ترخان

ترخان: هي ترڪ خاندان آهي، کين ترخاني مغل به چون ٿا، جيڪي چغتائين مان آهن. ترخانن سنڌ تي حڪومت به ڪئي آهي. ترخان حقيقت ۾ مغلن جي هڪ پاڙي جو نالو آهي ۽ سنڌ ۾ مغل ۽ ترخان پاڻ کي مرزا سڏائين ٿا. ترخان نالي جو پس منظر بيان ڪندي مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ پير حسام الدين راشدي لکن ٿا ته هڪ دفعي امير تيمور 18 سالن جي ڄمار ۾ پنھنجن مصاحبن سان شڪار تي نڪتو. رستي ۾ سخت مينھن ۽ طوفان جي ڪري رستو ڀلجي پيا. سخت سيارو ۽ اونداهي رات هئي. رستي جي تلاش ۾ ڀٽڪندا رهيا. اوچتو کين جهنگ ۾ ماڻهن جا چند گهر ڏسڻ ۾ آيا. جڏهن گهرن جي ويجهو پھتا ته اتي جا رهاڪو کين چور سمجهي، وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪتا، پر انھن جلد ئي امير تيمور کي سڃاتو ۽ کين پاڻ سان وٺي ويا. ان بعد کين ويھاري، سندن خدمت ۽ مھمانداري ڪيائون. امير تيمور جڏهن 34 سالن جي عمر ۾ بادشاهيءَ تخت تي ويٺو ته انھن ماڻهن کي گهرائي مٿن حد کان وڌيڪ نوازشون ڪري کين ”ترخان“ جو خطاب ڏنائين. جنھن جي معنيٰ آهي ”نوڪريءَ کان معافي ڏنل“، ”مطلق العنان“ يا ”بھادر“. ان کان پوءِ ڄاڻايل قبيلو ”ترخان“ جي لقب ۽ سندس اولاد طور مشھور ٿيو. ٻي روايت موجب جڏهن امير تيمور جي تقتمش خان سان لڙائي ٿي، تڏهن ساڳئي مٿئين قبيلي جو هڪ سردار ايڪوتمر نالي، امير تيمور جي طرف کان وڙهندي مارجي ويو. ان کان پوءِ امير تيمور جي نظر ۾ هن قبيلي جي اهميت وڌي وئي. جنھنڪري کين ”ترخون“ جو لقب ڏنائين، جيڪو اڳتي هلي ”ترخان“ بنجي ويو. سنڌ جا ترخان فرمانروا انھيءَ ”ايڪوتمر“ جي اولاد مان آهن. ترخانه نامه جي مصنف لکيو آهي ته: امير ايڪوتمر، امير تيمور جي اميرن مان هو ۽ تقتمش خان واري جنگ ۾ تيمور طرفان وڙهندي قتل ٿيو هو. انھيءَ قربانيءَ جي طفيل تيمور سندس اولاد کي ”ترخان“ جو خطاب ڏنو. پنجاب ۾ ”ترخان“ واڍي کي چوندا آهن ۽ ان جو اچار ”ترکان“ ڪندا آهن.


لفظ ترخانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو