ترانو

ترانو: رباعيءَ کي ايراني انداز ۾ ڳائي ادا ڪرڻ کي ترانو چئبو آهي، جيڪو بعد ۾ غلط اچارجڻ سبب ’تِلانو‘ سڏجڻ ۾ آيو. حالانڪ اُن جي ادائگيءَ ۽ اصليت ۾ ڪافي فرق آهي. هڪ راءِ موجب ’تراني‘ توڙي ’تلاني‘ جي ايجاد کي امير خسرو ڏانھن منسوب ڪيو وڃي ٿو. اصل حقيقت هيءَ آهي ته امير خسرو نه صرف رباعيءَ جي قديم ايراني ’تراني‘ کي هندستان ۾ رائج ڪيو، پر هڪ قديم هندي صنف موسيقي ”تِنڪ“ ۾ تبديلي آندي. ان ريت ”تلانو“/ ’ترانو‘ ايجاد ٿيو. ”سنگيت رتناڪر“ ۾ ڳائڻ جي صنف، ”پرٻنڌ“ جي چوٿين حصي جو نالو ”تِنڪ“ ڏنو ويو آهي، ۽ ”سنگيت سوترا سار“ مطابق ’تلانه‘ جو مخرج به اهو ئي ”تنڪ“ آهي. اُن ۾ لفظ تِن (يا تنا) جو تڪرار ٿيندو هو. تراني کي پوڄا يا عقيدت جو هڪ غنائي اسلوب چئي سگهجي ٿو. هن لفظ جي باطني ڪيفيت ۾ برهما جو تصور سمايل آهي. جڏهن امير خسرو تصوف طرف لاڙو ڪيو، تڏهن هن عبادت جي غنائي اسلوب کي فارسي ۽ هنديءَ جو جامو ڍڪايو، ۽ ان ۾ جذبات جو هڪ نئون روح ڦُوڪيو. هن تلاني جي بندشن ۾ بي معنيٰ لفظ استعمال ڪيا؛ مثال طور، درتن، در، آ وغيره. پر آهستي آهستي انھن لفظن جي شڪل ۽ صورت تبديل ٿي وئي. اڄڪلهه جي مروج تراني ۾ بظاهر بي معنيٰ لفظ، مثلاً ”دردِر توم داني ديري نايلائي“ وغيره استعمال ۾ آهن. هنن لفظن جي ماخذ جي اصل حقيقت اڃا تائين تحقيق طلب آهي. اڄڪلهه جي مروج تراني ۾ بظاهر بي معنيٰ لفظ، ردم تي ادا ڪيا وڃن ٿا. ”خيال“ وانگر ”تراني“ جا ٻه حصا ٿيندا آهن، يعني اسٿائي ۽ انترو. عام طرح هي تيز يا دُرت لَئه ۾ ڳائبو آهي. ’ترانن‘ ۾ گهڻو ڪري، فارسيءَ جو شعر هوندو آهي. تراني جي صحيح گائڪي اُهو ئي ڪري سگهندو، جنھن کي خيال گائڪيءَ تي عبور حاصل هوندو. هن وقت راڳ جي ڪنھن به طرز ۾ چيل گيت کي ”ترانو“ چوندا آهن، جيئن ’قومي ترانو‘، ’جنگي ترانو‘ وغيره. هندي زبان ۾ ’تراني‘ کي تڪراري لفظ ڪري سڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ’تراني‘ ۾ فارسي ۽ عربي ٻوليءَ جا لفظ تڪراري نموني ٻڌل آهن، جيئن ته ’يلا‘، ’يلي‘، ’داني‘، ’تاداني‘ وغيره.


لفظ ترانوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو