تربيلا ڊئم
تَربيلا بند/تربيلا ڊئم: تربيلا ڊئم مٽيءَ جي ڀرائيءَ سان ٺهيل پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو بند آهي. هيءُ ڊئم اسلام آباد کان پنجاهه ميلن جي پنڌ تي تربيلا جي جاءِ تي، سنڌو درياهه مٿان ٻڌل آهي. هن ڊئم جي اڏاوت جو هڪ خاص پسمنظر آهي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڀارت پاڪستان جي اوڀر وارن درياهن ستلج، بياس، ۽ راويءَ تي پنهنجي ترجيحي حق جي دعويٰ ڪئي ۽ ائين پاڪستان جي زراعت کي هڪ زبردست خطرو لاڳو ٿي ويو. ڪيترن سالن جي ڳالهين کان پوءِ 19 سيپٽمبر 1960ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ درياهن جي پاڻيءَ بابت هڪ ٺاهه ٿيو، جنهن کي ’سنڌ طاس معاهدو‘ سڏيو ويندو آهي. هن ٺاهه جي روشنيءَ ۾ پاڪستان سرڪار ڀارت کان 22 ارب رپيا وٺي راوي، ستلج ۽ بياس جو پاڻي ان کي ڏئي ڇڏيو ۽ جهلم ۽ چناب درياهن جي پاڻيءَ تي پاڪستان جو حق تسليم ڪيو ويو. هن معاهدي کان پوءِ پاڪستان سنڌو درياهه تي تربيلا وٽ هڪ بند بنائڻ جو منصوبو پيش ڪيو. حڪومت پاڪستان، دنيا جي ملڪن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن کي ان ڏس ۾ تعاون جي اپيل ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ورلڊ بئنڪ، 1967ع ۾، تربيلا ڊئم جي اڏاوت جي منظوري ڏني. 14 مئي 1968ع تي بند جي اڏاوتي ڪم لاءِ واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي وچ ۾ 2 ڪروڙ 30 لک آمريڪي ڊالرن جي هڪ ٺاهه تي صحيحون ٿيون. مالي لحاظ کان هيءُ ان وقت دنيا جو سڀ کان وڏو ٺاهه هو. 4 نومبر 1968ع تي بند جي کوٽائيءَ جو افتتاح تڏهوڪي صدر ايوب خان ڪيو. 1968ع ۾ ئي هن بند لاءِ فرانس، ڪئناڊا، برطانيا ۽ اٽليءَ به قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو. تربيلا جي اڏاوت جو ٺيڪو، اٽلي ۽ فرانس جي ٽن ڪمپنين کي ڏنو ويو. 1969ع ۾ سوئٽرزلئنڊ ۽ جرمنيءَ جي ستن ڪمپنين کي به ان ٺيڪي ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جن ڪمپنين کي ٺيڪو ڏنو ويو، تن جي گروپ کي ”ڪنسورشيم“ سڏيو ويو. هن بند جي اڏاوت 1976ع ۾ مڪمل ٿي ۽ 1977ع ۾ ان کي استعمال هيٺ آندو ويو. تربيلا ڊئم جي ڊيگهه 9 هزار فوٽ ۽ اوچائي 485 فوٽ آهي. هن بند جي ڍنڍ اٽڪل 100 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ ان ۾ 1101 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري سگهجي ٿو. تربيلا بند جي ساڄي ڪناري تان ڪڍيل چئن سرنگهن مان هرهڪ جو اندروني قطر 45 فوٽ آهي. انهن سرنگهن مان 41 سؤ ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ هن بند جي پاڻيءَ وسيلي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي.