ترقي پسند تحريڪ ۽ ادب

ترقي پسند تحريڪ ۽ ادب (پس منظر ):1933ع ۾ جرمنيءَ ۾ هٽلر جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ فاشزم جي وڌندڙ خطرن سڄيءَ دنيا جي روشن خيال ۽ انسان دوست اديبن کي ڇرڪائي ڇڏيو ۽ هنن جولاءِ 1935ع ۾ پئرس شهر ۾ ”ڪلچر جي تحفظ لاءِ“ سڄي دنيا جي اديبن جي هڪ ڪانگريس سڏائي، هن ڪانگريس جي سڏائيندڙن ۾ هينري بابرس، مئڪسم گورڪي، رومين رولان، ٽامس مان، آندري مارلو ۽ والڊو فرينڪ جهڙيون عالمي شهرت رکندڙ هستيون شامل هيون، هي پهريون ڀيرو هو، جو دنيا جا سمورا ترقي پسند خيال رکندڙ اديب هڪ تحريڪ جي صورت ۾ متحد ٿيا. هن ڪانفرنس ۾ طئه ڪيو ويو ته اديب ۽ شاعر کي ذات ۽ داخليت مان نڪري، انسان جي گڏيل مفادن، تهذيب ۽ ڪلچر جي اعليٰ قدرن جي تحفظ لاءِ رجعت پسند قوتن جي سامهون اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي ادب ۽ فن کي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪرڻ گهرجي، ان موقعي تي اديبن ڏانهن هڪ اپيل پڻ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته:
”اي قلمڪارساٿيو! موت جي خلاف زندگيءَ جو ساٿ ڏيو، اسان جو قلم، اسان جو فن ۽ اسان جو علم موت جو سڏ ڏيندڙ قوتن خلاف رڪجڻ نه گهرجي، جيڪي انسانيت جي نڙيءَ تي نَنهن ڏين ٿا، جيڪي پئسن جي ٻل تي حڪومت ڪن ٿا، جيڪي ڪارخانيدارن ۽ شاهوڪارن جي آمريت قائم ڪن ٿا ۽ نيٺ فاشزم جا مختلف روپ ڌاري سامهون اچن ٿا، سي اهي ئي طاقتون آهن، جيڪي معصوم انسانن جو رت چوسين ٿيون.“
1936ع ۾ لنڊن ۾ ترقي پسند تحريڪ جو بنياد پيو، انهيءَ زماني ۾ ئي هندستان جي ترقي پسند اديب سجاد ظهير يورپ ۾ رهائش دوران رالف فاڪس ۽ لوئي آراگون، جهڙن اديبن سان ملاقات ڪئي، ساڻن ترقي پسند تحريڪ هلائڻ ۽ هندستان ۾ ان کي وڌائڻ بابت مشورا ڪيا. فرانس جي اعليٰ اديب، آراگون ترقي پسند اديبن جي جماعت ٺاهڻ لاءِ صلاح ڏني، جنهن ۾ ٻه ڳالهيون ذڪر جوڳيون هيون: (1) هن تحريڪ ۾ مختلف خيال رکندڙ ترقي پسند اديبن کي شامل ڪرڻ گهرجي، جن ۾ ڪميونسٽ خيال وارن اديبن ۽ ٻين محب وطن ۽ پراڻن اديبن جو به سهڪار حاصل هجي. (2). اديبن ۽ ليکڪن جي جماعت منظم ڪرڻ آسان ڪم ناهي، ان ڪري صبر، سهپ ۽ وسيع نظر سان ڪم وٺڻ سان ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي.
اهڙيءَ طرح لنڊن ۾ هندستاني ترقي پسند اديبن 1935ع ۾ پنهنجي تحريڪ جو پهريون مينيفيسٽو/ منشور تيار ڪيو، جنهن تي ڊاڪٽر ملڪ راج آنند، سجاد ظهير، ڊاڪٽر جيوتي گهوش، ڊاڪٽر ڪي.ايس.ڀٽ، ڊاڪٽر ايس. سنها ۽ ڊاڪٽر محمد دين تاثير جون صحيحون هيون.
ياد رهي ته انهيءَ دور ۾ سنڌ جو ترقي پسند اديب حشو ڪيولراماڻي، ”اديبن جي مجلس“ جو لنڊن ۾ صدر هو ۽ چيو وڃي ٿو ته ان جا ترقي پسند تحريڪ جي سلسلي ۾ مٿي ڄاڻايل اديبن سان رابطا هئا.
ترقي پسند اديبن جي مينيفيسٽو جو تت هيٺ ڏجي ٿو:
”هندستاني سماج ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، پراڻن خيالن ۽ عقيدن جون پاڙون لڏي رهيون آهن ۽ هڪ نئون سماج جنم وٺي رهيو آهي، ان ڪري اديبن جو فرض آهي ته مقامي زندگين ۾ ٿيندڙ تبديلين کي لفظن ۽ هيئت جو لباس پارائين ۽ ملڪ کي تعمير ۽ ترقيءَ جي رستي تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، هندستاني اديب قديم تهذيب جي تباهيءَ کان پوءِ حقيقت کان ڀڄي رهبانيت ۽ ڀڳتيءَ ۾ پناهه ورتي آهي، نتيجي طور اهو ادب بي روح ۽ بي اثر ٿي ويو آهي، عقل ۽ فڪر کي گهڻي ڀاڱي رد ڪيو ويو آهي، گذريل ٻن صدين جو ادب اسان جي تاريخ جي زوال پذيريءَ جو نمونو آهي. هن تنظيم جو مقصد آهي ادب ۽ ٻين لطيف فنن (Fine Arts) کي پوڄارين، پنڊتن ۽ قدامت پرستن جي هڪ هٽيءَ کان ڇڏائي، انهن کي عوام آڏو آڻي زندگيءَ ۽ حقيقت نگاريءَ جو آئيني دار بڻايو وڃي، اسان هندستان جي قديمي روايتن جي حفاظت ڪندي تخليقي ۽ تنقيدي انداز سان ڳالهه کي بيان ڪنداسين، اسان جو عقيدو آهي ته هندستان جي نئين ادب کي اسان جي موجوده زندگيءَ جي حقيقتن جو احترام ڪرڻ کپي ۽ ان رستي اسان بک، بدحاليءَ، سماجي پسماندگيءَ ۽ سياسي غلاميءَ کي سمجهي سگهنداسون ۽ اسان ۾ انقلابي روح سجاڳ ٿيندو، پر اها ڳالهه جيڪا ڏڦيڙ ۽ انڌي تقليد طرف وٺي وڃي ٿي، اها قدامت پسندي آهي ۽ جيڪا ڳالهه روايتن کي عقل ۽ ادراڪ جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لاءِ اُڀاري، اسان ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي سگهه پيدا ڪري ٿي، اها ترقي پسندي آهي، انهن مقصدن کي آڏو رکي ترقي پسند اديبن جي تنظيم هيٺيون رٿون پاس ڪري ٿي:
1. هندستان جي ڌار ڌار زبانن تي بنياد رکندڙ صوبن/ رياستن ۾ اديبن جون انجمنون قائم ڪري ملڪ جي مرڪزي تنظيم ۽ لنڊن ۾ قائم ٿيل تنظيم سان لاڳاپا قائم ڪرڻ.
2. اهڙين ٻين ادبي تنظيمن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ، جيڪي انجمن جي مقصد کي ويجهو هجن.
3. ترقي پسند ادب جي تخليق ۽ ترجمي کي هٿي ڏيڻ.
4. سوچ ۽ فڪر ۽ خيال جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
5. اديبن جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ وغيره.
اهڙيءَ طرح اپريل 1936ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي پهرين ڪانفرنس لکنؤ ۾ ٿي، جنهن ۾ مدراس، گجرات، مهاراشٽر، پنجاب، سنڌ، بهار ۽ يو پيءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي، شاگردن، دفترن ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن، استادن، وڪيلن، ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ پارٽين جي ادب سان شوق رکندڙ فردن ۽ اديبن جي وڏي انگ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، منشي پريم چند ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي هن صدارتي خطبي ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي اهميت ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ چوڌري محمد علي، ڊاڪٽر عبدالعليم، مولانا حسرت موهاني، ساغر نظامي، محمود الظفر، فراق گورکپوري ۽ ڪيترن ٻين اديبن شرڪت ڪئي، سنڌ مان ڪنهن شرڪت ڪئي، ان بابت ڪا واضح صورتحال معلوم نه ٿي ٿئي، پر امڪان آهي ته حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد امين کوسي وغيره مان ڪنهن ان ۾ ضرور شرڪت ڪئي هئي، اهڙا اشارا سجاد ظهير ۽ ٻين جي لکڻين مان ملن ٿا.
1936ع ۾ ترقي پسند مصنفين هند جو هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ انجمن جي متن سان گڏ ادب جي ترقي پسند روح جي نمائندگي ڪندڙ سمورا مقصد شامل هئا ۽ طئه ڪيو ويو ته ترقي پسند مصنفين جي مدد سان جلسا ڪيا ويندا ۽ ادب ڇپايو ويندو. ترقي پسند ادب بابت مضمون لکندڙن ۽ ترجمي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، آزاد راءِ ۽ آزاد خيال کي وڌايو ويندو.
1937ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي الهه آباد ڪانفرنس مولوي عبدالحق جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مشهور بنگالي شاعر ٽئگور پنهنجو پيغام ڏياري موڪليو.
انجمن ترقي پسند مصنفين جي ٻي ڪل هند ڪانفرنس 1938ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿي، هن ڪانفرنس ۾ آسام، اڙيسا، آنڌرا، تامل ناڊو، گجرات، مهاراشٽر، پنجاب، سنڌ وغيره مان اديبن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ علي سردار جعفري، ڪرشن چندر، مجاز، رضيه سجاد ظهير ۽ ٻين ڪيترن اديبن شرڪت ڪئي. انجمن ترقي پسند جي اديبن جي دهلي ڪانفرنس 1942ع ۾ ٿي، جنهن موقعي تي جوش مليح آبادي، ساغر نظاميءَ ۽ مجاز لکنويءَ جا حمايتي بيان وڏي شَد مَد سان اخبارن ۾ شايع ٿيا، انجمن ترقي پسند مصنفين جي چوٿين ڪل هند ڪانفرنس 1942ع ۾ بمبئيءَ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ سمورين ٻولين جي نمائندن شرڪت ڪئي، اهڙيءَ طرح 1945ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ اردوءَ جي ترقي پسند اديبن جي ڪل هند ڪانفرنس ٿي، 1949ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ڀوپال جي پهرين ڪل هند ڪانفرنس 25 کان 29 جنوري 1949ع تائين ٿي گذري، جنهن جو افتتاحي خطبو سيد سليمان ندويءَ پڙهيو، مئي 1949ع ۾ بمبئيءَ جي ڀيمڙي علائقي ۾ ترقي پسند اديبن جي ڪل هند ڪانفرنس 27، 28، 29 مئي 1949ع تي ٿي، جنهن ۾ هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن کي 8 مارچ 1953ع ۾ ڪل هند ترقي پسند انجمن جي ڇهين اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو.
سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر: سنڌي ادب به ترقي پسند تحريڪ کان نه رڳو متاثر رهيو، پر مجموعي طرح سنڌي ادب خاص ڪري شاعري ڪلاسيڪي دور کان وٺي ترقي پسند روين ۽ لاڙن جي حامل رهي آهي، شاهه لطيف جي شاعري پنهنجي دور جي جاگيرداري لاڙن جي مخالف هئي، 1920ع کان سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو نالو ترقي پسند ۽ جديد خيالن جو حامل نظر اچي ٿو، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻين سينيئر اديبن سنڌي ادبي سرڪل قائم ڪيو، جنهن ۾ 1941-1942ع ڌاري رام پنجواڻي، لعلچند امر ڏني مل، شيخ اياز ۽ ٻين اديبن حصو ورتو. انهيءَ سرڪل اڳتي هلي، سنڌي ادبي سنگت جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن جي باقاعدي تنظيم ڪاري ورهاڱي کان اڳ اپريل 1947ع ۾ ٿي، جنهن جو پهريون سيڪريٽري گوبند مالهي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز هو. هن تنظيم ورهاڱي کانپوءِ سنڌ سطح جي ادبي جماعت جو روپ ورتو. هن ادبي جماعت ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀي گيانچنداڻي، اي. جي. اتم، بهاري لعل ڇاٻڙيا، موتيرام رامواڻي، محمد ابراهيم جويي، منگها رام ملڪاڻي، سندري اتمچنداڻي ۽ ٻين اديبن ان وقت حصو ورتو.
1949ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي پهرين ڪل پاڪستان ڪانفرنس 11 کان 13 نومبر 1949ع ۾ لاهور ۾ ٿي، جنهن ۾ لاهور، پشاور، ملتان، ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان اديبن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ورهاڱي جي ڪاري وار سبب سنڌ جي سنڌي اديبن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي هئي، پر ترقي پسند سوچ وارن ڪجهه اديبن انجمن ترقي پسند مصنفين جماعت ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1954ع ۾ ترقي پسند مصنفين تنظيم تي سرڪار پاران پابندي وِڌي وئي، انهيءَ عرصي ۾ سنڌي اديبن هڪ ڀيرو ٻيهر ماٺي ٿيل سنڌي ادبي سنگت کي ڪراچيءَ ۾ جياريو، احسان بدوي، نور الدين سرڪي، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو وغيره ميٺارام هاسٽل ۽ ٻين هنڌن تي گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا. 1956ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي 12 شاخن جو ڪنوينشن سڏايو ويو، جتي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي تنظيم ڪاري سان گڏ آئين پاس ڪيو ويو. اُن جو پهريون سيڪريٽري جنرل اياز قادري چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌي ادبي سنگت اڄ تائين پنهنجو سفر جاري رکندي اچي پئي، جنهن جي سيڪريٽري جنرلن ۾: شمشير الحيدري، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، تاج بلوچ (قائم مقام)، تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، شمس سومرو، ممتاز بخاري (قائم مقام)، مختيار ملڪ، ذوالفقار سيال ۽ يوسف سنڌي شامل آهن.
سنڌي ادبي سنگت ون يونٽ دور کان وٺي اڄ تائين پنهنجي روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ سان اڳتي وڌي رهي آهي. ون يونٽ خلاف سنڌي ادبي سنگت جو تاريخي ڪردار رهيو آهي. سنڌي تعليم ۽ ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن تي سنڌي ادبي سنگت ڀرپور جدوجهد هلائي آهي. ان طرح سنڌي ادبي سنگت لڳاتار سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ تهذيب جي بقا لاءِ جاکوڙيندي رهي آهي. سنگت جي پليٽ فارم تي سمورا روشن خيال قومپرست، جديد سوچ رکندڙ ۽ ترقي پسند اديب متحد آهن. سنگت جي تنقيدي اجلاسن ترقي پسند ادب جي واڌاري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ سنڌ جو ترقي پسند جديد ادب پنهنجي اعليٰ انساني قدرن ۽ ترقي پسند فڪر ذريعي دنيا جي ادب ۾ پنهنجو خاص مقام رکي ٿو.
1965ع ڌاري پاڪستان جي سمورين قومن جي اديبن ”عوامي ادبي انجمن“ قائم ڪري ان جو منشور ٺاهيو هو، جنهن تي فيض احمد فيض، شيخ اياز، اجمل خٽڪ، محمد ابراهيم جويي، جوش مليح آبادي ۽ ٻين ترقي پسند اديبن جون صحيحون آهن. ان ئي دور ۾ شيخ اياز جي جڳ مشهور نظم ”هي سنگرام... سامهون آ نارائڻ شيام“ جي خلاف رحجت پسند اديبن مخالف ۽ تنقيد جو طوفان کڙو ڪيو، جنهن تي سنڌي ۽ اردو ترقي پسند اديبن هڪ پمفليٽ صحيحن سان جاري ڪري، شيخ اياز جو دفاع ڪيو هو. ان ئي دور ۾ رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“ ڪتاب ۽ غلام محمد گرامي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رحجانات“ مقالو لکي ترقي پسند ادب جو دفاع ڪيو هو.
پاڪستان جي ترقي پسند مصنفين 1986ع ۾ پهريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ ترقي پسند ڪانفرنس ڪوٺائي، پر ملڪ گير تنظيم جي جوڙجڪ نه ٿي سگهي، ڪجهه سالن کان پوءِ تازو پاڪستان جا ترقي پسند اديب ڪافي سرگرمي ڏيکاري رهيا آهن، ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت پنهنجي 100 کان وڌيڪ شاخن سميت سنڌي ادب جو ترقي پسند سفر جاري رکندي پئي اچي، سنڌي ادبي سنگت جي منشور جا بنيادي نڪتا هي آهن: ”پاڪستان جي گڏيل ثقافتي ترقي، سمورين قومي ثقافتن تي مدار رکندڙ آهي، پاڪستان چئن قومن جو مجموعو آهي، اسان ادب جي افاديت ان جي سماجي اهميت ۽ عظيم انساني قدرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي تاريخي اهميت کان بخوبي واقف آهيون، اسان ادب کي وندر ۽ ذهني عياشي نه، پر انسان جي ترقي ۽ عالمي امن کي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو سمجهون ٿا، اسان کي سنڌي زبان جي عظيم ۽ منفرد ڪلاسيڪي ورثي تي فخر آهي، اسان سمجهون ٿا ته جديد دور جا اديب، پنهنجي ادبي ورثي جو اڀياس ڪري، پنهنجي شاندار روايتن کي ساڻ کڻي اڳتي وڌي سگهن ٿا، اسان دنيا ۾ هر قسم جي ڦرلٽ، ظلم ۽ زبان جي پابندين جا مخالف آهيون“ وغيره.
ترقي پسند سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سرجاءَ ۾ برڪت آزاد، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، اي. جي. اتم، شيخ اياز، سوڀي گيانچنداڻي، گوبند مالهي، ارجن شاد، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، سراج، نورالدين سرڪي، امر جليل، احسان بدوي، موتي پرڪاش، موهن ڪلپنا، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، امداد حسيني، مير محمد پيرزادي، عبدالحڪيم ارشد، علي بابا، تاج بلوچ، قاسم پٿر، انور پيرزادي، ف. م. لاشاري، بدر ابڙي ۽ ٻين اديبن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. سندن ڪتاب ۽ تحريرون شاهد آهن ته سنڌي ادب هميشه ترقي پسند سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو