
ترخانن جا سڪا
ترخانن جا سڪا: سنڌ ۾ سمن جي آخري حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي دور ۾ شاھہ بيگ ارغون خانہ جنگي مان فائدو وٺي سنڌ ۾ ارغون حڪومت جو بنياد وڌو. هن 927ھہ/1520ع ۾ سنڌ ۾ حڪومت قائم ڪئي ۽ 930ھہ/1523ع ۾ گذاري ويو. شاھہ بيگ ارغون کان سندس پٽ مرزا شاھہ حسن بيگ تخت نشين ٿيو ۽ هن چوٽيھہ سال سنڌ تي حڪومت ڪري 12 ربيع الاول 962ھہ/1555ع ۾ وفات ڪئي. ارغون جي دور جو ڪو بہ سڪو نہ مليو آهي، پر سندن دور ۾ بابر مرزا جا جاري ڪيل چاندي جا سڪا جاري ڪيل هئا. مرزا شاھہ حسن بيگ جا آخري ڏينهن فالج ۾ گذريا ۽ اهڙي حالت ۾ سندس امير پاڻ ۾ جهيڙا ڪرڻ لڳا، اهڙي بدامني واري عالم ۾ وجهہ وٺي مرزا عيسيٰ بيگ ترخان اول حڪومت جون واڳون پنھنجي هٿ ڪيون، پر مرزا شاھہ حسن بيگ ارغون جي وفات کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. اهڙيءَ طرح اترئين سنڌ تي (بکر) سلطان محمود حاڪم ٿيو ۽ ڏاکڻين سنڌ (ٺٽي) جو مرزا عيسيٰ خان حاڪم ٿيو. مرزا عيسيٰ ترخان ارغونن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ مرزا شاھہ حسن ارغون جي بيواھہ حاجياڻي ماھہ بيگم (عدت جي مدت ختم ٿيڻ بعد) سان نڪاح ڪيو.
ترخاني دور حڪومت شروع ٿيڻ وقت هڪ سڪو 962ھہ/1555ع ۾ هندستان جي فاتح بابر جي پٽ همايون جي نالي مليو آهي. هن سڪي جي هڪ طرف ”السلطان الاعظم خاقان المڪرم خلدالله تعاليٰ ملڪہ و سلطانہ ضرب 962ھہ“ ۽ وچ ۾ ”غازي محمد همايون“ لکيل آهي، جڏهن تہ سڪي جي ٻئي پاسي ”لاالٰہ الا ﷲ محمد رسول ﷲ“ ۽ چئني ڪنڊن تي ”ابا بڪر صديق، عمر فاروق، علي المرتضيٰ، عثمان العفان“ لکيل آهي. هي سڪو مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود ٻنهي مان ڪنهن جاري ڪرايو، اها ڳالھہ اڃا تحقيق طلب آهي.
همايون بادشاھہ جي مرڻ کان پوءِ جڏهن اڪبر بادشاھہ جو دور شروع ٿيو تہ مرزا عيسيٰ سنڌ ۾ خودمختيار ٿي، ٺٽي جي ضرب خاني مان پنھنجي نالي سان هڪ سڪو جاري ڪيو، جيڪو اڄ تائين ڏسڻ ۾ نہ آيو آهي. البته ٺٽي مان اهڙا ٽامي جا سڪا هٿ آيا آهن، جن جي هڪ پاسي ٻن ٽارين تي پکي ڏيکاريل آهي ۽ ٻئي پاسي ”ضرب فلوس بلده تته 972“ لکيل آهي. مرزا عيسيٰ جي حڪومت 973ھہ/1565ع تائين رهي. ان مان ظاهر آهي تہ هي سڪا مرزا عيسيٰ جا جاري ڪرايل آهن. اها حقيقت آهي تہ اهي ساڳيا سڪا مرزا عيسيٰ جي پٽ مرزا باقي جي دور حڪومت ۾ بہ رائج هئا. مرزا جاني بہ پنھنجي دور ۾ ٺٽي جي ضرب خاني مان سڪا جاري ڪيا.