ترائي 2

ترائي2: تعلقي شھيد فاضل راهو (گولاڙچي)، ضلعي بدين ۾، گولاڙچي- بدين روڊ کان 3 ڪلو ميٽر اتر طرف موجود هن شھر جي زميني بيھڪ، هيٺاهين واري آهي، تنھنڪري ان کي ’ترائي‘ چوندا آهن. يونين ڪائونسل جو درجو رکندڙ هيءُ شھر ڪڏهن آباد ٿيو، ان بابت ڪا به مستند معلومات نٿي ملي. ماضيءَ ۾ کورواهه کان ترائي روڊ تي ڏاند گاڏيون ۽ اُٺن جون قطارون هلنديون هيون ۽ ترائيءَ کان اهو رستو بدين تائين هو. لنواري شريف جو بزرگ، خواجه محمد حسن نقشبنديءَ 1266هه/1849ع ۾ انھيءَ ترائيءَ واري رستي کان حج تي ويو هو. ان مان معلوم ٿو ٿئي ته سال 1266هه/1849ع ڌاري به ترائي شھر موجود هو. شھر جي اڀرندي پاسي امام واهه آهي، جيڪو ٽالپر حڪمرانن کوٽرايو هو. ترائي شھر ۽ ان جي آس پاس ميرن جون زمينون ۽ جاگيرون موجود آهن، جنھن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شايد امام واهه کوٽجڻ کان پوءِ اهو ڳوٺ آباد ٿيو هجي، جنھن آهستي آهستي هلي، شھر جي شڪل ورتي. تنھنڪري شھر جي آباد ٿيڻ جو دؤر، ٽالپرن جو شروعاتي دؤر تصور ڪري سگهجي ٿو. شھر کان 3 ڪلو ميٽر اتر ۾ ڪلهوڙن جي دؤر جي ’طالب واري مسجد‘ ۽ ترائي کان ڪڙيو گھنور لنڪ روڊ تي ’مڱرين جو دڙو‘ موجود آهن. هن وقت ترائي شھر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول، بنيادي صحت مرڪز، پوليس پوسٽ، واٽر سپلائي جي سھولت موجود آهن. هتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ پڻ قائم ٿيل آهي. شھر جي آدمشماري 8000 کان وڌيڪ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو