 323 پٿر جون قبرون آھن، جن تي مختلف نموني جي اُڪر ۽ لکتون موجود آھن. قبرن جي مختلف مجموعن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جيئن: ڏکڻ کان اوڀر وارن مجموعن کي رانڪن وارو/ ’محمود جو قبرستان‘، ’ڄام لوھار جو قبرستان‘، بونيشن وارو قبرستان سڏيو وڃي ٿو. قبرستان جو اتر ۽ اوڀر وارو ڀاڱو ڪجهه وڌيڪ پراڻو آھي. جڏھن ته ڄام لوھار وارو حصو پوءِ جو لڳي ٿو. قبرستان 16 صدي عيسويءَ کان ارڙھين صدي عيسويءَ جي وچ واري دور جو ٿي سگهي ٿو. قبرستان لوھاراڻين، ڇٽن، ڀٽن ۽ خاصخيلي قبيلي سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو آھي. قبرستان جا ٻه وڏا حصا لوھارائين سان واسطو رکن ٿا، جيڪي برفت آھن، ڄام لوھار انھن جو وڏو ھو. جنھن جي وفات کان پوءِ ڄام آريءَ تي پڳ آئي. هن وقت هن خاندان جي پڳ نامياري سياستدان ملڪ اسد سڪندر خان تي آھي. اتر طرف ھڪ قبر تي ’لوھر علي نھمردي‘ لکيل آھي. نھمردي يا نومڙيا، اصل ۾ سمن جي جوکيا شاخ مان آھن.ملڪ ھارون جو نالو تاريخ ۾ اورنگزيب جي زماني ۾ ملي ٿو. ھڪ قبر ايسب خان جي آھي. هڪ ايسب خان راجپوتانا کان آيو هو ۽ مڪران ۾ اچي رھيو هو. اھو ضروري ناھي ته هي قبر وارو ايسب خان اھو ساڳيو ھجي. ملڪ احمد خان، ملڪ سردار خان وغيره پڻ برفتن جا وڏا ھئا، جيڪي ھتي پوريل آھن. برفتن جا قبرستان ملير، منگهي پير ۽ ٻين ھنڌن تي به آھن. قبرون ڪي ساديون ته ڪن تي اڪر ٿيل آھي. پٿرن جي ٿلھن تي ٻن کان وٺي سورنھن تائين قبرون ملن ٿيون، جيڪي مٿاڇري کان 12 فوٽ مٿي آھن. ھتي پورڻ جو نمونو ٽن طريقن جو ملي ٿو: ڪن قبرن ۾ ھڪ کان مٿي مُردن پورڻ جو رواج هو، جو قبرن مان ھڪ کان وڌيڪ ھڏاوان پڃرا مليا آھن. ڪن قبرن ۾ ٺڪراٺو ۽ اناج جا داڻا به مليا آھن، ھڪ کان وڌيڪ پوريل مُردن واريون 31 قبرون آھن. 1991ع ۾ جنرل محمد ضياءُ الحق جي حڪم تي ھن قبرستان تي 5 لک روپيا خرچ ڪري قبرستان جي ڪريل صليبن کي ٻيھر جوڙي قبرون ٺاھيون ويون ۽ جهنگ وغيره صاف ڪيو ويو هو.