
ترخان مرزا جاني بيگ جو مقبرو
ترخان، مرزا محمد جاني بيگ (992ھہ/1585 کان 1009ھہ/1601ع ):مرزا محمد باقي ترخان جڏهن خودڪشي ڪئي. ان بعد حڪومت جو حق مرزا پائينده بيگ ترخان کي مليو، پر هو مجذوب هو، ان ڪري اميرن سندس فرزند مرزا محمد جاني بيگ ترخان کي ڏاکڻي سنڌ جو حڪمران بڻايو. هي واقعو سن 992ھہ/1584ع جو آهي. مرزا جاني بيگ جي حڪمرانيءَ جا ٻہ دور آهن. هڪ دور 993 ھہ/ 1585ع کان شروع ٿي سن 1000ھہ/ 1591ع تي ختم ٿئي ٿو. جڏهن هيٺينءَ سنڌ کي اڪبر جي لشڪر فتح ڪيو ۽ سڄي سنڌ مغل شهنشاهت جو حصو بنجي وئي، هتان کان مرزا نيم خودمختيار ۽ مغل امير جي حيثيت ۾ سنڌ جو اڳواڻ بنيو. سندس هي ٻيو دور سڄي جو سڄو سنڌ کان ٻاهر گذريو، تان جو هي سن 1009ھہ/ 1601ع ۾ هندستان ۾ فوت ٿيو ۽ اتان سندس لاش کڻي اچي مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيائون.
جاني بيگ جو پهريون دور صرف ستن سالن تي محدود رهيو، ان دور ۾ هو هيٺينءَ سنڌ جو حقيقي معنيٰ ۾ آزاد حڪمران هو. ليڪن هن زماني ۾ سيوهڻ کان سنڌ جو مٿيون اڌ اڳ ۾ ئي مغلن جي حوالي ٿي چڪو هو. اتر سنڌ جو بدنام حاڪم سلطان محمود بکري جڏهن وڏيءَ عمر ۾ اٺين صفر 982ھہ بمطابق 30 مئي 1574ع تي فوت ٿيو. تڏهن هي عمل مڪمل ٿيو ۽ اتر سنڌ مغلن جي حوالي ٿي وئي. جڏهن جاني بيگ ٺٽي ۾ مسند نشين ٿيو، تڏهن هيٺينءَ سنڌ تي بہ مغلن جون نگاهون هيون، پر اهي مناسب موقعي جي تلاش ۾ هئا. ان ريت جاني بيگ کي اٽڪل ست سال آزاد حيثيت ۾ ٺٽي تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
مرزا جاني بيگ اهي ست سال ارغونن ۽ ترخان اميرن جي دلجوئي ڪندي گذاريا. مرزا باقي ترخان جيڪي ظلم ڪيا، هن انهن جي ازالي جي ڪوشش ڪئي. مرزا نهايت عقلمند، ملڪي معاملن کان باخبر ۽ هڪ زيرڪ سياستدان هو. کيس ننڍي عمر ۾ ٺٽي جي حڪمراني ملي هئي. سنڌ سطح تي جن حالتن سان کيس منهن ڏيڻو پيو. مرزا جاني بيگ واقعي ڀاڳ وارو حاڪم هو، جنهن کي انهن حالتن کان فراغت ملي هئي. پاڻ دلجمعيءَ سان ترخانن کي آباد ڪيائين. سندن منصب بحال ڪري، کين جاگيرون ڏنائين ۽ وري پنهنجن عهدن تي مقرر ڪري سرفراز ڪيائين. سنڌي عوام بہ وڏيءَ حد تائين سڪو ن جو ساھہ کنيو. ان امن ۽ سڪون واري دور ۾ جاني بيگ سنڌ ۾ پنهنجو سڪو جاري ڪيو ۽ ان جو نالو ”ميري“ رکيو. انهيءَ سڪي جي قيمت البت مرزا عيسيٰ جي سڪي ”عيسائي“ کان گهٽ هئي. ان هوندي بہ جاني بيگ جو پنهنجو سڪو جاري ڪرڻ، خود سندس حڪومت جي استحڪام جي علامت هو.
مرزا جاني بيگ حڪومت جا ست سال مس پورا ڪيا هئا، جو اڪبري لشڪر اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو. هي اهو زمانو هو، جڏهن هندي مغل روزبروز پنھنجي سلطنت کي وڌائي رهيا هئا. بکر اڳ ۾ ئي مغلن جي قبضي ۾ هو، وقت اچي ويو هو تہ سنڌ جو رهيل حصو بہ مغل والارين. اڪبر بادشاھہ سن 998ع ۾ لاهور ۾ هو، جو حڪم ٿيو تہ مرزا جاني بيگ تي حملو ڪيو وڃـي ۽ ٺٽي کي مغل شاهي حدن ۾ شامل ڪيو وڃي. ان جي پس منظر ۾ مير معصوم بکريءَ لکيو آهي تہ ”ايتري ۾ بادشاھہ جي غيرت واري رڳ جنبش ۾ آئي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن بادشاهي بخت جي هماءَ لاهور جي تخت گاھہ تي پنهنجيءَ منزل جو پاڇو وڌو، تڏهن مرزا جاني بيگ، مرزا شاھہ حسن جي دستور جي پيروي ڪري اطاعت جا فرض بجا نہ آندا، بلڪ خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو.
هن مھم لاءِ عبدالرحيم خان خانان کي مقرر ڪيو ويو. بکر جو علائقو کيس جاگير ۾ ڏنو ويو. درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊڪو پرڳڻو مير معصوم کي مليا. مير معصوم هن مھم ۾ شريڪ ٿيو. خان خانان 14 صفر 999 ھہ/ 1590ع تي سنڌ لاءِ روانو ٿيو. ان کان اڳ بادشاھہ محمد صادق خان کي مقرر ڪيو هو، جو شڪست کائي موٽيو هو. خان خانان ضروري تيارين بعد 999 ھہ/1590ع ۾ لاهور مان نڪتو. جنهن جي تاريخ فيضيءَ ”قصد تته“ مان ڪڍي. مغلن کي جاني بيگ جي طاقت ۽ سنڌ ۾ مقبول هجڻ جو احساس هو. ان ڪري ٺٽي جي فتح لاءِ وڏي پيماني تي تياري ڪئي وئي هئي. عبدالرحيم خان خانان ۽ مير معصوم کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجاھہ نامور امير، بھادر سپاهي ۽ جنگي جوڌا، سنڌ جي فتح لاءِ چونڊيا ويا. ان کان سواءِ ڪجهہ روحاني بزرگن جي دعا ۽ مدد بہ حاصل ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا. هڪ سال تائين مقابلا ٿيندا رهيا. ٻنهي طرفن جا جوڌا مارجي ويا. وڏي پيماني تي مال ۽ ملڪيت جي بربادي ٿي. ملڪ ۾ افراتفري پيدا ٿي، نہ تہ ڪو کٽي پيو سگهي ۽ نہ وري ڪو هارائي پيو سگهي. ان حالت ۾ مرزا جاني بيگ تنگ ٿي صلح لاءِ هٿ وڌايو. هيءُ صلح انڙپور ۾ 26 محرم 1000ھہ بمطابق 17 آگسٽ 1591ع تي ٿيو. ان بعد خان خانان فوجي محاصرو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان ٺاھہ کي فتح سان منسوب ڪري، ٺٽي ۾ چراغان ڪرايو ويو. مرزا جاني بيگ 24 جمادي الثاني 1001ھہ بمطابق 1592ع تي وڃي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
بادشاھہ جو خيال هو تہ سنڌ تي پنهنجو گورنر مقرر ڪري، البته خان خانان جي سفارش تي اڪبر بادشاھہ، ٺٽو جاني بيگ جي حوالي ڪيو. سيوهڻ ۽ لاهوري بندر مرڪزي ڪنٽرول ۾ ڏنا ويا. جڏهن تہ جاني بيگ کي بادشاھہ پاڻ وٽ رکيو ۽ مرزا حڪومت جي سنڀال لاءِ ٻين ترخاني اميرن سان گڏ مرزا خسرو چرڪس کي ٺٽي جي انتظام لاءِ روانو ڪيو. جاني بيگ باقي زندگي اڪبر بادشاھہ جي حڪم موجب، ساڻس گڏ رهيو. مير معصوم لکيو آهي تہ ”خان خانان جي عرض ڪرڻ تي حضرت، جاني بيگ سان نهايت لطف ۽ مهربانيءَ سان پيش آيو ۽ ٺٽي جو ملڪ سندس حوالي ڪيو ۽ جاني بيگ حضرت جي خدمت ۾ رعايت ۽ اعتماد حاصل ڪري، پنج هزاري منصب سان سرفراز ٿيو. مٿس حضور جي ڏاڍي مهرباني ۽ توجھہ ٿيو. ان حد تائين جو اڪبر پنھنجي پوٽي خسرو شاھہ کي جاني بيگ جي داماديءَ لاءِ مقرر ڪيو“. مرزا جاني بيگ جي وفات 27 رجب 1009ھہ/1601ع تي دکن ۾ ٿي ۽ سندس لاش آڻي ٺٽي جي تاريخي قبرستان ”مڪليءَ“ تي دفن ڪيو ويو.
1601.00.00 عيسوي
مرزا جاني بيگ جي وفات 27 رجب 1009هه/1601ع تي دکن ۾ ٿي