ترخان مرزا غازي بيگ

ترخان مرزا غازي بيگ

ترخان مرزا غازي بيگ

ترخان، مرزا غازي بيگ: سن 1009هه بمطابق 1600ع ۾ جڏهن مرزا جاني بيگ ترخان فوت ٿيو، تڏهن اڪبر بادشاهه حڪم جاري ڪيو ته مرزا غازي بيگ بدستور ٺٽي جو حاڪم ٿي رهندو. غازي بيگ ان وقت ننڍو هو. تنهنڪري حڪومت جا سڀ ڪاروبار پراڻا امير ۽ خاص ڪري خسرو چوڪس هلائيندو رهيو. ٻئي طرف نصرپور صوبي ۾ بيگلارن جو خاندان طاقتور هو. آهستي آهستي ٿي غازي بيگ ۾ اعتماد پيدا ٿيندو ويو ۽ هن هڪ هڪ ڪري پراڻن اميرن کي ختم ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. انهن ۾ خان زمان جي پٽ مير ابوالقاسم سلطان بيگلار جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. خان زمان جيتوڻيڪ ڪراڙو هو، پر اڃا زنده هو. غازي بيگ جڏهن پراڻن اميرن مان جند ڇڏائڻ جي رٿابندي ڪئي، تڏهن سندس گهڻو ڌيان مير ابوالقاسم سلطان بيگلار ڏانهن ويو. آخر ڳالهه اتي وڃي پهتي، جو ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهه جي نوبت اچي پهتي.
ان وقت صورتحال جي نزاڪت ڏسي، خان زمان خلوت مان نڪري، مرزا غازيءَ جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. صلح جي ڪوشش ڪري ٻنهي ڌرين کي ويجهو آندائين. پٽ لاءِ جان جي امان حاصل ڪري، مصحف شريف تي واعدو وٺي، کيس اچي مرزا غازيءَ جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. مرزا غازي رسمي طرح صلح ڪيو، مگر دل ۾ اڃا غير هوس. راشدي صاحب لکي ٿو: ان صلح بعد اڃا مرزا غازي اتي ئي منزل انداز هو، جو هڪ ڏينهن ڏانهس لکي موڪليائين ته ”چنيسر نامه“ کڻي اچ ته مجلس ڪريون. مير ابوالقاسم مصحف وچ ۾ آڻڻ سبب ڌوڪي ۾ اچي ويو. هن اعتماد ڪيو ۽ تن تنها ڪتاب کڻي روانو ٿيو. جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نديءَ جي وچ تي پهتو، تڏهن اوچتو مٿس حملو ڪري، کيس سوگهو ڪري، سندس اکيون ڪڍيون ويون. ان کان پوءِ کيس قيد ڪري ٺٽي بنديخاني ۾ موڪليو ويو. اڳتي هلي اهو انڌو مڙس جيل مان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر وري گرفتار ٿيو ۽ پوءِ خسرو چوڪس جي سفارش تي آزاد ٿيو ۽ سمورو وقت نصرپور ۾ گذاري، سن 1039هه/1629ع ۾ وفات ڪري ويو.
مرزا غازي بيگ جو ٻيو معرڪو ۽ زور آزمائي خسرو چرڪس سان ٿي، ليڪن ان ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي سگهي. مرزا ٺٽي ۾ بغاوتن کي منهن ڏئي رهيو هو ته اڪبري درٻار مان بابا طالب اصفهاني کيس وٺڻ لاءِ پهتو. هڪ سال جو وقت گذريو، مگر غازي بيگ کي شاهي درٻار ۾ رواني ٿيڻ جي وٿي نه ملي. مٿان وري ويهه هزار لشڪر ڏئي، سعيد خان چغتائيءَ کي موڪليو ويو. گڏوگڏ ابوالقاسم نمڪين کي به حڪم ٿيو ته سعيد خان جي مدد ڪئي وڃي. بادشاهه درٻار ۾ مرزا خسرو (چرڪس) کي به ساڻ وٺي اچڻ جو تاڪيد ڪيو هو، مگر حالتن جي تقاضا هيٺ ائين نه ٿي سگهيو. مرزا غازي بيگ، 1012هه/ 1603ع ۾ شاهي درٻار ۾ پهتو. اڪبر 13 جمادي الثاني 1014هه (25 آڪٽوبر 1605ع) تي فوت ٿيو. بادشاهه جهانگير تخت نشين ٿيو. ٺٽو بدستور ترخانن جي حوالي رهيو. ستت ئي قنڌار ۾ شورشون ٿيون. جنهن لاءِ مرزا غازي بيگ کي مقرر ڪيو ويو. مرزا غازي اتي سن 1021هه/1612ع تائين رهيو، پوءِ اتي وفات ڪيائين ۽ سندس لاش ٺٽي پهتو. ان ريت ٺٽي بلڪ سنڌ تي ترخانن جي سڌي ۽ اڻ سڌي حڪمراني ختم ٿي. ان کانپوءِ سموري سنڌ هندي مغلن جي قبضي ۾ اچي وئي.
مرزا غازيءَ جو دور ادبي طرح اهميت رکي ٿو. هن دور ۾ ادراڪي بيگلاري سن 1010هه بمطابق 1601ع ۾ سنڌ ۾ هڪ عشقيه داستان فارسيءَ ۾ ”مثنوي چنيسر نامه“ لکي، جا مير ابوالقاسم سلطان بيگلار ڏانهن منسوب ٿي. اها مثنوي ”سنڌي ادبي بورڊ“ 1956ع ۾ سيد حسام الدين راشديءَ جي ايڊيٽنگ سان ڇپي آهي. ساڳئي مصنف فارسي نثر ۾ ”بيگلارنامه“، 1017هه/1608 ۾ لکيو.
مرزا غازي بيگ خود به شاعر هو. ابتدا ۾ ”غزالي“ ۽ ”وقاري“ تخلص رکيائين. هن فارسيءَ ۾ هڪ ديوان مڪمل ڪيو هو. رباعيون به چيائين ۽ ”ساقي نامه“ به لکيائين. سندس ادبي ذوق ۽ شعر سخن سان محبت ۽ عشق جو تذڪرو، هندي تذڪري نويسن کان ايراني ليکڪن تائين ڪيتري مصنفن ڪيو آهي.
مرزا غازي بيگ سياستدان ۽ ڪامياب سفارتڪار هو. هڪ طرف جهانگير کيس نهايت قريب رکندو هو ۽ ٻئي طرف ايران جو صفوي بادشاهه شاهه عباس (985هه/ 1577ع- 1038هه/ 1628ع) به مٿس اعتماد ڪندو هو.
تاريخدانن جو رايو آهي ته سنڌ ۾ غازي بيگ جو دور حقيقي معنيٰ ۾ خسرو چرڪس جو دور هو. هو صحيح طور خودختيار حاڪم هو. مرزا کيس مارائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ان ۾ ناڪام ٿيو. کيس بيدخل ڪرڻ جو جتن ڪيائين ته ان ۾ به ناڪام ٿيو. وري آخري مرحلي تي قنڌار مان سندس معزوليءَ جو حڪم جاري ٿيو ته مورڳو مرزا غازي بيگ جي زندگي پوري ٿي وئي. آخرڪار جڏهن غازي بيگ فوت ٿيو ته وري به سنڌ تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪيائين. مرزا باقيءَ جي پڙپوٽي عبدالعلي ترخان کي حاڪم بنائي، پاڻ اصل معنيٰ ۾ عملدار ٿي ويٺو، ليڪن جهانگير هڪدم مرزا رستم کي ڪثير لشڪر سان ٺٽي موڪليو، جنهن عبدالعلي ترخان ۽ خسرو کي گرفتار ڪري هندستان روانو ڪيو. هاڻي مڪمل طور تي سنڌ مغلن جي اثر رسوخ ۾ اچي وئي. خسرو دانا، دلير، علم پرور ۽ عالمن جو قدردان هو. ٺٽي ۾ اڄ به دابگير مسجد سندس ياد کي تازو ڪري ٿي. خسرو سن 1022هه/1613ع ۾ قيد ٿيو ۽ سن 1028هه/1618ع ۾ اجمير ۾ فوت ٿيو. خواجه معين الدين چشتيءَ جي مقبري جي احاطي ۾ دفن ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو